ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هاءِ پروفائيل قتل ڪيس ۽ سوشل ميڊيا

Editorial-Article- Rashid Leghari

هتي ڪو واقعو يا لقا اڃا ظاهر ئي ٿئي ٿو ته جلدبازي ۾ اکيون کپائي ويٺل سوشل ميڊيائي برگيڊ پنهنجو رايو يا ردعمل ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيندي آهي. اها برگيڊ جيڪڏهن حساس معاملن ۽ ڪيسن ۾ مداخلت ڪري ته پو انهن ڪيسن جي جاچ ڪندڙ ادارا به اهو رجحان برداشت نه ڪندا آهن. اهڙي ريت اهو ردي عمل حساس قتل ڪيسن تي ظاهر ڪيو وڃي ته پو هنن ڪيسن جي نوعيت به تبديل ٿيڻ لڳندي آهي. جنهن کي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اهڙن ماڻهن کي جاچ ۾ شامل به ڪري سگهن ٿا. سوشل ميڊيا تي ويهي لکندڙ ۽ ساک وارن ادارن ۾ ڪم ڪندڙ صحافين ۾ سچ به هڪ واضح فرق هوندو آهي.
سوشل ميڊيا تي ڪنهن به واقعي بابت لاڳاپيل ادارن کان معلومات وٺڻ کانسوا ئي اهي عوام تائين ڪوڙي يا من گهڙت خبر پهچائي چڪا هوندا آهن. صحافين کي پنهنجي ميڊيائي ادارن، پرنٽ اليڪٽرانڪ يا ڊجيٽل ميڊيا جي طرفان ڪنهن به قتل يا واردات جي واقعي کي رپورٽ ڪرڻ لا هڪ اسائمينٽ ڏني ويندي آهي. پو اهو رپورٽر، صحافي پوليس کان ويندي فارنزڪ ليبارٽري جي عملي، ڊاڪٽرن جي ٽيم سميت مختلف رخن جي مدد سان ان ڪيس کي رپورٽ ڪري سگهندو آهي. ساڳئي وقت اهو رپورٽر يا صحافي پنهنجي خبر ۾ هڪ مخصوص انداز سان ڪيس تي اثرانداز ٿيڻ لا خود جاچ آفيسر يا جج ٿي خبر کي فيصلي جو رنگ ڏئي لکڻ شروع ڪري ڇڏي ته پو نتيجا اڃا به خطرناڪ نڪري سامهون اچي سگهن ٿا.
تازو ڀان سيد آباد ۾ ماسترياڻي نورين فاطمه جو قتل ڪيس سامهون آيو آهي. جنهن کي مائٽ خودڪشي چوندا رهيا. نورين فاطمه جو مڙس بضد رهيو ته سندس زال کي گولي هڻي قتل ڪيو ويو آهي. جنهن جو قتل ڪيس به مقتول جي پي، ڀائرن ۽ چاچي خلاف داخل ڪيو ويو. هي ڪيس به مختلف ماڻهن سوشل ميڊيا تي ويهي هڪ ڌر جي حمايت يا ٻئي ڌر جي مخالفت ۾ کنيو. هڪ شاعر ته مقتول جي گهر پهچي معاملي کي ائين پيو سمجهائي ڄڻ ڪو واقعو ٿيو ئي نه هجي. هن قتل ڪيس جي پڻ پوليس ئي جاچ ڪئي آهي، جيڪي قتل ڪيس جو چالان جمع ڪرائيندا يا ڪرائي چڪا هوندا، ساڳئي ماڻهن فيس بڪ تي نورين فاطمه جي مڙس کي جاچ ۾ وٺڻ لا رڙيون پئي ڪيون، ڪن وري سندس گرفتاري جي خبر به سوشل ميڊيا تي وقفي وقفي سان بريڪ پئي ڪئي. ائين ٻيو ڪيس حيدرآباد جي ڀٽائي نگر واري علائقي مان نوجوان پارس شاهه جي لاش ملڻ جو آهي. جيڪو مشهور براڊڪاسٽر ماڪن شاهه رضوي جو پٽ آهي. هن نوجوان جو گهر مان لاش مليو هو. ان وقت پوليس هن نوجوان جي موت کي طبي قرار ڏنو هو. جنهن دوران سندس ڀيڻ سحر شاهه ۽ ٻين گهرڀاتين عدالت ۽ پوليس کي چيو پئي ته سندن نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي. جنهن جي جاچ پهرين مختلف ڪيسن جي جاچ ۾ ايمانداري طور مشهور انسپيڪٽر سراج لاشاري ڪئي. جنهن عدالت ۾ رپورٽ ڏني ته نوجوان جو موت طبي ٿيو آهي. قتل جون ڪي به شاهديون نه مليون آهن. جنهن بعد گهرڀاتين جي مطمئن نه ٿيڻ تي آ جي سنڌ جي حڪم تي ايس ايس پي سانگهڙ بشير بروهي ٻيهر جاچ ڪندي تلهار مان پارس شاهه جي سالي ۽ زال فرزانا شاهه جي ماسات کي گرفتار ڪيو. ان وقت ايس ايس پي بشير بروهي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان ٽيڪنالاجي جي بنيادن تي جوابدارن تائين پهتا آهيون. جنهن ۾ موبائل لوڪيشن کي به شامل ڪيو ويو. جڏهن ته پارس شاهه جي زال ۽ سندن گهرڀاتي سول ميڊيا معرفت بيان ڏئي رهيا آهن کين بيگناهه جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ هن ڪيس جي جاچ به پوليس ڪري رهي آهي پر سوشل ميڊيا ته ڪجهه صحافي توڙي ٻئي عام خلق هر روز فيصلو ٻڌائي رهي هوندي آهي ته ڪير قتل ۾ ملوث آهي ۽ ڪير بيگناهه آهي. اهڙي هن قتل ڪيس جي جاچ به پوليس کي ڪرڻي آهي نه وري بريگيڊ کي، ٻيو ته داخل ڪيس ۾ ڪنهن کي به نامزد نه ڪيو ويو آهي. پوليس هن قتل جو به چالان جمع ڪرائيندي. مزي جي ڳالهه ته جنهن ڏينهن بشير بروهي جاچ شروع ڪئي ان ڏينهن سانگهڙ مان بدلي ٿي ويو، وري نورين فاطمه جي جنهن ايس ايس پي عمران جاچ پئي ڪئي اهو به ان ڏينهن بدلي ٿي ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button