شوبز

پوجا ڀٽ عاليا صديقي کي طلاق جي ذڪر کان روڪي ورتو

بالي ووڊ فلمن جي اداڪارا ۽ فلم ميڪر پوجا ڀٽ اداڪار نواز الدين صديقي جي اڳوڻي زال عاليا صديقي کي طلاق جي ذڪر کان روڪي ورتو آهي. ميڊيا مطابق بگ باس او ٽي ٽي سيزن 2 جي هائوس ۾ عاليا صديقي پاران هر هر طلاق ۽ گهريلو مسئلن تي ڳالهائڻ تان پوڄا ڀٽ کيس ڇنڊ پٽيندي چيو تھ مظلوميت جو ڪارڊ هر ڀيري کيڏڻ بهتر ناهي، ان کي هاڻ اڇلي ڇڏيو، تون  طلاق جو ڪارڊ رڳو همدرديون حاصل ڪرڻ خاطر استعمال ڪري رهي آهين. پوجا ڀٽ جو چوڻ هو تھ شادي منهنجي بھ ختم ٿي آهي، افسوس تھ ٻين عورتن سان بھ ايندڙ وقت ۾ ٻين سان ائين ٿيندو، پر ان زندگي وڌيڪ اهم آهي، پاڻ کي مظلوم ثابت ڪرڻ ۾ وقت وڃائڻ نھ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button