شوبز

ڀارت ۾ وڏي فلم ملي، سياسي تڪرارن سبب ٺهي نھ سگهي: ميرا

پاڪستان جي تڪرارن جي راڻي طور شهرت ماڻيندڙ اداڪارا ميرا انڪشاف ڪيو آهي تھ ڀارت ۾ وڏي فلم ملي، پر سياسي تڪرارن سبب فلم ٺهي نھ سگهي. پوڊ ڪاسٽ پروگرام ۾ ڳالهائيندي ميرا ٻڌايو تھ مهيش ڀٽ مون کي پنهنجي فلم شهرت ۾ ڪردار ڏنو هو، پر پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ وڌڻ بعد ڪم روڪيو ويو. اها منهنجي زندگي جي بهترين فلم ٺهڻ وئي پئي، پر سياست سبب ائين نھ ٿي سگهيو. ميرا چيو تھ مان 9 سالن جي ڄمار ۾ 20 ورهين جي لڳس پئي، ان عمر ۾ مون کي ٻارن جي اشتهار ۾ ڪم ڏئي ڪڍيو ويو هو، ڇوتھ ڪيمرا منهنجو چهرو وڏي عمر جو پئي ڏيکاريو، ميڪرز مون کي اشتهار مان ڪڍي ٻي اداڪار کي ڏنو. هن چيو تھ سدائين ڪنهن نھ ڪنهن سبب خبرن ۾ رهندي آهيان، شايد ميرا هجڻ جي سزا ملي رهي آهي، تنهنڪري هاڻ مون کي ڪا ايڪشن فلم ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button