
افغانستان ۾ 20 سالن بعد حڪومتي واڳون سنڀاليندڙ طالبان حڪومت ملڪ اندر شوبز جي دنيا ۾ عورتن جي ڪم ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ پرڏيهي چينلن تي بھ شرط لاڳو ڪيا آهن تھ اهي ڪهڙا پروگرام ۽ مواد نشر ڪري سگهن ٿا. طالبان جي مذهبي ۽ ثقافتي معاملن کي ڏسندڙ وزارت 8 نوان ضابطا جاري ڪيا آهن، جن تحت فلمن، ڊرامن ۽ ٿيٽرن ۾ عورتن کي ڏيکارڻ تي پابندي هوندي ۽ اها پابندي فوري طور لاڳو ٿي وئي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ نئين سرڪار 5 مهينن تائين ڪجهه رعايت ۽ ڪجهه سختي لڳائڻ بعد نيٺ حتمي ضابطا بھ جاري ڪيا آهن، جن ۾ پرڏيهي چينلن تان اهڙي ڪا فلم يا ڊرامو نشر نھ ٿيندو، جنهن ۾ مزهب ۽ اسلامي شخصيتن بابت اڻوڻندڙ ڳالهه هجي. جڏهن تھ مذهب ۽ ثقافت تي ٺٺول وارن مزاحيھ پروگرامن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. وزارت نين هدايتن کي حڪومتي رولز قرار ڏيڻ بدران مذهبي تجويزون سڏيو آهي.