عمران خان جي ٻلي ته ٿيلهي کان ٻاهر اچي وئي، هن حڪومت يا واڳ ڌڻين اڳيان پنهنجا شرط رکڻ بدران ٻيو ڀيرو عالمي مالياتي فنڊ اڳيان ايندڙ قرض جي رقم کي عام چونڊن سان مشروط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ان کان اڳ به ساڳيو ئي هٿڪنڊو استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جڏهن آءِ ايم ايف کي ٻن صوبائي حڪومتن جي ناڻي جي وزيرن واضح طور چيو هو ته هو ايندڙ قرض جي واپسيءَ جي حوالي سان ڪابه ضمانت نه ڏيندا. ان کانپوءِ ڊگهي عرصي تائين آءِ ايم ايف سان ٺاهه وارو معاملو التوا جو شڪار ٿيو هو. پر هاڻ جنهن نوعيت جو شرط رکيو ويو آهي، اهو ان ڪري به ڪا وڏي رنڊڪ بڻجي نٿو سگهي جو عمران خان جي اها طاقت هاڻ نظر نٿي اچي. ان جا امڪان به تمام گهٽ آهن ته ايندڙ حڪومت عمران خان جي پارٽي ٺاهيندي، جيڪا عالمي ادارن جي قرض جي ادائيگيءَ کان انڪار ڪندي. پاڪستان تي آءِ ايم ايف ۽ ٻين ادارن جو قرض، ڪا نئين ڪهاڻي ناهي، نه ئي هي ڪا نئين فنامنا آهي. قرض وٺڻ ۽ ڏيڻ جو هي عمل جاري آهي ۽ جاري رهندو. ماضي جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري عالمي مالياتي اداري جا جيڪي شرط قبول ڪيا ويا آهن، انهن جي ضمانت به رياست ڏني آهي.
ملڪي سياسي معاملن ۽ اقتدار جي جهيڙي کي عالمي ادارن اڳيان رکڻ ۽ عالمي فورمن تي گهر جون ڳالهيون پهريون ڀيرو ٻاهر نه ڪيون ويون آهن. ان کان اڳ ۾ اڳوڻو وزير اعظم ملائيشيا ۾ هجي يا آمريڪا ۾، يا وري ترڪي ۽ سعودي عرب ۾، هن جي هڪڙي ئي رٽ هئي ته هو “چورن ۽ لٽيرن” کي نه ڇڏيندو. حڪمرانن جي ان موقف تي جيڪا خلق کلي سا کلي هاڻ صورتحال بلڪل مختلف آهي. جيڪڏهن ائين چئجي ته هي انتهائي غيرمعمولي صورتحال آهي ته غلط نه ٿيندو. هينئر عمران خان جي پارٽيءَ جو رياستي ادارن ۾ ڪيترو وزن ۽ اهميت آهي، هي به کليل راز آهي. ان ڪري نه ئي اهي واڳ ڌڻي آهن، جيڪي عمران خان کي ڪلهي تي کڻي اقتدار جي ايوانن تائين پهچائي ويا، نڪي وري عمران خان جي اها پارٽي آهي، جنهن ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ کي گڏ ڪيو ويو هو. هينئر اهي سمورا، جن کي ترين جي جهاز ۾ کڻي، بني گالا ۾ گچيءَ ۾ پي ٽي آءِ جا ڳارا وڌا ويا، اهي ماضي جو حصو ٿي ويا.
آءِ ايم ايف جي وفد جي پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي قيادت يا معاشي ماهرن سان ملاقاتن دوران هڪڙي ڳالهه ته واضح ٿي وئي ته عمران خان سميت سندن پارٽيءَ جا، جيڪي اڳواڻ منظر تان غائب هئا، اهي ٻيهر سامهون آيا ۽ ائين لڳي ٿو ته انهن کي انتظار آهي ته جيئن ئي آگسٽ ۾ موجوده حڪومت جو مدو پورو ٿئي، هو ٻرن کان ٻاهر نڪري ايندا. ان مان هي ثابت ٿيو ته حماد اظهر سميت اهم اڳواڻ، جن جا پورا خاندان واڳ ڌڻين جا پراڻا خدمتگار آهن، اهي هينئر به ساڳي خدمت ڪرڻ لاءِ نه فقط تيار آهن، پر کين محفوظ هنڌن تي رکيو ويو آهي ته جيئن ضرورت پوڻ تي کين سوگهو به ڪري سگهجي. انهن جي ڏس پتي بابت اڳ به خبر هئي، پر هاڻ ته تصديق ٿي وئي ته هو ڪٿي آهن؟ ۽ ڇا پيا ڪن؟ هي ڳالهه ته سمجهي سگهجي ٿي ته عمران خان آخري هٿڪنڊي طور آءِ ايم ايف جي ٽيم اڳيان، پنهنجا شرط رکيا. معاشي معاملن تي سياست ڪرڻ يا سياسي معاملن سان جوڙڻ به حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي. جيڪڏهن آءِ ايم ايف، عمران خان جي ڳالهه کي ٻڌي وٺي ۽ هي سمجهي وٺي ته انهن کي فراهم ٿيندڙ قرض جي ڪابه ضمانت نه ملڻ تي معاهدو ايندڙ حڪومت تائين ملتوي ٿي ويندو. ان سان عمران خان کي سياسي فائدو به نه ٿيندو. ها ايترو ضرور ٿيندو ته ملڪ کي جنهن ڊيفالٽ ڏانهن ڌڪيو پئي ويو، ان حوالي سان نيون ڳالهيون شروع ٿي وينديون. هاڻ جيڪڏهن ملڪ ڊيفالٽ ٿي به وڃي ته ان سان نقصان ته وري به عالمي مالياتي ادارن جو آهي،انهن جون قرض جون قسطون رهجي وينديون. ان ڪري ڪوبه ملڪ يا مالياتي ادارو نه چاهيندو ته انهن جو نقصان ٿئي.
