شوبز

ڪبرا خان کي ٽي سال لاڳيتو شادي جي آڇ ٿيڻ جو انڪشاف

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا ڪبرا خان کي هڪ مداح پاران ٽي سال لاڳيتو شادي ڪرڻ جي آڇ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪبرا خان ٻڌايو تھ مون کي هڪ مداح پاڻ ۽ ان جا سمورا گهرڀاتي شادي جا پيغام بھ ڏيندا رهيا، جنهن بعد مون پنهنجو نمبر تبديل ڪري ڇڏيو، اها ڳالهه انڊسٽري جا ماڻهو ڄاڻن ٿا. هن جو چوڻ هو تھ هڪ ماڻهو ڪجهه سال اڳ واٽس ايپ تي پيغام موڪلي مون کي شادي جي آڇ ڪئي، هن چيو تھ مون کي پسند ڪري ٿو ۽ شادي ڪرڻ چاهي ٿو، مون شادي کان انڪار ڪري سندس نمبر بلاڪ تي رکيو، پر هن ٻئي نمبر تان فون ڪري وري ساڳيو سلسلو جاري رکيو، جنهن بعد اهو ماڻهو پاڻ، سندس ماءُ، چاچن، مامن، ڀينرن ۽ ڀائرن 3 سال مون کي تنگ ڪيو ۽ چوندا رهيا تھ مان سندن رشتو قبول ڪيان، جنهن تي مون پنهنجو فون نمبر تبديل ڪري جان ڇڏائي هئي. هن چيو تھ گهروارن بنا عيد اڌوري آهي، پر دوست گڏ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button