پاڪستان جي چيف آف آرمي اسٽاف بلوچستان جي دوري دوران نه صرف بدامنيءَ جي باهه ۾ سڙندڙ صوبي ۾ شهيد ٿيندڙ فوجي جوانن کي سلام پيش ڪيو آهي پر هن اهو به چيو آهي ته پاڪستان انهن محفوظ مورچن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو، جيڪي تحريڪ طالبان پاڪستان افغانستان جي اندر جوڙي ويٺا آهن. ڇو ته هو هتان ڪارروايون ڪري وري آرام سان سرحد ٽپي افغانستان ۾ پنهنجن حفاظت وارين هنڌن تي منقتل ٿي وڃن ٿا. هڪ طرف اولهه وارين سرحدن تي ٿيندڙ ڪارروائين تي ملڪ جو آرمي چيف پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيو هو ۽ ٻي طرف سنڌ اسيمبليءَ ۾ نيٺ ان بدامنيءَ جو پڙاڏو گونجيو، جيڪا بدامني وقت سان گڏ گهٽجڻ بدران وڌي رهي آهي. ڇو ته جهڙي ريت سنڌ جي ٻهراڙين ۽ خاص طور تي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن جون ڪارروايون عروج تي وڌي رهيون آهن ته ان سان گڏ سنڌ جي شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم به پنهنجي رفتار ۾ تيزي آڻي ڇڏي آهي. ان حوالي سان ويندڙ حڪومت ڪو سٺو ورثو ڇڏي نه پئي وڃي.
ملڪ جا مٿانهان علائقا به بدامنيءَ جي ور چڙهيل آهن ۽ سنڌ جي درياهه واري ڪناري تي امن امان جو حال خراب آهي ته ان جو مطلب اهوئي ٿيو ته اسان جي لاءِ صورتحال تمام بري آهي. جڏهن ته اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته اها خراب صورتحال ماحولياتي تبديلين سبب پيدا نه ٿي آهي. ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ ڪارروايون ڪندڙ پاڪستاني طالبان يا سنڌ جي ڪچي ۾ ماڻهن کي اغوا ڪندڙ ڌاڙيل ڪنهن اچانڪ ۽ اوچتي برسات سبب پيدا نه ٿيا آهن پر انهن جو هڪ پسمنظر به آهي ۽ انهن جي پيداوار جا ڪي سبب به آهن. پر اسان جي سرڪار ڪڏهن به انهن جي مٿان غور ۽ ويچار ڪرڻ جي زحمت کڻڻ گوارا نه ڪئي آهي.
ملڪ ۾ مٿين سطح تي ۽ سنڌ ۾ هيٺين سطح تي اقتدار مزي ماڻڻ جو هڪ اهڙو موقعو آهي، جنهن کي هاڻي ته لڪائڻ به مناسب نه ٿو سمجهيو وڃي ۽ صاف طور تي چيو پيو وڃي ته اقتدار حاصل ڪرڻ جو اصل مقصد ڇا آهي؟ اهو وقت گذري ويو، جنهن وقت ۾ عوام جي خدمت ڪرڻ جا بهانا نهايت معقول طرح سان پيش ڪيا ويندا هئا. اهي دور گذري ويا. هاڻي اقتدار حاصل ڪرڻ جو مقصد سڀني جي نظرن ۾ وائکو ٿي ويو آهي. جڏهن اهو خيال عام ٿي وڃي ته سياست جو اصل مقصد سرڪار ۾ اچڻ آهي ۽ سرڪار ۾ اچڻ جو مقصد اهو آهي ته ڪنهن به طرح سان مال ٺاهجي! جڏهن مال ٺاهڻ ۽ مزا ڪرڻ ئي مقصد بڻجي وڃي ته پوءِ ملڪي قانون ۽ آئين جو ڇا ٿيندو؟ ملڪ جي قانون ۽ آئين ۾ ڪٿي به اهو لکيل ناهي ته ووٽ وٺي اقتدار ۾ ايندڙ فرد يا ڌر کي ملڪ لٽڻ جي موڪل حاصل آهي. ساڳي طرح سان آئين ۾ اهو تحرير ٿيل ناهي ته ڪو وڏين ڪرسين تي ويٺل بيوروڪريٽ اقتدار ۾ موجود فردن سان ٻٽ ٿي ملڪ ۾ اهو ڪردار ادا ڪندا، جيڪو ڪچي ۾ ڌاڙيل ۽ پهاڙن جي پاڇي ۾ طالبان ڪري رهيا آهن ته ان صورتحال ۾ تمام گهڻا حساس سوال اڀري اچن ٿا ۽ انهن جا جواب منظرعام تي نه ٿا اچن. ڇو ته بقول ڪنهن وڪيل جي ته اسان وٽ جيڪو سنجيده موضوع تي سوال ڪري ٿو، تنهن کي جواب ملڻ بدران کيس کنڀي کنيو وڃي ٿو. ان ڪري صرف خطري جي نه پر حقيقي خوف جي فضا پيدا ٿي پئي آهي ۽ ان ماحول ۾ ڪو ماڻهو ٻڙڪ ٻاڦڻ جي لاءِ تيار نظر نه ٿو اچي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته ڪنهن کي ملڪ ۽ عوام جي ڪا پرواهه ناهي.
