ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

قرض جو مرض

پاڻ سنڌي ۾ چوندا آهيون ته “قرض مرض آهي” پر پنهنجو پيارو ملڪ دنيا جو شايد اڪيلو ملڪ آهي، جنهن ۾ قرض ملڻ تي عيد جهڙيون خوشيون ملهايون وينديون آهن. ڇا توهان اسان اهو نه ڏٺو ته هيلوڪي قرباني واري عيد جي خوشين مٿان شهباز حڪومت پاران آءِ ايم ايف کان مليل ٽي ارب ڊالرن واري قرض جو ٻُرڪو ڪيئن ڇٽڪاريو ويو؟ ها نه رڳو شهباز حڪومت بلڪه سندس سهڪاري ميڊيا جي هيڊلائينز ۾ به آءِ ايم ايف کان مليل نئون مهينن جي انهي مشروط قرض واري خبر کي ايئن پيش ڪيو ويو ڄڻ ته اسان کي ڪنهن بي بها خزاني جي ڪُنجي ملي وئي هجي. پاڪستان مٿان جيترو پرڏيهي قرض آهي ۽ ان قرض جون ايندڙ ڏينهن ۾ کيس جيڪي تڪڙيون قسطون ڏيڻيون آهن، تن ادائيگين جي ڀيٽ ۾ ٽي ارب ڊالر ته ڪنهن شمار ۾ ئي ڪونه ٿا اچن پر ان قرض کي اهميت ان ڪري ڏني پئي وڃي جو چون ٿا ته اهي پئسا پاڪستان کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچائي ويا آهن. ڇا واقعي ايئن آهي؟ انهن پئسن ملڻ کان پوءِ ڇا پاڪستاني معيشت پيرن تي بيهي ويندي؟ ڇا هن ملڪ اندر ايندڙ ڏينهن ۾ ڪوبه معاشي بحران ٻيهر ڪر نه کڻي سگهندو؟ اچو ته انهن سوالن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.
جيئن مهڙ ۾ پاڻ قرض جي حوالي سان سنڌيءَ جي هڪ چوڻي ڏيئي اڳتي وڌياسين تيئن هتي به هڪڙي ٻي ڳالهه سامهون رکي پاڪستان جي معاشي بحران مان آجي ٿيڻ ۽ پنهنجن پيرن تي بيهڻ واري امڪان جو ڇيد ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون. اسان پنهنجن وڏڙن کان رهاڻين ۾ هڪڙي ڳالهه هي به ٻڌي آيا آهيون ته هڪ شخص ٻئي کان ڪنهن نئين همراهه جو نالو پئي پڇيو. جواب مليس ته ان نئين همراهه جو نالو آهي بچيو. نالي پڇندڙ شخص وري مٿان اهو سوال ڪيو ته ڀائو ڪم ڪار ڪهڙو ڪندو آهي؟ جواب ڏيڻ واري ٻڌايو ته ڀائو نانگن جي ٻِرن ۾ پيو هٿ وجهندو آهي. تنهن تي سوال ڪندڙ شخص چيو ته اهو ڀائو به جهڙو بچيو تهڙو نه بچيو. هاڻ هتي توهين اهو سوال ڪري سگهو ٿا ته نج معاشي معاملي کي سنڌي قصن پهاڪن جي پُڙ ۾ تورڻ جو ڪهڙو ضرور؟ ته پوءِ ان جي ورندي اها آهي ته پاڻ انهن پهاڪن جي روشنيءَ ۾ پاڪستان جي حڪمران اشرافيا جي لڇڻن کي سامهون رکي اهو سمجهڻ جي ڪوشش ۾ آهيون ته هيلوڪي قرض جا آخر نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟
هن ملڪ جي سڀ کان وڏي بدقسمتي آهي ئي اها ته هتي ڪابه مسقتل رٿابندي ناهي رهي. وقت ٽِپائو رَوِش جو ئي اهو نتيجو آهي جو قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ جي هٿ ۾ سدائين ڪشتو رهيو آهي. آئين جي حڪمراني نه هئڻ ۽ حڪمران طبقن جي رڳن ۾ ڪرپشن جو پيهي وڃڻ ئي اهو اصل مرض آهي، جنهن جي ڪري قرضن مٿان قرض چڙهندا رهيا آهن ۽ پري پري تائين انهن قرضن مان جند آجي ٿيڻ جو في الحال ڪوبه امڪان نظر نٿو اچي. شهباز حڪومت ته ڀل جو کڻي قرض ۾ مليل انهن ٽي ارب ڊالرن کي پنهنجي وڏي ڪاميابي قرار ڏيئي رهي آهي پر توهان عوامي حلقن ۾ وڃي پڇو ته ڇا انهن کي اها خبر به آهي ته هن حڪومت کي ٽي ارب ڊالر مليا آهن؟ ڪروڙن ۾ اهڙا هاري ۽ پورهيت آهن جن کي اها خبر ئي ناهي ته آءِ ايم ايف ڇا ٿيندو آهي ۽ ورلڊ بينڪ ڪهڙي بلا جو نالو آهي. انهن لوڪن کي رڳو اها خبر آهي ته اٽو مهانگو ٿي ويو آهي ۽ هاڻ هڪ پورهيت جي ايتري سگهه به باقي ناهي بچي جو هو بصر سان ڪوئي رکو ماني ڀور به کائي سگهي ۽ هتي اهو به واضح ڪندا هلون ته اهو غريب ۽ پيڙهيل طبقو پنهنجي اهڙي بک ۽ بدحاليءَ جو ڪارڻ حڪمران طبقن ۽ سندن جوڙيوال آفيسرشاهيءَ جي ڪرپشن کي ئي سمجهي ٿو. توهين ڪنهن به عام شخص کان مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ جو سبب پڇي ڏسو، توهان کي جواب اهو ئي ملندو ته “ادا انهن حرامين جو پيٽ ڀرجي ئي نٿو سو مهانگائي ڪيئن ختم ٿئي!!” هتي حرامين مان مراد حڪمران طبقا آهن. سو ماڻهو هن وقت به اهو ئي چئي رهيا آهن ته هي ٽي ارب ڊالر به کاڄي ويندا. جنهن ملڪ ۾ حڪمران طبقن ۽ عوام وچ ۾ اعتماد جو ايڏو وڏو ڏڪار هجي، ان ملڪ کي ڪوئي قرض نه پر ڪائي مڪمل ڪايا پلٽ ئي بچائي سگهي ٿي ۽ عوام اهڙي ڪاياپلٽ جي اوسيئڙي ۾ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button