اسڪولن ۾ سنڌي ميڊيم ۾ تعليم، خاص طور ڪراچي شهر ۾ نئين ملڪ جي ٺهڻ جي ڪجهھ عرصي کانپو بلڪه ائين چئجي ته ايوب خان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپو هڪ بحران جو شڪار ٿي وئي. ان ۾ سنڌي مضمون جي لازمي حيثيت کي ختم ڪرڻ، گھڻن سنڌي ميڊيم اسڪولن کي ختم ڪرڻ يا انهن کي اڙدو ميڊيم اسڪولن ۾ تبديل ڪرڻ وغيره شامل هو. پر ان سان گڏوگڏ هڪ اهم نفسياتي عنصر رياست پاران اڙدو جي پٺڀرائي ۽ سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي پوئتي رکڻ هو.
ان جو خاص طور اثر اهو ٿيو ته ملير، لياري ۽ ٻين علائقن ۾ جيڪي سنڌي ۽ بلوچ خاندان پنهنجن ٻارن کي سنڌي ميڊيم ۾ تعليم ڏياريندا هئا، انهن مان به گھڻن پنهنجي ميڊيم تبديل ڪري ڇڏي. ان کان اڳ لياري جي ڪاٺياواڙي ميمڻن مان به ڪجھه گجراتي ۽ ڪجھه سنڌي ميڊيم ۾ پڙهندا هئا. انهن مان ڪجهھ منهنجا ڪلاس فيلو به هئا. ملير ۽ لياري ۾ گھڻا سنڌي ميڊيم اسڪول هئا ۽ اتان جا بلوچ ۽ سنڌي انهن اسڪولن ۾ ئي پڙهندا هئا. اهو سلسلو گھڻي عرصي تائين هلندو رهيو. هن وقت به مون کان اٽڪل پندرهن ويهه سال ننڍا اهڙا همراه آهن جيڪي ساڳي وقت سنڌي ۽ بلوچي رواني سان ڳالهائي ۽ لکي پڙهي سگھن ٿا.
پر اها صورتحال آهستي آهستي تبديل ٿيڻ شروع ٿي. ڪجهھ سنڌي ۽ بلوچ معاشي طور سکين گھراڻن پاڻ کي پنهنجن ٿوري گھٽ حيثيت وارن مائٽن وغيره کان مٿڀرو ۽ ڌار ڏيکارڻ لا پنهنجن ٻارن کي اڙدو ميڊيم ۾ ٽرانسفر ڪيو جيئن اڄڪلهه هر ڪو مائٽ پنهنجن ٻارن لا انگلش ميڊيم جي چڪر ۾ ورتل آهي ۽ پو اهي ڪهڙي پاسي به نه ٿا رهن. اسان ۽ منهنجي چاچي جا ٻار ساڳي اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين. هتي اسڪول ۾ سنڌي، اڙدو ۽ گجراتي ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. منهنجي چاچي پنهنجن ٻارن جي ميڊيم تبديل ڪرائي اڙدو ڪري ڇڏي جڏهن ته اسان ساڳي سنڌي ميڊيم ۾ پڙهندا رهياسين. ليکڪ ۽ منهنجو دوست رمضان بلوچ اٽڪل منهنجو هم عمر آهي. هن هڪ ڀيري ڳالهه ڪئي ته منهنجي وڏي ڀا سنڌي ميڊيم ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي پر منهنجي پي مون کي اڙدو ميڊيم ۾ داخل ڪرايو جنهن جي ڪري مون کي سنڌي لکڻ پڙهڻ نه ٿي اچي.
ائين به نه هو ته سنڌي ٻولي جي حوالي سان صفا اوندهه هئي. شهر ۾ ٽي وڏا اسڪول حاجي عبدالله هارون، سنڌ مدرسو ۽ اين جي وي هئا، جتي خاص طور سنڌي ميڊيم ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. اسان جي علائقي نوآباد مان خاص طور ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اين جي وي اسڪول ويندا هئا. پر اها صورتحال گجراتي سان نه هئي. انهن اسڪولن ۽ خاص طور حاجي عبدالله هارون ۽ سنڌ مدرسي ۾ گجراتي ميديم هئي پر مائٽن پنهنجن ٻارن کي ان ۾ داخل ڪرائڻ بدران اڙدو ميڊيم ۾ داخل ڪرائڻ شروع ڪيو هو. ڪراچي مان ٽي گجراتي اخبار ڏان، ملت ۽ وطن نڪرندا هئا جيڪي ڪي پوڙها پڙهندي نظر ايندا هئا ۽ پو اهي اخبارون به بند ٿي ويون.
اهي ڪراچي ۾ سنڌي ڳالهائڻ ۽ لکڻ پڙهڻ جون ايتريون واضح شيون هيون جيڪي ڪنهن کي به نظر اچي سگھيون ٿي. پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اهي گھڻن سنڌي اديبن کي نظر نه ٿي آيون. منهنجي گھڻو عرصو اڳ پي ٽي وي جي اڳوڻي جنرل مينئجر عبدالڪريم بلوچ سان ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي اخبارن جي نمائش جي سلسلي ۾ ملاقات ٿي هئي. ان ملاقات ۾ سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ڪو سنڌي ڳالهائيندڙ ورلي ملندو هو ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي سنڌي ڳالهائيندي ٻڌنڌا هئاسين ته ان جي پويان وڃي کيس گھر تائين ڇڏي ايندا هئاسين. اهو ساڳيو موقف امرجليل جو هو جنهن جو چوڻ هو ته بندر روڊ تي ڪو ورلي سنڌي ڳالهائيندي نظر ايندو هو. جڏهن ته بندر روڊ تي ئي سنڌي ميڊيم اين جي وي ها اسڪول موجود هو، جنهن سان شايد امرجليل جو به واسطو رهيو هو. دراصل ڪراچي کان ٻاهران آيل سنڌين کي اها خوشفهمي يا غلطفهمي هئي ۽ آهي ته ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي کي انهن بچايو نه ته ڪراچي جي سنڌ کان ڌار ٿيڻ ۽ ون يونٽ کانپو هتي سنڌي ٻولي ختم ٿي وئي هئي.
ٻولي جي حوالي سان خاص طور ڪراچي ۽ اتي رهندڙ سنڌين، اتان جي اسڪولن ۽ ٻين ادارن جي ڪردار کي پوري سياق و سباق ۾ ڏسڻ گھرجي. ٻولي جي بقا ۽ ان جي ترقي ۾ انهن ماڻهن جو وڏو ڪردار آهي.