شوبز

نيٽ فليڪس تي جلد پاڪستاني پراجيڪٽ آن ايئر ٿيڻ جو امڪان

پاڪستان جو پهريون پراجيڪٽ جلد نيٽ فليڪس تي آن ايئر ٿيڻ جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي. ميڊيا مطابق نيٽ فليڪس پاران تيار ڪيو ويندڙ پهريون پاڪستاني پراجيڪٽ هن وقت شروعاتي مرحلي ۾ آهي، جنهن بابت معلوم ٿيو آهي تھ ان جي ڪاسٽ ۾ ماهرا خان، حمزا علي عباسي، فواد خان، هانيا عامر ۽ ٻين مشهور پاڪستاني اداڪارن ۽ اداڪارائن کي شامل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ پراجيڪٽ جي هدايتڪارا مومنا دريد هوندي ۽ ان جي ڪهاڻي فرحت اشفاق جي ناول جو بچي هين سنگ سميٽ لو مان ورتي وئي آهي، پر پراجيڪٽ جي نالي جو اعلان اڃا ناهي ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button