ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مودي، مسلمان ۽ آمريڪا

ڀارت جي وزيراعظم نريندر موديءَ جو آمريڪي دورو صرف پاڪستان لاءِ پريشانيءَ جو ڪارڻ ڪو نه هو. ان دوري جي حوالي سان آمريڪا ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڳڻتي پيدا ٿي پئي هئي. اسان جي ملڪ ۾ ته صرف ان پوائنٽ تي فوڪس ڪيو پيو وڃي ته جيڪي ڪجهه به واشنگٽن ۾ چيو ويو، اهو پاڪستان سان سراسر زيادتي آهي. ان ۾ ڪو شڪ هجڻ به نه گهرجي ته اها زيادتي آهي به! ڇو ته آمريڪا ۽ ڀارت جي گڏيل اعلاميي ۾ جيڪي ڪجهه به چيو ويو، اهو گهٽ ۾ گهٽ آمريڪا کي ته ڪنهن به طور نٿو سونهين. جڏهن ته ان سلسلي ۾ پاڪستان صرف رڪارڊ جي درستگيءَ لاءِ پنهنجي پرڏيهي آفيس پاران هڪ عدد بيان جاري ڪرائي ڇڏيو پر ان عمل جي ملڪ ۾ ان طرح سان مذمت نه ڪئي وئي، جنهن ريت ٿيڻ گهرجي. ان جو سبب اهو آهي ته پاڪستان هن مهل ايترو ته ڪمزور ٿي چڪو آهي جو هو عالمي منظرنامي ۾ ڪنهن رڍ ۽ ٻڪريءَ جهڙي ملڪ جو به مقابلو ڪرڻ جي رسڪ کڻڻ پنهنجي لاءِ ٺيڪ نه ٿو سمجهي. جڏهن ته آمريڪا پنهنجي وجود ۾ هڪ هاٿيءَ جهڙو ملڪ آهي.
پاڪستان آمريڪا سان جيڪو به تعلق رکيو آهي، اهو ڀارت جي حوالي سان ٿورو نه پر تمام گهڻو مختلف آهي. جيڪڏهن پاڪستان آمريڪا جي امدادن تي نه هلي ها ۽ پنهنجن پيرن تي بيهي آمريڪا سان دوستيءَ وارو هٿ ملائڻ جي ڪوشش ڪري ها ته آمريڪا وٽ پاڪستان جي پوزيشن ٻي هجي ها پر پاڪستان جي حڪمرانن پنهنجي ملڪ جي عزت ۽ وقار کان وڌيڪ پنهنجي دور جي حڪمرانيءَ لاءِ آمريڪي امداد کي گهڻي اهميت ڏني. اهوئي سبب آهي ته هن مهل پاڪستان جي حالت اهڙي آهي جو هن وٽ نه ئي مال آهي ۽ نه وري اهو مانُ آهي، جنهن جي بنياد تي هو آمريڪا کي هڪ آزاد ملڪ وانگر اکيون ڏيکاري ۽ کيس اهو ڪجهه چئي سگهي، جيڪو هن مهل ڀارت ۾ بي جي پيءَ جا اڳواڻ چئي رهيا آهن.
ڀارت کي آمريڪا ۾ سدائين وڏو آڌرڀاءُ مليو آهي. هن ڀيري به نريندر موديءَ جو جهڙي ريت استقبال ڪيو ويو، اهو تمام گهڻو هو. ايترو گهڻو جو ان تي آمريڪا ۾ پنهنجن قومي مفادن کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏيندڙ سياسي مبصرن جي پيشانيءَ ۾ به پريشانيءَ سبب گهنج پيل نظر آيا. ڇو ته موديءَ جي سلسلي ۾ صرف هڪ سوچ ناهي. موديءَ جي حوالي سان آمريڪا ۾ ڪجهه اهڙا خيال به آهن، جيڪي ظاهر آهن ته آمريڪا جي اسٽيٽ پاليسيءَ سان اتفاق نه ٿا رکن. ڇو ته انهن خيالن ۾ ڀارت جو پنهنجن شهرين ۽ خاص طور پنهنجن اقليتن سان جيڪو سلوڪ آهي، اهو دنيا کان ڳجهو ناهي. ڀارت ڪجهه به چئي ۽ ڀارت گهڻو ڪجهه چئي به رهيو آهي پر جهڙي ريت اردو ٻوليءَ جو محاورو آهي ته “هاٿ ڪنگن ڪو آرسي ڪيا هي؟” تهڙي ريت ڀارت ۾ موديءَ جي حڪمرانيءَ دوران جهڙي ريت اتان جي مسلمان اقليت سان جيڪو نابرابريءَ وارو سلوڪ رکيو ويو آهي ۽ جهڙي ريت ڀارت جا مسلمان پاڻ کي نه صرف ٻي درجي جو شهري سمجهي رهيا آهن پر انهن کي پنهنجو وجود ان ملڪ ۾ محفوظ محسوس نه ٿي رهيو آهي، جنهن ملڪ ۾ رهڻ جو فيصلو انهن جي وڏن ڪيو هو.
