سنڌ ۾ سياسي تبديلي جو سوال تمام سياسي سوچ رکندڙن پارٽين، فردن ۽ ميڊيا جي حلقن ۾ هر وقت زير بحث رهندو آيو آهي اهو بحث نه رڳو انهن پرتن ۾ رهندو پيو اچي پر کاٻي ڌر جي اندر به اهوئي بحث ڪيو ٿو وڃي ته آخر ڪهڙا ڪارڻ آهن جو سنڌ جو متحرڪ معاشرو جنهن تاريخ ۾ چڱي خاصي هلچل مچائي ۽ پنهنجي سياسي ڪروڌ سان (خاص ڪري 1988 جي اليڪشن ۾) تمام وڏين جاگيردار هستين ۽ طاقتور تصور ٿيندڙ گادين کي اليڪشن ۾ ۽ سياسي ميدان ۾ بري طرح سان شڪست ڏني هئي اهو سنڌي سماج جو متحرڪ ۽ مزاحمتي ڪردار ڇو ڪمزور ٿي ويو آهي؟ ۽ ڇو ٽڪراءُ ۾ نٿو اچي؟ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تجزين ۾ هي بحث به ٿيندو رهي ٿو ته سنڌ جو مڊل ڪلاس پنهنجي شعور ۽ مزاحمت ۾ تقريبن قوم پرست رويو رکي ٿو پر جڏهن قوم پرستن جو اهو ڌڙو جيڪو اليڪشنن جو بائيڪاٽ نٿو ڪري اليڪشن وڙهي ٿو ته انهيءَ کي ڪاميابي نٿي ملي ڪاميابي ته پنهنجي جاءِ تي يعني ايم پي اي، ايم اين اي جي ڪا سيٽ ڪڍڻ ته گھڻي پري رهي پر لوڪل باڊي اليڪشن ۾ به ڪا خاص موٽ نٿا حاصل ڪري سگھن اهڙي صورتحال ۾ يقينن هڪ منجھائيندڙ ۽ پيچيدا سوال اهوئي آهي ته پوءِ اها سنڌ پنهنجي ارتقاءِ سفر ۾ ڪهڙي طرف وڌي وئي جنهن ۾ آمريت سان مزاحمت جو جذبو هو ۽ گڏوگڏ پنهنجي قومي حقن جي سوال تي سخت مزاج اڳيان ٿي آيو.
معاملو ڪهڙي الجهاءَ ۾ الجھيل آهي ڪمزوري ۽ جھول سنڌ جي سماجي شعور ۾ آهي يا انهن ڌرين ۾ جيڪي عوام دوست ۽ تبديلي پسند آهن. هڪ پهلو هي به آهي ته سماجي طرح اهي پارٽيون سياسي طور ڪمزور هجڻ ڪري عوام ۾ اهو اعتماد بحال ناهن ڪري سگھيون جنهن بنيادن تي عوام تبديلي جي اميد جو يقين رکي پر اهڙا فرد جن پنهنجي سياسي جدوجهد ۾ اڏول ڪردار ادا ڪيو، سالن جا سال جيل ڪاٽيا، مزاحمت تي ڪڏهن به پوئتي نه هٽيا، نه خوفزده ٿيا، آمريت جي لاءِ للڪار هئا، اليڪشن ۾ جڏهن هنن عوام کان اعتماد جو ووٽ گھريو ته انهن کي به اها خاص موٽ نه ملي سگھي.
اسان جي آڏو رسول بخش پليجي جو مثال تمام وڏو مثال آهي اهڙي طرح سان ترقي پسند پارٽي جو اڳواڻ قادر مگسي سان گڏوگڏ سائين جي ايم سيد جي خاندان سان تعلق رکندڙ سائين جلال محمود شاھه ۽ سندس ڀاءُ زين شاھه مثال آهن ٻين تي بحث ڪرڻ کان وڌيڪ محترم رسول بخش پليجي جو مثال وڏي کان وڏو مثال جو هو 1988 جي اليڪشن ۾ ته موٽ حاصل نه ڪري سگھيو جو چيو ٿي ويو ته 88 جي اليڪشن ۾ نه پر 1990 جي اليڪشن ۾ به پليجو صاحب عوامي موٽ کان مايوس ٿيندي چڙ جي ڪيفيت ۾ بيان ڏنو هو “سنڌي قوم جي مٿي ۾ چرس ڀريل آهي…” پر ڇا اسان تاريخ جي ان ارتقائي انقلابي تبديلي جي جدليات کان واقف ناهيون ته دنيا جي اندر انقلاب سياسي، سماجي نظرين کان وڌيڪ تحريڪن جي بنيادن تي آيا آهن، ايستائين سماج جي اندر سياسي تحريڪ مستقبل مزاجي سان ۽ پختگي سان اڳتي نٿي وڌي تيستائين ان معاشري ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي تبديلي جي اميد رکڻ تمام وڏي سادگي ٿيندي سياسي تحريڪون ئي سماج کي ۽ عوام کي سياسي تبديلي جي ڌارا ۾ آڻي بيهارينديون آهن هيڪڙ ٻيڪڙ احتجاج، ريليون ۽ مظاهرا عوام ۾ هڪ عارضي تحرڪ پيدا ڪندا آهن اهو عارضي تحرڪ ڪجھه وقت کان پوءِ ماٺو ٿي ويندو آهي پر جيڪڏهن انقلابي ۽ باشعور قيادت تحريڪن جي بنيادي مادي سببن کي سمجھندي هڪ مستقل مزاجي سان تحريڪ آرگنائيز ڪرڻ جي حڪمتِ عملي اختيار ڪندي اڳتي وڌي ٿي ته اهائي قيادت ۽ پارٽي عوام ۾ سياسي تبديلي جو شعور ۽ ان جو عمل وڌائي سگھي ٿي ۽ سماج تبديلي جي طرف رڳو وڌي نٿو پر تبديلي آڻي ڏيکاري ٿو.
اسان کي هي اعتراف ڪرڻ گھرجي ته سنڌ ۾ عوامي حقن ۽ قومي حقن جي لاءِ مستقل مزاجي سان ڪا به تحريڪ هلي ناهي سگھي وقتن به وقتن ڪجھه اشوز تي مختلف رخن کان پارٽين ۽ اتحادن پاران جدوجهدون ٿيون آهن پر هن وقت تائين مستقل مزاجي سان ڪا سياسي تحريڪ اڳتي ناهي وڌي سگھي جيڪا سياسي اٿل پٿل کي پيدا ڪري ۽ سنڌ ۾ سياسي تبديلي آڻي جيستائين اهڙي تحريڪ پيدا نه ٿيندي تيستائين سنڌ تي غالب سياسي ڀوتار نام نهاد جاگيردار ۽ پير يا ڪرپٽ دولتي سياسي قابض هوندو ۽ تبديلي جي اميد صرف اميد ئي رهندي حقيقت جو روپ ڌاري نه سگھندي.