ڪجهه عرصي کان سنڌ ۾ اغوائن جي وارداتن ۾ جيڪا واڌ ٿي آهي، ان مان اندازو لڳائڻ ڏکيو ناهي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڪيڏي خراب لڳي پئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهن ۾ عدم تحفظ جو احساس وڌي رهيو آهي ۽ ماڻهو هاڻ ان ڳالهه تي ويساهه ڪرڻ لڳا آهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪنهن به ريت عوام کي ڪو تحفظ فراهم نٿا ڪري سگهن. جيڪڏهن اهي واقعي به عوام کي ڪو تحفظ فراهم ڪرڻ کان لاچار آهن ته پوءِ انهن کي اهو چئي ڇڏڻ گهرجي ته عوام پنهنجي حفاظت جو بلو پاڻ ڪري. خيرپور واري پاسي ڪجهه مهينن کان ماڻهن جي اغوا ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي پر اهو نظر ڪونه پيو اچي ته انهن جي بازيابي لاءِ پوليس ڪي ڪوششون ڪيون هجن. جيڪڏهن ڪيون به هونديون اهي ايڏي وڏي پئماني تي ڪونه هونديون. ڇا انتظاميه ڌاڙيلن ۽ اغُوا ڪارن آڏو ايڏي بيوس آهي جو اها پنهنجي شهر مان اغوا ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي.
خيرپور ڀرسان ڳوٺ ربن خان جوڻيجو جو رهواسي ڊاٽسن ڊرائيور علي ڏنو جوڻيجو ٻه مهينا گذرڻ باوجود بازياب نه سگهيو آهي، جنهن ڪري سندس وارث سخت پريشان آهن. وارثن موجب مغوي علي ڏنو جوڻيجو جي بازيابي لاءِ ڌاڙيلن 30 لک ڀنگ گهريو آهي. ٻئي پاسي خيرپور جي علائقي بوزداروڏا جو رھواسي مهدي رضا ملاح عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيو، جنھن کي پڻ ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود پوليس کيس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جڏھن ته بوزدار وڏا جي رهواسي پورهيت نوجوان حاجن بوزدار جي اغوا واري واقعي کي پڻ 3 مهينا گذري ويا آهن پر پوليس کيس بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي. جڏهن ته مغوي حاجن تي ڌاڙيلن پاران تشدد جو وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، پر خيرپور پوليس اگھور ننڊ ستل آهي ۽ مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه کنيا آھن. مغوين جي وارثن آ جي سنڌ، ڊي آ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور مير روحل کوسو کان مغوين جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي. هن صورتحال مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڪيڏي خطرناڪ ٿي وئي آهي ۽ ماڻهو ڪٿان به اغوا ٿي سگهي ٿو. ان جو ڪو داد فرياد نه ٿيندو. پر ڇا سنڌ جي ماڻهن جي مقدر ۾ رڳو اغوا ٿيڻ آهي ۽ انهن جي خبرچار ڪوبه ڪونه لهندو.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ اغوا جي وڌندڙ وارداتن جي ڪري سنڌ جو امن امان داءُ تي لڳو پيو آهي، تنهنڪري جتي به ڌاڙيل توڙي اغوا ڪار موجود آهن، انهن خلاف وڏي پئماني تي قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته هي رڳو شهرين جي اغوا جو معاملو ڪونهي پر سنڌ جي امن امان جي صورتحال جو معاملو آهي. جنهن کي برقرار رکڻ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪم آهي. جيڪڏهن پوليس شهرين کي تحفظ فراهم نٿي ڪري سگهي يا انهن جي سار سنڀال نٿي لهي سگهي ته پوءِ پوليس ڪهڙي ڪم جي ٿي. ان جو مطلب ته اهو ٿيو ماڻهو پنهنجي حفاظت لاءِ پاڻ بندوبست ڪن. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مغوين کي ترت بازياب ڪرايو وڃي.