سنڌي لوڪ موسيقي کي گائيڪي جو نئون انداز ڏيندڙ صوفي راڳي علڻ فقير جي 23هين ورسي ملهائي وئي آهي. ميڊيا مطابق علڻ فقير محمد علي شهڪي سان گڏ هما هما ڪر ڀيا ڳائڻي سمورن ماڻهن کي نھ رڳو حيران ڪيو، پر سندس هڪ گيت اتني بڙي جيون ۾ تو ني بھ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. جڏهن تھ علڻ فقير شاهه ڀٽائي جي ڪلام کي ڳائڻ ۾ ڌار سڃاڻپ ٺاهڻ سان گڏ وائي عام فهم ۽ ٻڌندڙن لاءِ آسان بڻايو، جنهن سبب سندس موسيقي ۾ ڪيل خدمتن کي سدائين ساراهيو ويندو آهي.
هوڏانهن علڻ فقير جي 23 ورسي جي موقعي تي سنڌيونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ۾ سندس رهائشگاهه ۾ واقع مزار تي وارثن ۽ مداحن گلن جي چادر چاڙهي حاضري ڀري آهي ۽ ان سان گڏ سيوا جي وفد صدر محمد علي گهانگهرو ۽ ٻين سميت موسيقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن پڻ سندس فن تي روشني وجهي کيس ڀيٽا پيش ڪئي آهي.