شوبز

ڀارت وڃي ڪم ڪرڻ تي دل نٿي چوي: جنت مرزا

پاڪستان جي مشهور اداڪارا ۽ ٽڪ ٽاڪر فيم جنت مرزا چيو آهي تھ ڀارت وڃي ڪم ڪرڻ تي دل نٿي مڃي، تنهنڪري ڀارت ۾ ڪم جي ملندڙ آڇن کي رد ڪيو آهي. يوٽيوب چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ مون کي ڪارتڪ آريان سان گڏ فلم ۾ مک ڪردار جي آڇ ٿي چڪي آهي، جنهن کي رد ڪيو، ڇاڪاڻ تھ پهرين ڳالهه والدين ڀارت وڃڻ جي اجازت نھ ڏيندا، ٻي ڳالهه تھ مان بھ ان جي حق ۾ ناهيان. هڪ سوال جي جواب ۾ هن تصديق ڪندي ٻڌايو تھ بشرا انصاري سان منهنجو ٺاهه ٿي ويو آهي، اها انتهائي باوقار عورت آهي، اسين ڪجهه ڏينهن پهرين ملياسين، هن مون کي نظرانداز ڪيو، پر واپس اچي مون کي سڃاڻي ڳلي لڳايو ۽ دعا ڏني. هن چيو تھ اسان جون شڪايتون ختم ٿي ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button