هندستاني ليکڪن ۾ خوشونت سنگهه اهڙو نالو آهي جنهن کان ننڍي کنڊ ۾ شايد ئي ڪو پڙهندڙ واقف نه هجي. هو لکڻ ۾ بيباڪي ۽ نرالي انداز جي ڪري مشهور آهي. ان کانسوا هن جي شهرت جا ٻيا به ڪيترائي حوالا آهن. هن کي “The dirty old man of Delhi” جهڙا ٻيا به ڪيترائي لقب مليا. سنگهه ڪيترن ئي موضوعن تي بيباڪيءَ سان لکيو، انهن ۾ وري جنس، مذهب، شاعري، سياست، فلسفو وغيره هن جي پسند جا موضوع رهيا.
سن 2013ع وائڪنگ، پينگوئن بوڪس هن جو ڪتاب “خوشونت ناما: دي ليسنز آف ما لائيف” ڇپرايو. هن ڪتاب ۾ هن جا مختلف موضوعن تي لکيل مضمون ڏنل آهن. ڪتاب جو نائون باب لکڻ ۽ ڇپائيءَ جي حوالي سان آهي، جنهن کي هن “دي بزنس آف رائيٽنگ” جو عنوان ڏنو آهي.
ان مضمون ۾ هو لکي ٿو: “ليکڪن ۽ پبلشرن جي دنيا غيرمعمولي حد تائين بدلجي چڪي آهي. هندستان ۾ انگريزيءَ ۾ لکڻ جو بنياد رکندڙ ملڪ راج آنند، آر ڪي نرواڻ ۽ راجا رائو وارن وٽ اهڙا دوست هئا جيڪي انهن کي پبلشر ڳولي ڏيڻ ۾ مدد ڪندا هئا يا اهڙا ادارا جيڪي انهن جون لکڻيون ڇپائڻ ۾ سهڪار ڪندا هئا. اهي ادبي طور ته مشهور ٿيا پر ڏوڪڙ ٿورڙا ڪمائي سگهيا. انهن ڏينهن ۾ لٽرري ايجنٽن جي خبر ٿورن ماڻهن کي ئي هئي. مون پنهنجن ڏينهن ۾ رڳو هڪڙي ايجنٽ “ڪرٽس برائون” بابت ئي ٻڌو. اهو چيو ويندو هو ته جيڪڏهن انهن اوهان جو مسودو کنيو ته ڪو نه ڪو سٺو پبلشر ڳولي ڏيندا ۽ پنهنجو حصو وٺندا. مون کي ڪڏهن به ايجنٽن جي ضرورت نه پئي، نڪوئي وري مون سان پبلشر ڳولڻ وارو مسئلو رهيو. اهي مون کي ڪتابن جي وڪري تي 8 کان 10 سيڪڙو رائيلٽي ڏيندا هئا ۽ مان انهي ۾ خوش هئس.
اڄ ڇپائي واري صنعت ۾ لٽرري ايجنٽ هڪ مضبوط هٿيار بڻجي چڪو آهي، وڏا وڏا ليکڪ انهن جي مدد وٺن ٿا، ڇو ته اهي ئي آهن، جيڪي پبلشرن کان ايڊوانس ۾ کين وڏيون رقمون وٺي ڏين ٿا. هي سمورو ڪاروبار ڪنهن ڳاڙهي بازار جو ڏيک ڏئي ٿو. پبلشرن جي ڀيٽ ڳاڙهي بازار جي مالڪن سان ڪري سگهجي ٿي، لٽرري ايجنٽ اهي دلال آهن، جيڪي کين ڌنڌي لائق ڇوڪريون ڳولي ڏين ٿا ۽ سندن قيمت هڻن ٿا. جڏهن ته ليکڪ اهي مايون آهن جيڪي هن ڌنڌي سان لاڳاپيل آهن. نوان لکندڙ وري تازو مال آهن، جن جو نٿ لاهڻ جي وڏي ٻولي لڳي ٿي. اڄڪلهه 50 لک رپين تائين ايڊوانس ليکڪن کي ڏنو وڃي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ لفظ لکڻ کان اڳ ئي هنن کي ڏوڪڙ مليو وڃن. اهي پئسا رڳو انگريزيءَ ۾ لکندڙن کي ڏنا وڃن ٿا، هتان جي ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي نه.
اڄڪلهه پبلشر ڪتابن جي ٻاهرين ڏيک جو ڏاڍو خيال رکن ٿا، اهي ڇڪيندڙ ۽ وڪرو ٿيندڙ ٽائيٽل ڏين ٿا ۽ خوبصورت پوشن تي وڏن ليکڪن جون مواد جي حوالي سان ساراهه ڀريون ٻه ٽي سٽون ڏين ٿا. هي هڪ وڏي مافيا آهي. اهي انهن ئي ڌنڌوڙين جهڙا آهن، جيڪي ڪلڪتي جي سوناگاچي، ممبئيءَ جي ڪاماٿيپورا يا وري حيدرآباد جي محبوب منڊي جهڙين بازارن ۾ پنهنجو مال وڪرو ڪندا آهن.”
هڪ عام سروي موجب ڄاڻايو وڃي ٿو ته سنڌي ۾ وڏي انگ ۾ ڪتاب ڇپجن ٿا ۽ وڪرو ٿين ٿا. پر ان جي ڀيٽ ۾ وري سنڌي پبلشرن جو چوڻ آهي ته ڪتاب هلن ئي ڪونه ٿا. هن وقت به سنڌ ۾ ڪيترائي ادبي ميلا ٿين ٿا جن ۾ لکين رپين جا ڪتاب وڪرو ٿيندا آهن، سياسي اڳواڻن جي سالگراهن ۽ ورسين تي پڻ لکين روپين جا ڪتاب وڪرو ٿين ٿا. ان هوندي به جڏهن ليکڪ پنهنجي حق جي ڳالهه ڪري ٿو ته پبلشر هن کي ٺپ جواب ڏيو ڇڏي. اسان سنڌي ليکڪن سان هڪ مسئلو اهو به آهي ته ڪتاب ڇپائڻ مهل پبلشر جي چوڻ تي اسان کي گهٽ ۾ گهٽ 200 ڪاپيون اڳواٽ ئي وٺڻيون پونديون آهن ۽ انهن جا پئسا به اڳواٽ ڏيڻا هوندا آهن، تڏهن وڃي ڪو اسان جو ڪتاب ڇپجي ٿو. هاڻي پبلشر جي مرضي آهي ته 100 ڪاپيون ڇپرائي يا 200 انهن جو ڪوبه حساب ڪتاب نه ٿيندو. ڪتاب ڇپجڻ کانپو ليکڪ کي پنهنجي حصي جون 200 ڪاپيون ڏنيون وڃن ٿيون. مرضي اٿس ته درياهه ۾ لوڙهي ڇڏي يا ڪٻاڙ خاني ۾ اڇلائي اچي. وري مسئلو ته انهن ليکڪن سان ٿئي ٿو جن جا هزارين دوست آهن، اهي ويچارا ڪامپليمنٽري ڪاپي ڪنهن کي ڏئي ڪنهن ڏين؟ اها آهي اسان سنڌين جي ڇپائي واري صعنت، جنهن لا مان چوندو آهيان: “نالو وڏو ديهه ويران.”