ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪرپشن ۽ سرپرستي

هن ملڪ ۾ عام ۽ جام ڪرپشن جون ڪهاڻيون ٻڌڻ ۾ ته اينديون ئي رهن ٿيون پر اهي ڪردار جيڪي ڪرپشن ۾ ملوث آهن اهي بي خوفي ۽ فاتحانه انداز ۾ مرڪندي جڏهن نظر ايندا آهن ۽ هو اتفاقي هيڪڙ ٻيڪڙ جڏهن ڪرپشن ڪيسن ۾ گرفتار ٿيڻ کان پوءِ ضمانتن يا حاضرين تي فاتحانه وڪٽريون ڏيکاريندي ميڊيا جي فوٽو ۾ نظر ايندا آهن تڏهن محب الوطن ۽ باضمير شهرين جا ڪنڌ شرم کان جھڪي ويندا آهن وري جڏهن انهن جي حق ۾ لاٺڙيا ۽ ٽڪي ٽي پيسي جي ڪمداري ڪندڙ خوشامدين جا ٽولا مٿين گلن جي ورکا ڪندي نظر ايندا آهن ته وڌيڪ سون تي سهاگ فاتحانه ڪرپشن جو جشن نظر اچڻ شروع ٿيندو آهي.
اسان سڀ باآساني هي سمجھون ٿا ته جڏهن ڪو به ڏوھه يا گناهھ بي خوفي واري انداز ۾ ٿيڻ لڳندو آهي ته انهيءَ جو صاف مطلب هي هوندو آهي ته رياست جي ادارن ۾ رڳو ڪمزوري ناهي پر هو دانسته طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ کان نابري واريندا آهن جو سندن مفاد هڪ طرف هي هوندو آهي ته انهن ڏوهن مان سڌي يا اڻ سڌي طرح کين گھڻو ڪجھه ملڻ ٿيندو آهي ۽ هو انهن جا بينيفشري هوندا آهن ٻئي طرف هڪ دانسته حڪمتِ عملي اها اختيار ڪئي ويندي آهي ته ڏوھه ننڍي سطح کان ڪيتري به وڏي سطح تائين ٿيندا رهن ۽ ڪرپشن ايتري کلي عام ٿئي جو ڪنهن ۾ انهيءَ تي تنقيد ڪرڻ جي جرئت ئي نه رهي.
ڪجهھ ڏينهن پهريان خيرپور ۾ ڪڻڪ جي گودام تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڇاپو هڻي ڳوٺ پير مڱيو ۾ ان گودام ۾ 70786 پيل ڪڻڪ جي ٻورين ۾ بوھه ۽ مٽي ڀريل هجڻ جو منظر ميڊيا جي آڏو آندو. ٻڌايو ٿو وڃي ته 6 ڪروڙن کان وڌيڪ جي ماليت جي ڪڻڪ هئي جيڪا بوھه ۽ مٽي ۾ تبديل ٿي وئي اهڙي طرح جيڪب آباد ۾ فوڊ گودام تي به ڇاپو لڳو هيو جتان نالي ماتر ڪڻڪ سان گڏ مٽي ڀريل هئي ڪڻڪ جي گودامن تي جيڪي منظر عوام هر روز ڏسي ٿو ان جي تفصيل ته تمام وڏي ڊگھي آهي پر ڪجھه عرصو اڳ فوڊ جي منسٽر صاحب هڪ عظيم پاليسي هي آندي هئي ته سرڪاري گودامن جي حالت بهتر ناهي يا اتي گنائجش گھٽ آهي تنهن ڪري پرائيويٽ گودام خاص ڪري اٽي جي ملين ۽ اٽي جي چڪين وارن سان ايگريمينٽ ڪري ڪروڙن، اربين روپين جي ڪڻڪ رکي وئي ۽ پوءِ جيڪا معلومات عوام کي ملي ته اها هي ته ڪجھه گودامن ۾ باهيون لڳيون ڪجھه موسمن جي بي رحمي جا شڪار ٿيا ۽ اهڙي طرح سان سڀ ڪجهھ شو منتر ٿي ويو.
نالي ماتر انڪوائريون ۽ ڪيس داخل ٿيا ڪجھه به نه وريو پر ابتو فوڊ ڊيپارٽمينٽ نقصان ۾ ايندڙ گودامن کي ڪرايا به ڀري ڏنا. سنڌ جي ڪهڙي ترقياتي اسڪيم آهي جنهن تي ڪميشن 60 کان 70 پرسنٽ نه ٿي ورتي وڃي ۽ هر ڊيولپمينٽ ايجنسي کان سندن منسٽري 10 کان 20 پرسنٽ ڪميشن وٺڻ عام جام آهي وزارتون ورهائڻ وقت حڪومتي پارٽي جا سربراھه اهوئي چوندا آهن ته ڪهڙي وزارت ڪيتري سڻڀي ۽ ڪيتري اڻڀي آهي ۽ پوءِ وزارت ۽ ان جي حصي پتي تي ڳالهايو ويندو آهي ۽ انهي سان گڏوگڏ انهي تي ناراضگيون يا اختلاف ٿيندا آهن. ڪارڪردگي اهائي هوندي آهي ته ڪنهن ڪيترو ڪمايو جڏهن ڪنهن معاشري جي اندر ڪرپشن ناسور بڻجي وڃي ته معاشرو مفلوج ئي ٿي ويندو آهي ۽ ان مفلوج معاشري جي اندر بي خوف ڪرپشن ٿيڻ ۽ ان جي سرپرستي ڪندڙ پوري فخريا انداز ۾ بي شرمي سان دليل ڏيندي رڳو ٻڌا نه ويندا آهن پر فاتحانه ٽهڪ به فضائن ۾ گونجندا رهندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button