ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پھريون سوشلسٽ: صوفي شاهه عنايت -I I

Editorial-Article- Manzoor Kumbhar

ھڪ روايت اھا به آھي ته ٺٽي جي مولوين، عالمن ۽ سيدن شاهه عنايت جي مخالفت سندس شروعاتي ڏينهن کان ڪري ڇڏي ھئي، ڏٺو وڃي ته وقت جي حاڪمن ۽ درٻاري سياسي مخالفت وسيلي ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ لاءِ مذھب ۽ عدالت عالمن جو سھارو وٺي کين ھيسايو ھو. ان کي برقرار رکندي وقت جي حڪمرانن ۽ سنڌ جي مفاد پرستن ۽ زميندارن جي ھام ۾ ملن ۽ ٻين شاهه عنايت ٺٽي جي علائقي جي ماڻھن کي خاموش ڪرائڻ جا وس ڪيا. صوفي حضور بخش پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته شاهه شھيد جا سيد عبدالواسع، حمل جت، نور محمد پليجو ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙو مغل حاڪم جيتري قدر مخالف ھئا. مخالف عالمن ۽ مفتين ۾ سڀ کان وڏو ڪردار مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح جو ھو. ھن جي معرفت شاهه عنايت جي تحريڪ ۾ سرگرم اڳواڻ ۽ سچي پوئلڳ شاهه غلام محمد کي سزا ڏياري وئي.
پير حسام الدين راشدي ھڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته صوفي شھيد جڏھن شھيد ٿيو ھو، تڏھن مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو شاگرد شڪارپور وارو شان فقير علوي ڏاڍو خوش ٿيو. جنھن ھن پنھنجو اظهار خطن ۾ ڪيو آھي. انھن کانپوءِ مشھور شاعر ميون شاهه، عنايت رضوي، عبدالحڪيم، عطا ٺٽوي، محمد رضا ۽ شاهه سراج الدين صوفي شاهه عنايت جا سخت مخالف ھئا. سيد عبدالواسع شاهه، نور محمد پليجو ۽ حمل جت پاڻ ۾ گڏجي نواب مير لطف علي خان وٽ شاهه عنايت ۽ فقيرن وٽ شڪايت کڻي آيا. نواب لطف علي خان طرفان اھڙي اجازت لکت ۾ ملندي، انھن ٽنھي فقيرن شاهه عنايت جي خانقاهه تي پنھنجي ماڻھن حملو ڪيو. ان حملي دوران ڪيترائي صوفي شاهه جا ماڻھو مارجي ويا. جڏھن مغل شاهه وٽ فرياد پھتو ته ھن حڪم جاري ڪيو. بي گناھن کي خون ٻانھن ڏني وڃي، قافلن جون زمينون شاهه عنايت جي مقتولن جي وارثن حوالي ڪيون ويون.
1716ع ۾ نواب لطف علي خان کي برطرف ڪري نواب اعظم خان کي ٺٽي جو نئون نواب مقرر ڪيو ويو. ھن صوفي شاهه جي مخالف ماڻھن جي ھر ڦھلايل ڳالھه ٻڌي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. پير حسام الدين راشدي لکيو آھي ته شاهه شھيد جي شھادت جو واقعو سنڌ اندر مغلن جي زوال واري دور ۾ ٿيو. اھو الميو تڏھن ٿيو، جڏھن ڪلھوڙن جي ابتدا ٿي رھي ھئي، سيوھڻ تائين ميان يار محمد ڪلهوڙي جو قبضو ٿي چڪو ھو ۽ ٺٽي واري حصي مٿان اکيون ھيون. يار محمد ڪلهوڙي جڏھن صوفي شاهه جو آفاقي پيغام ٻڌو ۽ کين گڏيل سياسي ۽ معاشي ڄاڻ ملي. تڏھن پنھنجي پيري، فقيري ۽ حڪومتي خطرو محسوس ڪيو، مٿان وري ستايل عوام ظلم ۽ ڏاڍ کان ڀڄي صوفي شاهه عنايت جي پناهه ۾ رھڻ لڳو.
ڪنھن ماڻھو جو چوڻ آهي ته يار محمد ڪلهوڙي شاهه عنايت جي مخالفت نه ڪئي ھئي، اھا ڳالھه غلط ۽ بي دليل آھي، جڏھن نواب اعظم خان کي دھلي جي بادشاهه جو صوفي شاهه عنايت شھيد سان جنگ ڪرڻ جو حڪم نامو اچي پهتو. ان وقت جاگيردارن، نوابن ۽ زميندارن اعظم خان وٽ اچي حڪم ناما پھچايا. اھو حڪم نامو اھو سمورن ماڻھن تائين پھتو. جنگي تياريون شروع ٿي چڪيون ھيون. 9 آڪٽوبر 1717ع تي جھوڪ جي علائقي جو گھيراءُ ڪيو. 11 آڪٽوبر 1717ع تي ميان يار محمد ڪلهوڙو وڏو لشڪر وٺي جھوڪ پھتو. صوفي شاهه عنايت پنھنجي فقيرن کي حڪمت عملي کان اڳتي وڌڻ روڪي ڇڏيو ھو.
پر ان وقت سرڪاري لشڪر وٽ توبون به ھيون پر چئني پاسي وڏي لاھي ھجڻ ڪري انھي ڏينھن اڳتي وڌي نه سگھيا. صوفي شاهه عنايت شھيد پنھنجي فقيرن کي رتوڇاڻ ۽ اڳرائي ڪرڻ روڪي ڇڏيو ھو. آخرڪار صوفي شاهه عنايت جنگ ڪرڻ جي اجازت ڏني. روايت آهي ته اھو سمورو منصوبو مير شھداد خان ان ڏس ۾ صوفي جي فقيرن کي جھوڪ جي ڪورٽ کان ٻاھر شھيد ڪرڻ جو منصوبو به مير شھداد خان جو نيٺ صوفي شاهه عنايت شھيد جو چوڻ ھو ته جيڪا تحريڪ مون شروع ڪئي آھي، انھيءَ لاءِ آئون سر ڏيندس پر پوئتي نه ھٽندس. ان دوران صوفي شاهه جي وڏي ڀاءُ شاهه رحمت الله ۽ سندس ڀائٽيو محمد يوسف شھيد ڪيا ويا. 7 جنوري 1718ع تي صوفي شاهه عنايت جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري کيس شھيد ڪيو ويو. صوفي شاهه جي شھادت جو ٻڌي عقيدتمند تمام گھڻو ڏکارا ٿيا ۽ پنھنجي رھبر جي تحريڪ کي جاري رکيائون.
)پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button