بورجوا نظرئي ساز پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ واري رول ۽ جمهوري مرڪزيت جي اصول تي حملو ڪن ٿا. اهي هن راءِ جي پرچار ڪن ٿا ته پارٽيءَ جي اڳواڻي واري ڪردار جي وڌڻ سان ٻين عوامي تنظيمن جي سرگرمي ۽ انهن جو اثر گهٽجي وڃي ٿو. حقيقت اها آهي ته پارٽيءَ جو اڳواڻيءَ وارو ڪردار جيئن جيئن وڌندو آهي تيئن تيئن پورهيت عوام جي سڄي عوامي ۽ رياستي تنظيمن جي زندگي ۽ سرگرمي به وڌي ويندي آهي.
لينن سوشلزم جي جدوجهد جي تجربي مان هڪ اهم نتيجو ڪڍيو. هن چيو ته: “پارٽيون پنهنجي طبقن جي مفاد جي نمائندگي کڻي ڪهڙي به درجي تي ڪن، انهن ۾ تبديلي اچي، پر اسان کي اڃا تائين ڪنهن بهتر شڪل جي خبر ئي ڪانهي. سوويت روس جيڪا جدوجهد ڪئي ۽ جنهن پوين ٽن سالن کان عالمي سامراجيت جي حملي جو مقابلو ڪيو آهي، ان جو سڄو رويو ان حقيقت سان واڳيل آهي ته پارٽي باشعور طور پرولتاريءَ کي مدد ڏيڻ ۾ سنڌرو ٻڌو ته پرولتاري، معلم، منتظم ۽ اڳواڻ جي حيثيت سان پنهنجا فرض پورا ڪري جنهن کان سواءِ سرمائيداريءَ جو زوال ناممڪن آهي.” (لکڻيون؛ جلد 31، ص 367)
اها سڀني مارڪسوادين لينن وادين لاءِ هڪ پوتر هدايت آهي. اهو سمورن ڪميونسٽن جو فرض آهي ته هو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ واري ڪردار خلاف ٿيندڙ حملن کي رد ڪن ۽ سوشلزم ۾ “ڇڙواڳي پيدا ڪرڻ” واري نعري جي غداراڻي اصل مقصد جي پت وائکي ڪن.
سوشلزم زميندارن، سرمائيدارن ۽ ٻين ڦوروئن يا مفت خورن جون مراعتون ختم ڪري ڇڏيون آهن ۽ انهن جي روحاني باقيات يعني ڀانت ڀانت جي ظاهري طور جمهوريت پسندن کي به ڪا مراعت نٿو ڏئي جيڪي آزاديءَ جي نعرن جي آڙ ۾ پنهنجي بيحس خودغرضي ۽ انفراديت کي لڪائي رکندا آهن. سوشلسٽ ملڪن ۾ ڦورو طبقن جو خاتمو آندو ويو آهي. پر هتي به اڃا تائين ڪجهه “جمهوريت جا لٻاڙي” بچيل آهن جيڪي، حد اها آهي جو، پنهنجي ئي عوام خلاف، سوشلسٽ نظام خلاف الزامن جي آزاديءَ گهرن ٿا.
ٻنهي نظامن وچ ۾ سخت جدوجهد جي حالتن ۾ سوشلسٽ سماج لاءِ ٻيو ڪو به رستو نٿو بچي سواءِ ان جي ته تقرير جي آزادي، پريس، ۽ تنظيم جي اجائي استعمال جو سدباب ڪري. هو ان جي اجازت ته نٿو ڏئي سگهي ته جمهوري حقن کي پورهيت عوام جي مفاد خلاف استعمال ڪيو وڃي. سوشلزم هيٺ جمهوريت جي اصل پرک هوندي آهي عوام جو مفاد.
سوشلسٽ جمهوريت پورهيت عوام کي سچي آزادي ڏئي کين سڄي سماج جي مفاد مطابق ڊسيپلن ۽ تنظيم جو پابند رهڻ جي گهرجائو هوندي آهي. ۽ هڪ ٻيو جدلياتي تعلق آهي. هڪ کان سواءِ ٻئي جو وجود ناممڪن آهي؛ ذميواري، ڊسيپلن ۽ تنظيم جي اعليٰ احساس کان سواءِ سوشلسٽ جمهوريت جي ارتقا نه ٿيندي آهي نه ئي ٿي سگهي ٿي.
سوشلسٽ جمهوريت، ان جون صورتون ۽ طريقا باربار نکرندا ۽ بهتر ڪيا ويندا آهن، ڪجهه صورتن ۽ طريقن جي جاءِ تي ٻيا بهتر طريقا ۽ صورتون رائج ڪيون وينديون آهن. اهو ڪميونسٽن جو، سوشلسٽ ملڪن جي سموري پورهيت عوام جو، سڄي ترقي پسند انسانيت جو فرض آهي ته هو سوشلسٽ جمهوريت ۽ ان جي ڪاميابين کي سامراجيت جي نظرئي سازن ۽ ماڻهن جي حملن کان بچائين جيڪي سوشلزم جا بنياد ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا.
)پورو ٿيو)