ڀارت دنيا جي دانائيءَ جي نظر ۾ اصل دوکو پاڻ کي ڏئي رهيو آهي. اهو ڪجهه هن ڀيري آمريڪا جي اڳوڻي صدر بارڪ اوباما سي اين اين جي جرنلسٽ خاتون ڪرسٽينا امان پور کي انٽرويو ڏيندي چيو. هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت مسلمان اقليت کي ستائڻ کان نه مڙيو ته هو پنهنجو وجود محفوظ رکي نه سگهندو. بارڪ اوباما اهو انٽرويو ان مهل ڏنو، جنهن مهل نريندر مودي آمريڪا جو معتبر مهمان بڻيل هو. بارڪ اوباما جي اهڙي اظهار تي ڀارت ۾ بي جي پيءَ جي اڳواڻن ۾ ڪاوڙ جي شديد لهر پيدا ٿي پئي ۽ سوشل ميڊيا تي ئي نه پر ڀارت جي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به ڪافي شور متو ۽ اهو چيو ويو ته بارڪ اوباما ڀارت جي توهين ڪئي آهي. ڀارت جا ڪجهه عجيب حلقا ته ان قسم جي انٽرويو کي ۽ ان انٽرويو ۾ بارڪ اوباما جي اظهار کي پنهنجي ملڪ خلاف هڪ عالمي سازش قرار ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته انهن ماڻهن ۽ ان تنقيد تي توائيءَ ۾ آيل خلق اصل ۾ اهو انٽرويو ٻڌو ئي نه آهي، جنهن انٽرويو جو اصل مقصد ڀارت جي مٿان تنقيد ڪرڻ نه هو پر ان انٽرويو جو مقصد اهو هو ته بارڪ اوباما جي بقول آمريڪا ۾ جمهوري ادارا ڪمزور ٿي رهيا آهن ۽ انهن کي پنهنجو جائزو وٺڻ ۽ پاڻ ۾ موجود ڪميون ڪوتاهيون دور ڪرڻ گهرجن. ان سلسلي ۾ ذڪر صرف ڀارت نه ٿيو هو پر ڀارت کان وڌيڪ تذڪرو ته چين جو ٿيو هو. ڇو ته تازو آمريڪا جو پرڏيهي سيڪريٽري چين جي دوري تي ويو هو ۽ ان دوري جي حوالي سان آمريڪا ۾ بحث جو هڪ طوفان شروع هو. بارڪ اوباما جي انٽرويو کي آمريڪا ۾ موجود بيچينيءَ جي پسمنظر ۾ ڏسڻ ضروري آهي.
ڀارت ۾ باراڪ اوباما جي راءِ سبب جيڪا ڪاوڙ جي لهر پيدا ٿي آهي، ان جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته باراڪ اوباما خانداني سلسلي ۾ هڪ مسلمان سڃاڻپ به رکي ٿو. باراڪ اوباما مذهبي حوالي سان هڪ عيسائي آهي. پر هن جو والد مسلمان هو. اهوئي سبب آهي ته هن جو پورو نالو باراڪ حسين اوباما آهي. اوباما جي اهڙي پسمنظر کي بي جي پيءَ پاران تعصب سان ڏسڻ جو انداز به تمام گهڻو قابل تنقيد ۽ بي جي پيءَ جي اصل سوچ جو اهڃاڻ آهي. اهڙي قسم جي ردعمل کي ظاهر ڪري اصل ۾ بي جي پي پاڻ کي وڌيڪ وائکو ڪري رهي آهي ۽ جيڪڏهن ڀارت ان رستي تي هلندي رهي ته آمريڪا جي اڳوڻي صدر باراڪ اوباما جي اها پيشن گوئي بلڪل به سچ ثابت ٿيندي ته ڀارت پنهنجي وجود کي منتشر ٿيڻ کان بچائي نه سگهندو.
ڀارت جي حڪمران ڌر پاران اوباما خلاف شروع ڪيل واويلا ڀارت جي حق ۾ هرگز نه آهي پر جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي خلاف جاري ڪيل آمريڪا ۽ ڀارت جي گڏيل اعلاميي تي احتجاج ڪري ها ته اهو پاڪستان جي حق ۾ هجي ها. ڇو ته پاڪستان هن وقت آمريڪا جي معاشي مدد حاصل نه ٿو ڪري ۽ نه وري آمريڪا هن لاءِ اهو ڪجهه ڪري رهيو آهي، جيڪو ڪجهه آمريڪا کي سرد جنگ جي پسمنظر ۾ پاڪستان پاران آمريڪا جي مفاد ۾ ادا ڪيل ڪردار واري ملڪ لاءِ عالمي قوت کي ڪرڻ کپي. پر هيءَ دنيا دوکن سان ڀري دنيا آهي. هن دنيا ۾ اسان ڪنهن ڪنهن کي ميار ڏيون؟ هر ماڻهو ۽ هر ملڪ پنهنجن مفادن کانسواءِ ٻي ڪا ٻولي ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. اهڙي ماحول ۾ آخر ڇا چئجي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button