پاڪستان اسان جو پنهنجو ملڪ آهي پر دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ جڏهن به ڪا وڏي پئماني تي بدامني پيدا ٿي آهي ته ان جو اهم ڪارڻ هڪ ته ان بدامنيءَ جا حقيقي معاشي ۽ معاشرتي سبب هوندا آهن ۽ انهن کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن شيءَ کي تمام گهڻي اهميت سان ڏٺو ويندو آهي ته اها شيءَ هوندي آهي، ان ملڪ جو قانون! جڏهن به ڪنهن به ملڪ جو قانون لتاڙ ۾ ايندو ته پوءِ ان ملڪ ۾ بدامني ڪڏهن به ختم ٿي نه سگهندي. اسان کي اهو يقين ڪرڻ گهرجي ته جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، ان جو سبب اهو آهي ته اسان وٽ هڪ ته اهي معاشي مسئلا آهن ۽ ٻيو ته معاشرتي يا سماجي سطح تي جيڪو قانون جو احترام نه ٿو ڪيو وڃي، ان سبب ملڪ ۾ بدامنيءَ کي نه صرف بنياد ملي ٿو پر هن کي ڀاڻ به ملي ٿو، اهڙي طرح بدامنيءَ جو هڪ پورو فصل تيار ٿي وڃي ٿو. هن وقت اسان جيڪو ڪجهه به لڻي رهيا آهيون، اسان کي اهو يقين ڪرڻ گهرجي ته اسان وٽ ان کي پنهنجي هٿ سان پوکيو ويو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن جو پوکيل فصل ڪير لڻي ٿو؟ اها الڳ ڳالهه آهي پر اسان کي ان سلسلي ۾ پڪ ڪرڻ گهرجي ته بدامني ڪا برسات جيان ناهي. پر بدامنيءَ جا سبب آهن ۽ ان جو سڀ کان وڏو ۽ بنيادي سبب لاقانونيت آهي ۽ اها لاقانونيت مٿان کان هيٺ اچي ٿي.
پاڪستان ۾ هن مهل جيڪو به بدامنيءَ جو ماحول آهي، ان جا ڪارڻ به قانون تي عمل نه ٿيڻ واري پس منظر ۾ پسڻ گهرجن. ڇو ته اسان پنهنجي آس پاس پنهنجي ڌرتيءَ تي ڏسي رهيا آهيون ته ڪهڙي طرح ڌاڙيل پيدا ٿين ٿا ۽ ڪهڙي ريت شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌارو اچي ٿو. اهو سڀ ڪجهه بي بنياد ناهي. ان جا حقيقي بنياد آهن. اهي بنياد قانون جي لتاڙ جي صورت ۾ پيدا ٿين ٿا.
ملڪ جو سرحدون محفوظ رهڻ گهرجن ۽ سرحدن جي اندر رهندڙ عوام به سڪون سان زندگي گذارڻ جو حق حاصل ڪندو هجي ته ان صورت ۾ اهو ڪجهه ملي سگهي ٿو، جيڪو ڪجهه هن مهل تائين نه مليو آهي. اسان جو اهو حق آهي ته اسان کي هڪ پرامن ملڪ ۽ پرامن معاشرو ملي. اسان ان بنيادي حق لاءِ تمام گهڻو انتظار به ڪيو آهي ۽ ان حق جي لاءِ اسان کي تمام گهڻي اذيت مان به گذرڻو پيو آهي پر هر شيءَ جي حد هوندي آهي. اسان کي اها حقيقت شدت سان محسوس ٿي رهي آهي ته هاڻي اسان جي حد اچي وئي آهي. ڇو ته اسان جي پٺي ان ديوار سان لڳي رهي آهي، جنهن ديوار کان پوءِ اسان پوئتي سري نه ٿا سگهون.
ملڪ ۾ دهشتگرد هجن يا ڌاڙيل هجن، انهن جو علاج صرف ۽ صرف قانون جي مٿان عمل ۾ آهي. جيستائين قانون تي عمل نه ٿيندو، تيستائين اسان جو ته ڇا پر ڪنهن به ملڪ جو معاشرو حقيقي طرح سان امن ۽ سڪون جو ماحول حاصل نه ڪري سگهندو. قانون تي عمل سان حفاظت جي حدن ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو. اهو سادو ۽ اصل سچ آهي.