ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مٽي ۽ بهه سان ڀريل ڪڻڪ جون ٻوريون

Editorial

سنڌ توڙي ملڪ ۾ وڏي وقت کان ڪڻڪ جو بحران هلي رهيو آهي، ان بحران سبب عوام کي مهانگو اٽو خريد ڪرڻو پيو پوي پر تنهن هوندي به حڪمرانن جي ڪن تي جونءِ ڪانه ٿي سري. عوام اڄ به قطار ۾ لڳي سستي اٽي لاءِ پنهنجي حياتي وڃائڻ لاءِ تيار آهي. پر حڪومت عوام کي سستو اٽو ڪنهن دڪان تي فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. مٿان اهي با اثر به آهن، جيڪي ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ڪري اٽي جو اگهه چوٽ چاڙهي رهيا آهن. ڇا اها انهن غريبن سان نا انصافي ڪونهي، جيڪي سستي اٽي لاءِ پريشان لڳا پيا آهن ۽ اهي پنهنجن ٻارن کي ٻه ويلا ماني کارائڻ جي سگهه به ڪونه ٿا رکن. مٽي واري ڪڻڪ جو اٽو کائيندڙ عوام ڪيتريون به دانهون ڪوڪون ڪندو رهي پر حڪمران انهن جون دانهون ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه آهن ۽ نه ئي انهن با اثرن خلاف ڪارروائي ڪري کين سزائون ڏيڻ لاءِ تيار آهن، جن جي ڪري مارڪيٽ ۾ اٽو مهانگو ملي رهيو آهي. ڪالهه هڪ اهڙي خبر رپورٽ ٿي آهي، جنهن موجب ڪڻڪ جي گودام تي ڇاپو هنيو ويو ۽ ان ڇاپي دوران ٻورين ۾ ڪڻڪ بدران مٽي ۽ بهه ڀريل هو.
خبر موجب خيرپور ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ٽيم، اسسٽنٽ ڪمشنر ارسلان حيدر ڦلپوٽو کي ساڻ ڪري شاهه حسين باءِ پاس وٽ ڳوٺ پير مڱيو ۾ فوڊ کاتي خيرپور جي ڪڻڪ جي گودام تي ڇاپو ھنيو. ڇاپي دوران ٽيم گودام تي رکيل ڪڻڪ جي ٻورين کي کولڻ شروع ڪيو ته انھن ۾ ڪڻڪ بدران مٽي ۽ بهھ ڀريل ھو. جڏهن ته گودام مان 7786 ٻوريون هٿ ڪري ورتيون، جن جي ماليت 6 ڪروڙ رپيا ٻڌائي پئي وڃي. ٻئي پاسي ڇاپي دوران ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر منور ميراڻي، فوڊ سپروائيزر بهادر ميراڻي ۽ ٻيا ملازم فرار ٿي ويا، جنهن کان پو ٽيم مٽي ۽ بھه سان ڀريل ٻوريون پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيون. ان موقعي تي ڇاپو هڻندڙ عملدار ٻڌايو ته اسان کي اطلاع مليو ته فوڊ سپروائيزر ڪڻڪ وڪرو ڪري ٻورين ۾ مٽي ۽ بهھ ڀري رکي ڇڏيو آھي. وڪرو ڪيل ڪڻڪ جي ماليت 6 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آھي. هي ته رڳو هڪ شهر ۾ ڇاپي لڳڻ کان پوءِ 6 ڪروڙ ماليت جون ٻوريون برآمد ڪيون ويون آهن پر جيڪڏهن ٻين شهرن ۾ ڇاپا هنيا وڃن ته انهن مان به ڪروڙن جون ٻوريون هٿ اينديون ۽ اها ڪڻڪ به عوام جي هوندي. هن ڪارروائي مان اهو پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته عوام کان مانيءَ جو گرهه کسڻ لاءِ با اثر ڪنهن حد تائين به وڃڻ لاءِ تيار آهن، اهي ڪڻڪ عيوض ٻورين ۾ مٽي ۽ بهه ڀرڻ کان به نٿا ڪيٻائين. ڪڻڪ جي چڪين ۽ فلور ملن تائين رسائي بنا ڪنهن رنڊڪ جي ٿيڻ گهرجي. ان کان سواءِ اٽي جي رسائي هر ماڻهو تائين ممڪن بڻائڻ حڪومت ۽ انتظاميا جي ذميواري آهي.
اسين سمجهون ٿا ته هي انتهائي سنجيده معاملو آهي، تنهنڪري ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جيڪي ماڻهو جنهن ضلعي يا تعلقي ۾ ڪڻڪ جي ٻورين ۾ مٽي ۽ بهه ڀري رهيا آهن، انهن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪرڻ لازمي آهي ته جيئن عام ماڻهوءَ کي سستي اٽي تائين رسائي ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button