ملڪ جي آمرن گهڻو ڪري اهي جنگيون وڙهيون آهن، جيڪي ڌاريون جنگيون آهن. اهي جنگيون جن ۾ مفاد ڪنهن ٻي ڌر هئا پر آمر انهن جنگين جو ٻارڻ هتان جي ماڻهن کي ٺاهيندا رهيا آهن. پر جنگ جو ڪو اهڙو عمل ڪونهي جيڪو لاڳيتو جاري رهي، ان جي نيٺ پڄاڻي ٿيندي آهي، جڏهن جنگين مان اٿيل دز ڌرتيءَ تي لهندي آهي ته پوءِ ڳالهين جو دور شروع ٿيندو آهي ۽ انهن ڳالهين وسيلي معاملن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. پاڪستان جي ويجهڙ واري تاريخ ۾ سڀ کان اهم ترين جنگ افغان جنگ ليکي وڃي ٿي، جيڪا هئي ته آمريڪي مفادن خاطر پر ان جي شروعات آمر ضياءُ الحق ڪئي ۽ ان کي اڳوڻي آمر پرويز مشرف پڻ جاري رکيو. اهو ممڪن ناهي ته جنگين جا اثر يا ان جا ردعمل سامهون نه اچن. اڦعانستان ۾ جڏهن سالن جا سال آمريڪي فوج وڙهندي رهي ۽ اوچتو ئي اوچتو 9/11 ٿي ويو. اڄ به آمريڪي شهري ان خوف ۾ ورتل آهن ته ان نوعيت جو ڪو ٻيو واقعو وري ڪڏهن به ٿي سگهي ٿو ۽ اهو آمريڪا ۾ وڏي تباهيءَ جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. نفسياتي طور آمريڪي شهري 9/11 واري واقعي کي وساري ڪونه سگهيا آهن.
پاڪستان جو جنگين جي حوالي سان جيڪو به تجربو رهيو آهي، اهو ڪو ايترو بهتر ڪونه رهيو آهي، بهتر جي معنا آهي ته هن ملڪ جي حاڪمن سدائين پرائي ويڙهه ۾ ٽپو ڏئي پنهنجي لاءِ ڏچو پيدا ڪيو آهي. افغانستان پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ آهي پر ان جا لاڳاپا پاڪستان بدران ڀارت سان بهتر آهن. ڀارت اتي نه رڳو انفرااسٽرڪچر بهتر ڪيو پر ڪيترائي ترقياتي ڪم پڻ ڪرايا آهن. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن پاڙيسري تي جنگيون مڙهيون وڃن يا ڪنهن اهڙي جنگ جو حصو ٿجي ته پوءِ اهي ان ڳالهه کي ڪڏهن به ڪونه وساريندا آهن.
دنيا اڄ به ايتري مهذب ڪونه ٿي آهي جو اها جنگيون ڪرڻ ڇڏي ڏئي. ڪجهه عرصي کان روس- يوڪرين جنگ جاري آهي، هيستائين جيڪا تباهي ٿي آهي، ان جي بحالي ظاهر آهي ته ايتري جلدي ممڪن ڪونهي. تنهنڪري اهو سمجهڻو پوندو ته جنگيون انساني تاريخ ۾ ترقي نه تباهيءَ جو سبب ٿينديون رهيون آهن. جنگيون سرمائيدار رياستن جو هڪ اهڙو هٿيار آهي، جيڪي ٻين ملڪن جي وسيلن تي قابض ٿيڻ لاءِ استعمال ٿينديون آهن. اڄ به سڀ کان وڏي ويڙهه وسيلن جي حاصلات لاءِ ڪئي وڃي ٿي.
تازو ئي پاڪستان جي وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته وسيلا جنگيون وڙهڻ ۾ وڃائڻ نٿا چاهيون. بظاهر اها ڳالهه دل کي وڻي ٿي، ائين ٿو محسوس ٿئي ته ملڪ جو وزير اعظم امن کي هر قيمت تي ڀاڪر پائڻ چاهي ٿو پر ڇا عملي طور اهو هن رياست لاءِ ممڪن آهي. شهباز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان دنيا ۾ امن ۽ خوشحالي چاهي ٿو، جنگيون وڙهڻ ۾ پنهنجا وسيلا وڃائڻ نٿا چاهيون. ماضي ۾ ان جو ڪو فائدو نه ٿيو، هاڻي پنهنجا وسيلا ترقيءَ تي خرچ ڪرڻ چاهيون ٿا. گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ ايم او يو تي صحيون هڪ وڏو اپاءُ آهي جنهن سان مستقبل ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻئي ملڪ ٽيڪنالاجي ۽ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ آگاهي فراهم ڪرڻ واري جديد نظام سميت ٻين سهولتن جي دستيابي لاءِ سهڪار کي هٿي وٺائڻ جا خواهشمند آهيون.
هي پاڪستان جي وزيراعظم پاران هڪ نيڪ خواهش آهي، جنهن کي ساراهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته جنگين سبب پاڪستان جي عوام گهڻو ڀوڳيو آهي ۽ اها ڀوڳنا اڃا تائين هلندي پئي اچي، تنهنڪري ڪوبه اهڙو فيصلو جيڪو امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ آهي ۽ ان سان عوامي مفادن جو پوراءُ ٿي سگهي ٿو ته ان کان بهتر ڪا ٻي ڳالهه نٿي ٿي سگهي. پر سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان جي ڪنهن سويلين وزير اعظم کي هو اختيار آهي ته اهو جنگ کان پاسو ڪري سگهي يا هو فيصلو هتان جي اسٽيبلشمينٽ ئي ڪري سگهي ٿي.
جيڪڏهن پاڪستان جنگين خاص طور پراين جنگين ۾ گهڙڻ کان پاسو ڪري ٿو ته اهو پئسو عوام تي خرچ ٿيندو، اهو ترقياتي رٿائن تي خرچ ٿيندو ۽ ان سان عوام جي معاشي حالت کي بهتر ڪري سگهجي ٿو ۽ پرڏيهي قرضن مان جان ڇڏائي سگهجي ٿي.