شوبز

دنيا ۾ رنگ اڇو ڪندڙ انجيڪشن موجود ئي ناهي: شائستا لوڌي

پاڪستان جي مشهور اداڪارا ۽ ڊرماٽولوجسٽ شائستا لوڌي چيو آهي تھ دنيا ۾ رنگ اڇو ڪندڙ انجيڪشن موجود ئي ناهي. خانگي ٽي وي جي شو ۾ ميزبان جي سوالن جا جواب ڏيندي هن جو چوڻ هو تھ رنگ صاف ڪندڙ انجيڪشنز کي پاڪستان ۽ ڀارت ۾ وڪڻڻ خاطر آڻي وائٽننگ نالو ڏنو ويو، اصل ۾ اهي اينٽي آڪسيڊنٽ آهن، جنهن جا مصرف تبديل آهن ۽ اهي چمڙي کي صاف ڪن ٿا، تنهنڪري هتي جي ماڻهن ۾ ان جي گهڻي ڊمانڊ آهي. هن چيو تھ اڇو رنگ خوبصورتي جو معيار ڪونهي، اهڙي سوچ کي هڪدم تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو تھ مون وٽ اڪثر مائرون 6 مهينن ۽ 12 يا 14 سالن جون ڌيئرون آڻي رنگ اڇو ڪرڻ جو چون ٿيون، عورتون ڌيئرن بابت چونديون آهن تھ الائي ڪنهن تي وئي، هن رنگ سان تھ کيس ڪير بھ نھ ڏسندو، تنهنڪري هن جو علاج ڪيو. ڪلينڪ تي ايندڙ مريض اڳ ماهنور بلوچ ، هاڻ وري فهد مصطفيٰ جي تصوير کڻي ايندا آهن ۽ چوندا آهن تھ اهڙو رنگ ڪري ڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button