ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڦٽيءَ جي اگهن ۾ آيل لاٿ

ڪجهه وقت کان سنڌ جا آبادگار ڦٽِين جي اگهه سبب پريشان لڳا پيا آهن. ڦٽيءَ جو مناسب اگهه نه ملڻ ڪري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آبادگار پنهنجو احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن. هڪ پاسي سنڌ جو آبادگار پاڻي نه ملڻ ڪري پريشان لڳو پيو آهي، پوکيءَ لاءِ پاڻي نه ملڻ سبب به اهو احتجاج ڪندو رهندو آهي ته ٻئي پاسي جڏهن ان کي جنسن جا مناسب اگهه نٿا ملن ته ويتر پريشان ٿي ويندو آهي. ڪجهه ڏينهن کان جيڪي خبرون رپورٽ ٿي رهيون آهن، سي آبادگارن پاران ڪيل احتجاجن جون آهن. ڪالهوڪي آيل خبر موجب نفيس نگر ۾ ڦٽِيءَ جي اگهه ۾ لاٿ اچڻ خلاف آبادگار ۽ هاري روڊن تي نڪري آيا. متاثر آبادگارن ڌرڻو هڻي ڦٽيءَ جو مناسب اگهه ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو. متاثر آبادگارن دانهيندي ٻڌايو ته مارڪيٽ ۾ ڦٽيءَ جون نئون فصل اچڻ شرط واپارين ۽ ڪارخانيدارن هڪ هٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. عيد کان اڳ 9500 رپيا وڪرو ٿيندڙ ڦٽيءَ جو اگهه ڪيرائي 6 هزار ڪيو ويو آهي، جيڪو ظلم آهي. اهڙي عمل جو ڊي سي ميرپورخاص نوٽيس وٺي اگهه ساڍا اٺ هزار رپيا مقرر ڪري نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو پر واپارين ڊي سيءَ جي حڪم کي به ٿڏي پنهنجا من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن. هاري اڳواڻ نواز ٽنگڙي چيو آهي ته هڪ پاسي مهانگائي عروج تي هجڻ ڪري غريب ماڻهو ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان لڳو پيو آهي، مٿان وري ڦٽي مٽيءَ جي اگهه ۾ ورتي پئي وڃي.
عام طور جڏهن ڪوبه آبادگار ڦٽي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ ويندو آهي ته مڻ مان ٻه کان ٽي ڪلو ڦٽي اهو چئي رد ڪئي ويندي آهي ته اها گهميل يا خراب آهي، جنهنڪري به نقصان پهچي ٿو. ان کان سواءِ جڏهن اوچتو اگهه ڪيرايا وڃن ٿا ته ان سان به آبادگارن کي گهڻو نقصان پهچي ٿو. تنهنڪري آبادگارن لاءِ معاشي مسئلا پيدا ٿين ٿا. جن آبادگارن جو گذر سفر هاڻوڪي مند ۾ ڦٽين تي آهي، انهن سان جيڪڏهن اهڙي ويڌن ڪئي وڃي ته انهن کي هر حال ۾ نقصان ئي ٿيڻو آهي، پر هتي جڏهن به آبادگارن سان ڪو مسئلو ٿيندو آهي ته زراعت کاتو انهن جي ڪا سهائتا ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي، نتيجي ۾ آبادگار پريشانيءَ کي منهن پيا ڏيندا آهن. ان حوالي سان سڄي سنڌ ۾ ڦٽيءَ جو هڪ اگهه مقرر ڪرڻ گهرجي. ان کان سواءِ جيڪي به ڦٽيءَ جا واپاري آهن، انهن جي هڪ هٽي ختم ڪرڻ لاءِ انتظاميا کي اڳتي اچڻ گهرجي. جيڪڏهن ڊي سيءَ جي جاري ڪيل حڪم نامي کي به واپاري ڪنهن ليکي ۾ نٿا آڻين ته پوءِ آبادگار ڪنهن کي دانهن ڏيندا.
اسين سمجهون ٿا ته هي هڪ سنجيده نوعيت جو مسئلو آهي، جنهن کي جلدي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايوان زراعت، زراعت کاتي تي زور ڀري ته جيئن اهو جلدي ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪا اڳڀرائي ڪري. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته زراعت کاتو هر حال ۾ مناسب اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ واپارين کي ان ڳالهه جو پابند بڻائي ته اهي هر آبادگارن کان ڦٽي ڪنهن به ريت گهٽ اگهه تي نه وٺندا ۽ اهو عمل سڄي سنڌ ۾ نظر اچڻ گهرجي. سڄي سنڌ ۾ ڦٽيءَ جو اگهه هڪ جيترو مقرر ڪيو وڃي ته جيئن آبادگارن جو معاشي نقصان نه ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button