ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڪستاني ڊراما ۽ عوام I-

Editorial-Article- Sadaf Shaikh

ڪافي عرصي کان پاڪستاني ڊراما پاڪستان توڙي انڊيا ۽ ٻين ملڪن ۾ مشهور ٿيندي نظر اچن پيا. جڏهن See Tv هليو ته ترڪيءَ جا ڊراما ۽ فلمون ڪافي ساراهيون ويون، اهڙي ريت بعد ۾ ارتغرل غازي ڊرامو ترڪي ٻوليءَ مان اردو ٽرانسليشن (ڊبنگ) ڪري آن ايئر ڪيو ويو ۽ ماڻهن ان کي سٺي موٽ ڏني. اڄڪلهه سوشل ميڊيا جو دور آهي، ماڻهن جا ٺاهيل ڪلپ، مذاق مشڪري ۽ هنر جام ساراهيو وڃي ٿو، اتي ئي پاڪستان ۾ جيو ٽي وي ۽ اي آر واءِ ڪجهه اهڙا ڊراما منظرعام تي آندا آهن جيڪا اڄڪلهه هر گهر جي ڪهاڻي آهي. وقت بوقت هر ڊرامو منظرعام تي آيو ۽ ان ڪاميابي ماڻي ورتي، جن ۾ شهر زاد، ميري ذات ذره بي نشان، الف الله ٽاپ تي آهن.
اِن کان پوءِ 2022ع ۽ 2023ع جي شروعات ۾ ڪجهه ڊراما منظرعام تي آيا آهن جن ۾ ڇوڪرين جي تعليم ۽ انهن جي نوڪريءَ کي همٿايو ويو آهي. يونيورسٽيءَ ۾ تعليم، هنرمند ڇوڪري ۽ ٻئي پاسي ظالم سماج جي عڪاسي به ڪئي وئي. 20- 2019ع جي شروعات ۾ “ميري پاس تم هو” ڊرامو هليو، اِن ڊرامي سڀني ڏسندڙن کي ايتري قدر مدهوش ڪيو جو روڊ هجي يا گهر هجي هر ڪو انهي ڊرامي بابت تبصرا پيو ڪندو هو. اِن ڊرامي ۾ عورت کي هڪ لالچي، خود عرض ۽ بيوفا ڏيکاريو ويو هو، جڏهن ته ٻئي پاسي مرد کي تمام گهڻو لاچار، مجبور ۽ بيوس ڏيکاريو ويو هو. اِن ڊرامي جي تمام گهڻن ماڻهن مخالفت به ڪئي خاص طور عورتن، ڇو ته جهڙي ريت اِن ڊرامي ۾ عورت کي لالچي ۽ خود غرض ڏيکاريو ويو آهي، ان قسم جون خاصیيتون رکندڙ فقط 20 سيڪڙو عورتن ۾ آهن.
جيڪڏهن پاڪستان جي ڳالهه ڪجي ته باقي يورپ جي ملڪن ۾ اها شيءِ عام آهي. اِن ڊرامي جي ليکڪ لاءِ ٻڌڻ ۾ آيو ته اِها سندس حقيقي ڪهاڻي آهي جيڪا اِن ڊرامي ۾ پيش ڪئي وئي آهي. اِن ماڻهوءَ کي ڪافي لبرل عورتون نفرت جي نگاهه سان به ڏسن ٿيون پر ڪجهه مظلوم مرد سندس حمايت پڻ ڪن ٿا. خليل الرحمان اِن ڊرامي کان سواءِ به ڪافي ڊراما لکيا آهن، جن ۾ پيارے افضل ۽ صدقي تمهاري شامل آهن.
ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته خليل الرحمان “ميرےي پاس تم هو” جي ڪهاڻي ڪنهن فلم تان چورائي پنهنجي نالي سان ڊرامي جو روپ ڏئي پيش ڪيو آهي ۽ اها ڳالهه ڪافي حد تائين ٺيڪ به آهي. اِن کان سواءِ اِن ڊرامي کان پوءِ خليل الرحمان قمر به ڪافي Highlight ٿيو هو. ٺيڪ اهڙي ريت پاڪستاني ميڊيا وقت بوقت اهڙا ڊراما ٺاهيندي ۽ پيش ڪندي آئي آهي، جيڪي عوام تمام گهڻا ساراهيا آهن ۽ داد به ڏنو آهي. اِن کان پوءِ هاڻوڪي وقت ۾ عميره احمد جو لکيل ڊرامو “عهد وفا” جيڪو پاڪستان آرمي تي هو، اهو به تمام گهڻو مشهور ٿيو، خاص ڪري پاڪستان جي نوجوان نسل جي ڇوڪرين اِن ڊرامي کي تمام گهڻو پسند ڪيو.
اِن ڊرامي ۾ فوج جي ڪم ڪار بابت ڄاڻ ڏني وئي، اِن کان سواءِ فوجي ٽريننگ ۽ فوج ۾ ڀرتي ٿيل ماڻهن جي زندگيءَ جي باري ۾ به ٻڌايو ويو. اِن کان سواءِ هن ڊرامي جي بهترين ڳالهه اِها آهي ته هن ڊرامي ۾ نه ئي ڪا قوم پرستي، نه ئي ڪا مذهب پرستي ۽ نه ئي وري ڪا صوبائي ويڙهه ڏيکاري وئي. هن ڊرامي ۾ مختلف ڪردار آهن، جيئن هڪ سريلنڪن ڇوڪري، هڪ پٺاڻ ڇوڪري، هڪ بلوچ قبيلي جي ڇوڪري ۽ هڪ عيسائي ڇوڪري ۽ هڪ وري فوجي گهراڻي سان تعلق رکندڙ ڇوڪري ۽ ٻئي پاسي لنڊن مان وڪالت جي ڊگري حاصل ڪندڙ هڪ دلير ماءُ پيءُ جي اڪيلي ڇوڪري ڏيکاري وئي هئي.
هن ڊرامي ۾ صوبائي ۽ قبيلائي تعصب به ڏيکاريو ويو. ڏٺو وڃي ته پاڪستاني مسئلن ۽ سماج جي عڪاسي به ڪئي وئي آهي. قرض هيٺ دٻيل مجبور هاري پنهنجي زمين گروي رکي پنهنجي جند آزاد ڪرائي ٿو. اهڙي ريت ٻئي پاسي وري مرد توڙي عورت جي فرق ڪرڻ واري خاندان سان تعلق رکندڙ پٺاڻ ڇوڪري صلاحيتون هوندي به پٺ تي پيل ڏيکاري وئي آهي، ڇو ته اِها هڪ عورت آهي.
)هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button