جھوڪ شريف ۾ مغلن جي آخري ۽ ڪلھوڙن جي شروعاتي دور ۾ “جو کيڙي سو کائي” جو نعرو ھڻي ھارين جي حقن لاءِ عَلم بلند ڪندڙ ناليواري دلير صوفي بزرگ صوفي شاهه عنايت شھيد کي سنڌ جي تاريخدان پير حسام الدين راشدي ننڊي کنڊ جو پھريون سوشلسٽ صوفي سڏيو آھي. شاهه عنايت شھيد جا وڏا اصل ۾ اچ شريف جي لانگاهه قبيلي جا ھئا.
ڪتاب “ملتان لانگاهه دور ۾” جي ليکڪ لکيو آهي ته لانگاهه قبيلو اصل ۾ بلوچستان سان تعلق رکي ٿو، جنهن جي سيوستان ۾ سرداري ۽ حڪومت ھئي. ھن خاندان سبي ۽ ملتان تي ڪيترائي سال اڳ حڪومت ڪئي. صوفي شاهه جا ڏاڏاڻا ۽ ناناڻا ملتان جا ھئا، سندس وڏا ملتان ڇڏي سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾مقيم ٿيا، سندس مٽي مائٽي ملتان جي لانگاهه خاندان سان ھلندي آئي، صوفي شاهه جي والد مخدوم فضل الدين لانگاهه مان شادي ڪئي، جنھن ۾ ٽي پٽ ٿيا. پھريون پٽ مخدوم نالي چڱو ٻيو صوفي شاهه عنايت شھيد ۽ ٽيون مخدوم رحمت الله آھي.
صوفي شاهه عنايت شھيد جي ولادت 1065 ھجري ۽ 1665ع ۾ ميران پور ۾ ٿي پر ڪجھه روايتن مطابق سندس ولادت ملتان ۾ ٿي. شاهه شھيد جي ننڍپڻ ۾ تعليم ۽ تربيت والد وٽ گھر ۾ ئي ٿي. وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ پنھنجن ساٿين ميان امين محمد نقشبندي، مير حمز ۽ ميان ابراهيم ڪاتيار سان گڏ مختلف ملڪن جو سير ۽ سياحت ڪري واپس ملتان ۾ پنھنجي استاد شاهه شمس وٽ پھتو. تنھن کانپوءِ شاهه شمس جي مشوري کان وڌيڪ مطالعي، مشاھدي ۽ فيض حاصل ڪرڻ لاءِ سيد عبدالمالڪ شاهه (بيجاپور انڊيا) وارو، جتي ھن عبدالمالڪ کان نه رڳو روحاني فيض پرايو پر ٻيو علم پڻ پرايو. جيئن ته سيد عبدالمالڪ وقت جي حاڪمن کي تمام گھڻو ويجھو ھو. ان ڪري شاهه عنايت ھن کان ملڪي نظام، انتظامي معاملن ۽ ٻين سماجي علمن جي ڄاڻ حاصل ڪئي، کيس مختلف علمن سان گڏ ٻولين تي به وڏي مھارت حاصل ھئي. جنهن ۾ عربي، فارسي، ھندي، ديوناگري، گرمکي ۽ ٻين ٻولين تي عبور حاصل ھو. پر گھڻو ڪري لکڻ پڙهڻ وارو ڪم فارسيءَ ۾ ڪندو ھو. ھندستان کان واپسي مھل صوفي شاهه عنايت شھيد کي سيد عبدالمالڪ موڪلائڻ کان اڳ فقيري ٽوپي ۽ ڳاڙھو کرفو ڏئي لقب سان نوازيو ۽ موڪلائڻ وقت کيس اجازت ڏيندي سندس اڳيان مصلو، تسبيح ۽ تلوار رکي فرمايائون ته ھنن مان ڪابه ھڪ شيءِ کڻو. پاڻ تلوار کنيائون جنهن تي مرشد فرمايو ته انھيءَ جي قيمت ڳري آهي. جنھن تي صوفي شاهه عنايت شھيد وراڻيو ته صرف يادگار آهي. عبدالمالڪ خوش ٿيندي اجازت ڏني، شاهه عنايت ھندستان مان نڪري ٺٽي شھر جي اولھه واري ميدان تي اچي پنھنجو ديرو قائم ڪيو. جنهن کي ھو دائرو سڏيندا هئا، دائري ۾ موجود سڀئي صوفي ھئا جيڪي ھڪ ئي ڪٽنب وانگي رھندا ھئا. جڏھن ٺٽي جي روايتي عالمن، مولوين، جاگيردارن ۽ ٻين حڪمرانن شاهه عنايت جي علم ۽ زندگيءَ جي اعليٰ قدرن جي گڏيل نظام کي ڏٺو ته کين حسد ساڙ ٿيو. ان کانپوءِ شاهه عنايت شھيد جو دائرو ڏينهون ڏينهن وڌندي ۽ مضبوط ٿيندي ڏٺائون ته کين پنھنجي علميت ۽ وڏائي کين خاتمو ٿيندي نظر آئي، سخت مخالف ۽ مختلف بھانا بڻائي خلاف ٿي پيا. صوفي شاهه جنھن وقت جھوڪ ۾ تعليم ۽ تبليغ شروع ڪئي، ان وقت سنڌ جا اڪثر مشائخ، صوفي ۽ سيد خالص ديندار ۽ زميندار پنھنجا مفاد حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ رھيا.
انھي مفاد پرستي واري نظام ۾ شاهه عنايت علم ۽ فضل خدا ترسي، دردمندي ۽ بي لوث خدمت جي روشني ڏينھان ڏينهن پکڙي ته سندس چوڌاري ھم خيالن جو ميڙو مچي ويو. صوفي شاهه عنايت وقت جي انھي روايتي صوفين مان نه ھو. جيڪي حالتن کي بدلائڻ بدران ساگين حالتن ۾ رھڻ کي ترجيح ڏيندا ۽ صبر جي تلقين ڪندا ھئا. انھن جي ڀيٽ ۾ صوفي شاهه عنايت زمين پيداواري واري عمل ۾ مساوي شرڪت تي زور ڏنو.
صوفي شاهه عنايت جو پوکيل راھيءَ جو گڏيل تجربو ڪامياب ويو. جھوڪ ۾ رھندڙ فقيرن ۽ ھارين کي نه پٽائي ڪرڻي پوندي ھئي، اھڙي ريت صوفي شاهه عنايت جي ھن نظام جي ناماچاري پري پري تائين پکڙي وئي. ھر ھنڌ ھن اجتماعي پوکي واري تجربي جو چوٻول ٿيڻ لڳو. ھن تاريخ جي مقبوليت سبب نه رڳو سيد گھراڻي جي مريدن ۾ گھٽتائي آئي پر اتر جي زميندار تي وڏو اثر پيو. صوفي شاهه جا فقير اتي وڃي زمينداري حلقي ۾ اجتماعي زراعت جي تبليغ ڪندڙ زميندار ھئا. ھن خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ اھي زميندار پاڻ ۾ گڏ ٿي مير لطف علي وٽ دائي ٿيا. (هلندڙ)