خيرپور گنبوهه جا آبادگار گذريل ڪيتري عرصي کان پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. پاڻي نه هجڻ ڪري نه رڳو اهي پنهنجا فصل پوکڻ جي قابل ڪونه آهن پر معاشي بدحاليءَ جو شڪار پڻ ٿي رهيا آهن. جڏهن ته سنڌ جي واهن ۾ ڪجهه وقت کان پاڻي موجود آهي. خيرپور گنبوهه جي آبادگارن جي شڪايت اها آهي ته کين پاڻي فراهم نٿو ڪيو وڃي، جڏهن ته مٿي جيڪي به آبادگار موجود آهن، انهن کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو، يعني اهي خيرپور گنبوهه جي آبادگارن جي حصي جو پاڻي چوري ڪري رهيا آهن. هي معاملو رڳو ايستائين ختم نٿو ٿئي پر اتي موجود ماڻهو گندي پاڻي سبب چمڙي جي بيمارين جو شڪار پڻ ٿي رهيا آهن.
نصير ڪئنال جي آخري پڇڙي جي آبپاشي سب ڊويزن خيرپور گنبوهه جي جرڪس، کوسڪي، ٻنگار، آئلپور، باگو مائينر، بصران ون، بصران ٽو ۽ خيرپور سميت 17 شاخن تي آبپاشي عملدارن پاران ڪيل وارابندي سبب پاڻي جي کوٽ علائقي جي خوشحالي کي کاٽ هڻي وسندڙ ويڙها ويران ڪري زرعي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ڄاڻايل شاخن جي پڇڙي جي علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ ڪري انسان توڙي جانور پکي پاڻي لا تڙپڻ لڳا آهن. ڳوٺن جا رهواسي جر جو کارو پاڻي ۽ دٻن ۾ سم نالن جو بيٺل سينکيو مليل پاڻي پيئڻ سان گڏ رڌپچا ۾ استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن. جر جي کاري پاڻي سبب ماڻهن ۾ انيڪ بيماريون ٿي پيون آهن. ان سلسلي ۾ مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر انور علي ميمڻ ٻڌايو ته علائقي ۾ وڌ ۾ وڌ بيمارين جو جنم وٺڻ ۽ پکڙجڻ جو سبب پيئڻ جو پاڻي آهي، جر جو کارو پاڻي انسانن لا وڏو هاڃيڪار آهي، جنهن پاڻيءَ مان سينکيو جراثيم ڪافي مقدار ۾ هوندو آهي. علائقي ۾ بک، بيروزگاري ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جي ڏڪار سبب علائقي جا ڪيترائي ڳوٺ لڏپلاڻ سبب خالي ٿي ويا آهن، نوجوان مختلف شهرن ۾ مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن. زميندار طبقي جا ماڻهو به ديوين جو ڪاٺ ۽ پاڙون لاھه ڪڍي گڏهه گاڏيون ڀري وڪڻي پيٽ پالڻ تي مجبور آهن. علائقي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب جهڏو، ملڪاڻي شريف، خيرپور گنبوهه، حيات خاصخيلي، سانگي فراهو، ۽ ڀرپاسي جي شهرن ۾ ڪاروبار کي به نقصان پهتو آهي. پاڻيءَ جي کوٽ ۽ علائقي جي آبادگارن جي حقن لا جدوجهد ڪندڙ آبادگارن ملڪ محمد اشرف، ماوو ڪولهي، حاجي کوسو، عاصم قائمخاني ۽ ٻين احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي شاخن جو پاڻي اسان جي چونڊيل نمائندن ۽ آبپاشي عملدارن بند ڪري علائقي کي تباهه ۽ برباد ڪيو آهي. 10 سال اڳ اسان وٽ هزارين ايڪڙن تي مرچ، ڦٽي، ڪڻڪ ۽ سرنهن بيٺل هوندا هئا، ملڪاڻي شريف جنسن جو مين مرڪز هوندو هو، بئراجي علائقن جا ماڻهو وڏا خوشحال هئا، پر پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ اسان کي بک مرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته هي صورتحال بنهه ڳڻتي جوڳي آهي، ڇاڪاڻ ته خيرپور گنبوهه جي زرعي معيشت تباهه ٿي رهي آهي ۽ اتان ماڻهو توڙي آبادگار پريشانين جي ور چڙهي رهيا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته آبادگارن کي وقت سر پاڻي ڏنو وڃي. نصير ڪئنال جي شاخن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي ته جيئن آبادگار پنهنجا فصل وقت سر پوکي سگهن.