ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

215 ارب رپين جا نوان ٽيڪس

Editorial

عمران خان جي حڪومتي دور ۾ اپوزيشن پارٽيون ۽ عوام اهي رڙيون ڪندو هو ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي ۽ عوام مٿان حڪومت غيرضروري ٽيڪس لاڳو ڪيا آهن. تنهنڪري اپوزيشن پارٽيون مهانگائي ۽ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف احتجاج پڻ ڪنديون رهنديون هيون. پر جيئن عمران خان جي حڪومت گهر ڀيڙي ٿي ته عوام کي اهو آسرو ٿيو پي ڊي ايم جي حڪومت عوام کي ڪو رليف ڏيندي پر هاڻوڪي حڪومت ۾ به مهانگائي وڌندي رهي ۽ ملڪ ۾ غربت پڻ وڌي وئي آهي. تنهن هوندي به حڪومت مهانگائيءَ جي ماريل عوام مٿان وڌيڪ ٽيڪس مڙهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آ ايم ايف جا وڌيڪ 215 ارب رپين جا ٽيڪس لڳائڻ وارو شرط مڃي ورتو آهي. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اسحاق ڊار چيو ته وفاقي حڪومت جي خرچن جو ڪاٿو 14 هزار 480 ارب رپيا ٿي ويندو، بجيٽ ۾ بهتري آئي آهي، مالياتي خساري ۾ 300 اربن جو فائدو ٿيندو. هن چيو ته پينشن جو ڪاٿو 761 ارب رپين مان وڌي 801 ارب رپيا ٿي ويندو. ايندڙ مالي سال ۾ سبسڊي جو ڪاٿو 1064 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. ٻاهرين فنانسنگ ۾ گهٽتائي سبب 213 اربن جا نوان ٽيڪس لڳائي رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته اسان جاري خرچن ۾ 85 ارب رپين جي گهٽتائي ڪنداسين، اها ڪٽوتي نه پي ايس ڊي پي ۾ ڪئي ويندي نه پگهارن ۽ پينشن تي لاڳو ٿيندي. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان سمورا شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن ۽ آءِ ايم ايف جي سڀني نقطن تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿي وڃي ته بسم الله، نه ته اسان جو گذارو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ سرڪاري خرچن تي 15 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي وئي، وفاقي پينشن جي خرچن ۾ فوري طور سڌارن جي ضرورت آهي، وفاقي ملازمن لاءِ ڪنٽري بيوٽري اسڪيم کي لاڳو ڪرڻو پوندو، ايندڙ مالي سال لاءِ پينشن فنڊ قائم ڪيو ويو آهي. پينشن فنڊ لاءِ روزل اينڊ پروسيجر تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪيترائي هاءِ پروفائل ملازم هڪ کان وڌيڪ ادارن مان پينشن وصول ڪري رهيا آهن، ڪجهه ماڻهو ٽن ٽن ادارن کان پينشن وٺي رهيا آهن، جيڪو ملڪ برداشت نٿو ڪري سگهي، رٽائرڊ آفيسر هاڻ 17هين يا مٿئين گريڊ ۾ رٽائر ٿيو ته رڳو هڪ اداري مان پينشن وٺي سگهندو.
عوام هر حڪومت کان اها گهر ڪندو آهي ته ٽيڪس لاڳو نه ڪيا وڃن ۽ رليف فراهم ڪيو وڃي. پر تنهن هوندي به هاڻوڪي حڪومت نه رڳو ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيا آهن پر عوام جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي. ڇا حڪومت کي اهو احساس ناهي ته اها عوام جي وات جو گرهه پڻ کسي رهي آهي ۽ جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان معاهدو نٿو ٿئي ته امڪان اهي آهن ته هاڻوڪي حڪومت وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪري سگهي ٿي. تنهنڪري حڪومت غيرپيداواري خرچ، وزيرن مشيرن تي ٿيندڙ اجايا خرچ گهٽائڻ بدران عوام تي ٽيڪس مڙهي ان جو جيئڻ ويتر حرام ڪري رهي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هي عوام دشمن فيصلو هڪدم واپس ورتو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button