ازل جا پياڪ اڄ آشرم ٻاهران اداس بيٺا آهن. سندن هٿن ۾ سُرڪي لاءِ سِڪندڙ خالي پيالا آهن ۽ هو مون کان تنهنجو پُڇي رهيا آهن. اي منهنجا محبوب ساڌُو!! توکي ياد آهي ته اڄوڪي ڏينهن لاءِ تو چيو هو ته پاڻ هي ڏينهن انهن جي نانءُ ڪنداسين جن جو ڪوبه نانءُ ناهي. هو جيڪي مڃوتي جي سوداءَ کان آجو ٿي جيئن ٿا. ها برهه جي اهڙن بينياز بانڪن سان پاڻ رهاڻيون ڪنداسين انهي رمز جي باري ۾، جڏهن اڃان ڪائنات ڪنواري هئي ۽ صورت جو سردار سورنهن سينگار سهيڙڻ ۾ مصروف هو. هر ڏِسا ۾ ماٺ هئي، بس جيڪڏهن ڪٿان ڪوئي ڀُڻڪو آيو ٿي ته اهو ازل جي ڪهاڻيڪار جو پنهنجي ئي پاڻ سان ڌيان جي ڌارا ۾ همڪلامي جو ڀُڻڪو هو. اهو ڪهاڻيڪار جيڪو تنهن لمحي اهو سوچي رهيو هو ته هن ڪنواري ڪائنات جي ڪهاڻي ڪٿان شروع ڪجي ۽ انهي جي پڄاڻي ڪيئن هئڻ گهرجي!؟ پر اهو سڀڪجهه طئي نه پئي ٿي سگهيو ۽ اڄ ڏينهن تائين به طئي ناهي ٿيل. هڪ سِٽ پويان ٻي سِٽ سِرجي رهي آهي. شروعات ته ٿي چڪي پر پڇاڙي ڪٿي ۽ ڪيئن ٿيندي؟ تنهن بابت ڪابه ڪَل ناهي. هونئن به اهڙي ڳُوڙهي ڪهاڻي جي پڇاڙي ايتري سَوَلي به ته ناهي ۽ ٻيو ته اها ڪهاڻي مڪمل ٿيڻ به ڇو گهرجي آخر؟
بهرحال اهو ڏينهن جيڪو تو اَنامن جي نانءُ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، تنهن بابت مون سمورن کي سُڻائي ڇڏيو ۽ اڄ سمورا ديوانا مون کان تنهنجو پڇي رهيا آهن. هائو، توکي انهن ديوانن سان اها ڳالهه سلڻي هئي جيڪا درياهه ۽ سمنڊ هڪ ٻئي سان اول ڏينهن کان سليندا پيا اچن. هائو بلڪل!! مِٺي ۽ کاري جي محبت سندي اها مام، جنهن کي توکان سواءِ ٻيو ڪير سمجهائي به ته نٿو سگهي. آئون جيڪو اَڄاڻ آهيان، سو مون وٽ کين سواءِ تنهنجي اول آخر پهچڻ جو دلاسو ڏيڻ جي ٻيو ڪجهه ڪينهي.
اي منهنجا محبوب ساڌُو!! تون سِگهو آءُ!! توکان سواءِ آئون اندر ئي اندر ۾ ايئن وکري رهيو آهيان جيئن سرءُ جي تِکي اُس سانوڻ جي مسافر ڪڪرن کان ڇِڄي، پويان رهجي ويل اڪيلي ڪَڪِري کي وکيري ڇڏيندي آهي. منهنجي من ۾ هڪ هيڪاندو کُٽڪو ڪَر کنيو بيٺو آهي ته جيڪڏهن تون نه آئين ته آئون ازل جي پياڪن جي خالي پيالن لاءِ اها رمز واري سُرڪي ڪٿان آڻيندس، جيڪا فقط تون ئي چِڪائي ٿو ڄاڻين!! منهنجي جهولي ته رڳو جهنگ سان ڀريل آهي. ها اهو جهنگ، جنهن جي گهري اونداهي کي ٽِمڪندڙ ٽانڊاڻن سان به ته توئي روشن ڪيو هو.
تون ڪٿي آهين منهنجا سهڻا ساڌُو!؟ تون اسان جي وجود جي ويراني ۾ اڃان تائين پنهنجي ڏاڻ جو ڏيئو ٻارڻ ڇو ناهين پهتو؟ سچ پڇين ته آئون انتهائي ڊِنل پڻ آهيان. منهنجي انهي ڊپ جو سبب اهو آهي ته جيڪڏهن جلال ۾ اچي ازل جي پياڪن پنهنجي مستان رقص ۾ ڇيرون ڇمڪائڻ شروع ڪري ڏنيون ته هي سموري پِرٿوي انهي واڄي ۾ ڌُٻِي ويندي ۽ آئون انهي لقاءَ کي سنڀالڻ جي سگهه نٿو رکان. تنهن ڪري تون سِگهو آءُ ۽ اچي پنهنجو چنگ وڄاءِ ته جيئن هي ساعت سجائي ٿي پوي ۽ اهو سڀڪجهه سنڀالجي پوي، جنهن ۾ ڀونچال جو امڪان آهي. تون جيڪو سراپا زندگي آهين، اميد آهين، اِسرار سان گڏ اظهار آهين، اوسيئڙو آهين ته وصل به تنهنجي ئي سَخا مان سِرجي نڪتو آهي. ۽ ٻيو ته توکي ته خبر آهي ته سنڌو سڀيتا جي نئين اُڻت به توکي ئي ڪرڻي آهين.
سنڌو سڀيتا!! سونهن ۽ سچائي جي سرجڻهار سڀيتا!! اڄ انتهائي ڀيلجي چڪي آهي. اَتائي آهن، جيڪي هر فڪري منصب تي براجمان ٿي لوڪ کي رولي رهيا آهن. معصوم حياتي پناهه جي ڳولا ۾ ڀٽڪي ڀٽڪي ساڻي ٿي چُڪي آهي پر ڪٿي به ڪا پناهه نٿي ملي. هر ڏِسا ۾ قاتل شڪاري حياتي جي تاڙ ۾ ويٺل آهن. بس ايئن سمجهه ته چرٻٽ راڄا جو راڄ آهي. اي اسان جا سُونهان ساڌُو!! تون سِگهو آءُ ۽ اچي پنهنجي ديس کي اهو سچ سمجهاءِ ته ڀِٽ جي وِديا کان سواءِ هاڻ اسان لاءِ ٻي ڪابه ڀيڻي ناهي. تون سمجهاءِ پنهنجي سنڌ کي ته اجايو ٻين جي پويان مهل وڃائڻ بدران بنادير ڪاڪ جي ديري ڏانهن موٽ کائي ته جيئن اونداهي سُهائي ۾ تبديل ٿي سگهي. آئون ته سالن کان اها ڳالهه ڪري رهيو آهيان پر منهنجي ڳالهه ۾ شايد اها تاثير ناهي جيڪا تو وٽ آهي. ۽ ها مون به اها رمز پڻ توکان ئي ته سِکي هئي ته جنهن ڪاڪ ديري جي وِديا ماڻي، تنهن جو جنم سجايو ٿيو. سو سنڌو سڀيتا جا سونهارا ساڌُو!! ٻيلي اچ ۽ اچي اسان جي جنم کي سجايو بڻاءِ!!