جيستائين ايندڙ چونڊن جو واسطو آهي ته ان جي ضمانت واڳ ڌڻي ئي ڏئي سگهن ٿا. پر هي ضمانت ڪير ڏيندو ته هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽي آءِ اقتدار ۾ ايندي؟ عمران خان ته جيئن ئي اقتدار کان الڳ ٿيو آهي، ان تي الزام آهن ته هو سمورا ڪم رياستي ادارن جي خلاف ڪري رهيو آهي،جيڪڏهن ان خيال کي درست قبول ڪري وٺجي ته پوءِ اهي ادارا،پنهنجي مخالف يا دشمن کي اقتدار ۾ اچڻ ڪيئن ڏيندا؟ عمران خان جيڪي احتجاج ڪيا، اهي آهستي آهستي ڪيئن ماٺا ٿي ويا، اهو سڀني ڏسي ورتو، عمران خان کي زميني حقيقتن کي قبول ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن يا وري هو پاڻ کي ترڪيءَ جو اردوان يا هيوگو شاويز سمجهي رهيو آهي. جڏهن ته حقيقتون بلڪل ان جي ابتڙ آهن. ان ڪري عمران خان ان پوزيشن ۾ به نه هوندو ته اهو ايندڙ چونڊن تي اثرانداز ٿي سگهي.
هي ڳالهه اڳ ئي واضح ڪئي وئي ته جڏهن عمران خان اسٽيبلشمنٽ لاءِ چيلينج ناهي ته انهن کي ڪهڙو ڊپ آهي جو اهي عام چونڊون نه ڪرائين. هينئر اسان انهن اڳواڻن جا بيان به ڏسي رهيا آهيون، جيڪي چون ٿا ته حڪومت لاءِ هي آخري مهينو آهي ۽ اها جلد گهر ڀيڙي ٿي ويندي. هاڻ هي ٿيوري به سامهون آئي آهي ته ايندڙ نگران سيٽ اپ آءِ ايم ايف جي مشوري سان قائم ٿيندو، جيڪو عالمي مالياتي ادارن جي شرطن تي عمل کي يقيني بڻائيندو. هي ڳالهه ته عمران خان به نه ڪئي ته جيڪو نئون نگران سيٽ اپ قائم ٿئي، ان جي چونڊ موجوده حڪومت يا اپوزيشن ليڊر نه ڪري. نئين نگران سيٽ اپ لاءِ هيل تائين جيڪي مشورا ڪيا ويا ۽ جيڪي نالا ايندا ۽ ويندا رهيا آهن، اهي به واڳ ڌڻين جي ويجهو رهندڙ شخصيتون آهن. عمران خان عالمي مالياتي فنڊ اڳيان نين چونڊن جو شرط رکي،ڪنهن به صورت ۾ سياسي ڏاهپ جو مظاهرو نه ڪيو. هي داخلي معاملو آهي، ان کي اتي رهڻ گهربو هو. جيستائين شفاف چونڊن جو واسطو آهي، ان تي سواليا نشان لڳائي سگهجن ٿا. آءِ ايم ايف سان جنهن سطح تي ڳالهايو ويو ۽ نئين معاهدي تي اتفاق ڪيو ويو، انهن کان پوئتي هٽڻ ممڪن نٿو لڳي. جيڪڏهن عالمي ادارو پوئتي هٽي ويو ته ان سان آءِ ايم ايف جو به نقصان ٿيندو ۽ قرض جون قسطون رڪجي سگهن ٿيون. باقي چونڊن ۾ التوا نظر نٿو اچي.