ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بورجوا جمهوريت بمقابلا سوشلسٽ جمهوريت-II

بورجوا سماج ۽ ان جي جمهوريت استحصالين جي مفادن جي حفاظت ڪندا آهن. پرولتاري ڊڪٽيٽرشپ جي رياست انقلاب جي ڪاميابين جي حفاظت ڪندي آهي. بورجوا طبقي جي مزاحمت کي دٻائيندي آهي اها سموري عوام جي سوشلسٽ رياست هوندي آهي جيڪا ڪنهن اهڙي عمل کي برداشت نٿي ڪري سگهي جنهن جو رخ پورهيت عوام خلاف هجي، سوشلسٽ نظام خلاف هجي.
لينن وڏي شدت سان انهن ماڻهن جي مخالفت ڪئي جن ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو به ڪيو ته سوشلسٽ ملڪ جي سياسي ڍانچي کي ڪنهن به نموني بورجوا دنيا جهڙو ٺاهيو وڃي. هو ان سلسلي ۾ ڪنهن به رعايت جي سخت مخالفت ڪندو هو.
جي وي چيچرين هڪ ڀيري لينن آڏو ان نموني جي تجويز رکي هئي. 20 جنوري 1922 تي هن لينن کي لکيو: “محترم ولاديمير ايليئچ، جيڪڏهن آمريڪي ان شدت سان پنهنجي مطالبي تي زور ڏين ٿا ته نمائنده ادارا هئڻ گهرجن تا ڇا توهان اهو نٿا سمجهو ته ايئن به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته، مناسب معاوضي طور اسان جي آئين ۾ هڪ ننڍڙي ترميم ڪئي وڃي جيڪا نظرياتي ۽ بنيادي طور تمام اهم هوندي پر عملي لحاظ کان ان جي ڪا به معنيٰ نه هوندي يعني سوويت يونين ۾ مفت خور عنصرن (ٻين جي پورهئي تي پلجندڙ ڦورن) لاءِ به نمائندگي جيڪا انهن جي خاص جلسن ۾ ڏني وڃي؟
فلاڻي فلاڻي ڪارخاني يا فلاڻي جٿي جي سرخ فوجين جي چونڊ جلسن سان گڏ مفت خور عنصرن (ٻين جي پورهئي تي پلجندڙ ڦوروئن) جو به هڪ چونڊ جلسو ٿيندو ۽ سوويت جي 200 ميمبرن ۾ انهن جا به 2 يا 3 نمائندا هجن.”
لينن ان سوال کي ان نموني پيش ڪرڻ جي مڪمل طور مذمت ڪئي. 23 جنوري 1922 تي هن سياسي بيورو جي ميمبرن کي لکيو: “مون کي چيچرين جا ٻه خط مليا (20 جنوري ۽ 22 جنوري تي) هن هيءُ سوال اٿاريو آهي ته ڇا اسان کي مناسب معاوضي طور پنهنجي آئين ۾ ننڍڙيون ترميمون يعني سوويتن ۾ مفت خور عنصرن جي نمائندگيءَ کي تسليم نه ڪرڻ گهرجي. اهو آمريڪين جي خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪيو وڃي.
“منهنجي راءِ ۾ چيچرين جي ان تجويز مان ظاهر ٿئي ٿو ته کيس فوري طور ڪنهن سينيٽوريم ۾ اماڻڻ گهرجي. ان معاملي ۾ ثابت قدميءَ ۾ ڪا به گهٽتائي، گوٿناٿ يا ڪمزوريءَ جي اظهار سان سڄي ڳالهه خطري ۾ پئجي ويندي.”
اهو مثال سوشلسٽ جمهوريت جي اصولن کان ڪنهن به نموني جي منهن موڙڻ کي به برداشت نه ڪرڻ جي سوال جي بااصول ۽ چٽي موقف جو واضح ثبوت آهي.
لينن اسان کي سماج جي سياسي ڍانچي ۾ اصل شين ۾ فرق ڪرڻ سيکاريو يعني ذاتي ملڪيت تي ٻڌل جمهوريت ۽ سوشلسٽ جمهوريت. اهو سمجهڻ اٻوجهائپ ٿيندي ته سوشلسٽ جمهوريت به اهائي سرمائيداريءَ تحت هلندڙ جمهوريت آهي، بس ٿوري ان ۾ تبديلي آندي وئي آهي يا ان کي “بهتر ڪيو ويو آهي.” ۽ اهو فرض ڪرڻ ان کان به وڏي بيوقوفي آهي ته بورجوا جمهوريت کي سوشلسٽ سماج ۾ ميڪانيڪي طور کڻي ويهاري سگهجي ٿو. پر سوشلزم جا سوشل ڊيموڪريٽڪ ۽ ترميم پسند نقاد اسان کي اهو ڪرڻ جي ئي صلاح ڏين ٿا. بورجوا جمهوريت ماڻهن کي اصل شئي يعني معاشي ۽ سياسي زندگيءَ جي بنيادي سوالن جو فيصلو ڪرڻ جو حق، پنهنجي قسمت جو فيصلو ڪرڻ جو حق، ته ڏيندي ئي ناهي. بورجوا جمهوريت ۾ رياست جي گهرو ۽ پرڏيهي پاليسي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڪروڙپتين ۽ هاڻِ ارب پتين جي چنبي ۾ هوندي آهي جيڪي پيداواري وسيلن جا اصل مالڪ هوندا آهن، مادي ۽ تهذيبي دولت جي پيداوار جي بنيادي وسيلن ۽ پورهئي جي اوزارن جا مالڪ هوندا آهن. دٻدٻي ۽ حڪمرانيءَ جون صورتون بدلجي وينديون آهن، هڪ حڪمران پارٽيءَ جي جاءِ تي ٻي اچي ويندي آهي.
سوشلزم هڪ سماجي معاشي نظام آهي جنهن جي حاصلات، هڪ نئين قسم جي جمهوريت هوندي آهي، جنهن جو تعين پيداواري وسيلن جي ذاتي ملڪيت جي خاتمي سان ٿيندو آهي. سوويت يونين ۾ سوشلسٽ جمهوريت سوويتن ۾ مڪمل طور منظم آهي جيڪي انتظام ۽ معاشي نظم ضبط جا ادارا هوندا آهن. سوشلزم تحت جمهوريت بنيادي طور ان کان ابتڙ رخ ۾ ترقي ڪندي آهي جنهن رخ ڏانهن سرمائيداريءَ تحت ڪندي آهي. ان جو اظهار پارلياماني بحثن ۾، انساني حقن بابت عظيم جملن ۾ ناهي ٿيندو پر پورهيت عوام جي اصل آزاديءَ ۾، پنهنجي مفاد مطابق سماجي عملن جو نظم ضبط هلائڻ ۾ عوام جي حقيقي شرڪت ۾ ٿيندو آهي.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button