ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بلدياتي ادارا ڪم تي ڌيان ڏين

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو عمل پورو ٿيڻ کان پوءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين به چونڊجي چڪا آهن. مڪاني ادارن جو ڪم شهري سطح تي انتظامي معاملا سنڀالڻ هوندو آهي ته جيئن شهرين کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪري سگهجن. ان کان سواءِ جتي جتي به شهرين کي مسئلا درپيش اچي رهيا آهن، انهن جي حل لاءِ اپاءَ وٺڻا هوندا آهن. هاڻ جڏهن مڪاني چونڊن جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي ته هي ڪم ڪرڻ جو وقت آهي. چونڊيل نمائندن جو پهريون ڪم ته اهو هئڻ گهرجي ته شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي ۽ ڪوبه شهر اهڙو نه هجي جيڪو پيئڻ جي صاف پاڻيءَ کان محروم رهجي وڃي. ان کان سواءِ ٻيو ڪم شهرن ۾ گاڏين جي مناسب پارڪنگ هجڻ گهرجي. هن وقت به سنڌ توڙي پاڪستان جي شهرن ۾ جتي ڪٿي گاڏيون بيٺل هونديون آهن. اهي گاڏيون نه رڳو شهرين جي اچ وڃ ۾ مسئلو ڪنديون آهن پر ان سان گڏ اهي رش جو سبب پڻ ٿينديون آهن. تنهنڪري هر شهر ۾ پارڪنگ اسپيس پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ماڻهو مناسب جاءِ تي پارڪنگ ڪري سگهن.
بلدياتي ادارن کي هڪ اهم ڪم اهو به ڪرڻ گهرجي ته اهي راندين جي ميدانن، تفريح ماڳن ۽ لائبريرين کي به بحال ڪن. ڇاڪاڻ ته هر شهري جو اهو حق آهي ته اهو پارڪ ۾ وڃي ڪجهه گهڙيون سڪون حاصل ڪري، هر ٻار جو اهو حق آهي ته ان کي راند ڪرڻ لاءِ ميدان ڏنو وڃي. هر شاگرد ۽ پڙهندڙ جو اهو حق آهي ته اهو لائبريري وڃي پڙهائي ڪري سگهي. پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ شهري سطح تي پارڪ غائب آهن، راندين جي ميدانن تي قبضا آهن ۽ لائبريريءَ ڪٿي نظر ڪونه ٿي اچي. تنهنڪري بلدياتي ادارن کي هر سطح تي انهن جي بحاليءَ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻئي پاسي سنڌ جا شهر جنهن اهم مسئلي کي منهن ڏيندا پيا اچن اهو ڊرينيج جو معاملو آهي. هر شهر ۾ گٽر کليل هوندا آهن، ٻار انهن گٽرن ۾ ڪرندا رهندا آهن ۽ ان کان سواءِ جڏهن گٽر ڀرجي ويندا آهن ته انهن جو پاڻي روڊن تي نظر پيو ايندو آهي. تنهنڪري ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. برساتن ۾ شهرن جي ٻڏڻ جو خطرو رهندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڊرينيج نظام بهتر ڪم ڪونه ڪندو آهي. پاڻيءَ جي لنگهن تي ڌيان ڪونه ڏنو ويندو آهي. تنهنڪري اها صورتحال بنهه خطرناڪ هوندي آهي. ان ڪري برساتن دوران پاڻيءَ جي نيڪال جو بندوبست ڪرڻ ضروري آهي. جنهن لاءِ هر سطح تي بندوبست ڪرڻ بلدياتي ادارن جو ڪم آهي.
اسين سمجهون ٿا ته شهرن ۾ شهرين جي هلڻ لاءِ جيڪي فوٽ پاٿ آهن، انهن تي به قبضا ٿيل آهن. اهي قبضا سالن کان قائم آهن ۽ شهري پنڌ هلڻ کان محروم لڳا پيا آهن. تنهنڪري ماڻهن جي هلڻ لاءِ قائم ڪيل فوٽ پاٿن کي بحال ڪرائڻ ضروري آهي ته جيئن اهي پنڌ هلڻ کي ترجيح ڏين. ڪراچيءَ جي ڪجهه علائقن مان جهڙي ريت قبضا ختم ڪرايا ويا آهن، ائين ئي حيدرآباد مان قبضا ختم ڪرائڻ جي ضرورت آهي. پر اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن مڪاني ادارا سنجيدگيءَ سان ڪم ڪرڻ شروع ڪن ۽ شهرين کي بهتر زندگي فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button