ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لينن نئين طرز جي انقلابي پارٽيءَ جو باني-I

Editorial-Article- Yameen Jatoi

ترجمو: يامين جتوئي
ويهين صديءَ جي شروعات ۾ عالمي سرمائيداري پنهنجي آخري منزل، سامراجي منزل ۾ داخل ٿي. سرمائيداريءَ کان سوشلزم ڏانهن هڪ انقلابي عبور سماجي ارتقا جي سخت ضرورت بڻجي ويو. عالمي تاريخ جو هڪ نئون موڙ اچي ويو. بين الاقوامي پرولتاري هڪ سماجي قوت جي حيثيت سان اڀري آيو جنهن جي مقدس فرض ۽ صلاحيت جو مطالبو هو ته انسان هٿان انسان جي استحصال جي خاتمي لاءِ، سماجي زندگيءَ ۾ هڪ انقلابي ڪاياپلٽ لاءِ جدوجهد جي اڳواڻي ڪري. ان عظيم فرض جي پورڻتا جي شروعات بين الاقوامي پرولتاريءَ جي ان جٿي جي حيثيت ۾ آئي جنهن جي قيادت لينن جي قائم ڪيل بالشيوڪ پارٽي ڪري رهي هئي. ليننزم جي ان شڪل ۾ جنهن مارڪس ۽ اينگلس کان پوءِ مزدورن جي تحريڪ جي معاملن جي نچوڙ ڪڍيو ۽ پرولتاري جدوجهد ۽ تنظيم جون نيون صورتون چٽيون، بين الاقوامي مزدور طبقي کي هڪ ڪارائتي هٿيار، نظرئي ۽ عمل جو هڪ پروگرام ملي ويو.
شروع ۾ ويهين صديءَ ۾ روس عالمي سامراجيت جي تضادن جو مجموعو هو. ان زماني ۾ سماجي ۽ معاشي اختلافن جون جيتريون به خاصيتي صورتون هيون اهي اتي موجود هيون: پورهئي ۽ سرمائي وچ ۾، اسرندڙ سرمائيداري ۽ جاگيرداري ۽ غلام هارين واري نظام جي باقيات، وڏي اسريل صنعتي علائقن ۽ پٺتي پيل ڏورانهن ضلعن وچ ۾. سياسي، تهذيبي ۽ قومي جبر، جيڪي زارشاهي آمريت جا معمول بڻيل هئا. ان مخالفت کي وڌيڪ تيز ڪيو. ملڪ کي جيڪي سماجي مسئلا آڏو هئا، زميندارن جي ٿاڦيل خدمت جي خاتمي، سرمائيداراڻي غلامي ۽ قومي جبر سان پورهيت عوام جي نجات ۽ سوشلسٽ سڌارن جي ضرورت، اهي ئي ٻين رياستن جا به خاص مسئلا هئا.
روس هڪ اهڙو ملڪ هو جنهن جي سرمائيداريءَ جي ارتقائي سطح وچولي درجي جي هئي ۽ جيڪا تمام تيزيءَ سان اجاريداراڻي دور ۾ داخل ٿي رهي هئي. واضح فرق ان حقيقت جي ڪردار جي خصوصيت هئي: روس هڪ پاسي ٻهراڙي آبادي وارو زرعي ملڪ هو ٻئي پاسي گڏوگڏ صنعتي پيداوار ئي وڏي حد تائين هڪ هنڌ گڏ ٿي وئي هئي ۽ مزدور طبقو انقلابي انداز ۾ منظم ٿي ويو هو. جيئن ته هو دنيا جي وڏين طاقتن مان هڪ هو ان ڪري جهيڙيندڙ سامراجي گروهبندين جو عام طور هڪ ميمبر هوندو هو ۽ وڌيڪ اسريل سرمائيدار رياستن جو ڳيجهو هوندو هو. روسي ڪلچر دنيا کي ادب، آرٽ ۽ سائنس جا ڪلاسيڪي نموني ڏنا. پر ان سان گڏ آباديءَ جو وڏو حصو اڻپڙهيل هو.
زارشاهي ۽ روس جا زميندار بورجوا حلقا سماجي لاڳاپن جي ان نظام کي برقرار رکڻ تي ڄمي بيٺل هئا. جنهن جو زمانو هاڻي گذري چڪو هو. مزدور جن کي سرمايو وڏي بيرحميءَ سان ڦري رهيو هو، هاري جن تي زميندار ظلم ڪري رهيو هو ۽ ڏورانهن قومي ضلعن جا مظلوم ماڻهو بورجوا زمينداري نظام خلاف جدوجهد لاءِ اٿي رهيا هئا. سامراجيت جي عالمي نظام جي سلسلي ۾ روس سڀنيءَ کان ڪمزور ڪڙي ثابت ٿيو. اهڙين حالتن ۾ ملڪ جي جمهوري ۽ سوشلسٽ ارتقا لاءِ مزدور طبقي جي جدوجهد هڪ عالمي تاريخي اهميت حاصل ڪرري ورتي بقول مارڪس ۽ اينگلس يورپ ۾ روس انقلابي تحريڪ جو اڳيان وڌيل جٿو هو.
سماج جي خاص انقلابي قوت هئڻ جي حيثيت سان مزدور طبقي پنهنجي آسپاس انهن سمورن ماڻهن کي گڏ ڪيو جن جو استحصال ٿي رهيو هو ۽ زارشاهي آمريت ۽ بورجوازيءَ خلاف وڏي پئماني تي جدوجهد وڌائي. صنعتي علائقن ۾ وڏن وڏن ڪارخانن ۾ گڏ ٿيل پرولتاري مارڪسي پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ انقلابي پختگيءَ جي املهه سکيا حاصل ڪري رهيو هو. سڌاروادي ۽ ٻين مخالف رجحانن کي شڪست ڏني پئي وئي ۽ سخت طبقاتي ويڙهه دوران عالمي پرولتاري تجربي ۽ هترين انقلابي روايتن مان نتيجو ڏيندڙ فائدو ورتو پئي ويو.
روسي پرولتاري پنهنجي سياسي جدوجهد جي شروعاتي منزلن کان ئي آزاديءَ جي تحريڪ جي سائنسي نظرئي مارڪس ۽ اينگلس جي تعليم جو سهارو وٺي سگهيو. پنهنجي سماجي ۽ معاشي ارتقا، طبقاتي تضادن جي تيزي ۽ هاري بغاوت، رادشيچيف ۽ ڊسمبرين، هيرزين، چرنيشيفسڪي ۽ پوئين صديءَ جي ستين ڏهاڪي جي ٻين جمهوريت پسندن ۽ اٺين ڏهاڪي جي انقلابي نرودنڪن جي سرگرمين سان اڀرندڙ انقلابي روايتن وسيلي روس مارڪسزم جي سمجهه ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ لاءِ تيار هو.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button