شوبز

ڪرشما ڪپور سان پٽ ڪاوڙيل، گڏ تصوير ڪڍرائڻ کان انڪار

بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪرشما ڪپور سان پٽ ڪيان راج ڪپور ڪاوڙيل نظر آيو آهي، جنهن ساڻس گڏ تصوير ڪڍرائڻ کان بھ انڪار ڪري ڇڏيو. ميڊيا مطابق ممبئي ايئرپورٽ ٿي ڪرشما ڪپور پٽ ڪيان راج ڪپور سان گڏ پهتي، جتي ڪرشما پٽ ڪيان کي ساڻس گڏ بيهي فوٽوگرافرن کي پوز ڏيڻ جي هدايت ڪئي، پر ڪيان راج ڪپور انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن دوران ڪيان ماءُ کان لنوائيندو رهيو ۽ کائنس ناراض نظر آيو، پر اها خبر ناهي پئجي سگهي تھ ڪرشما ڪپور کان سندس پٽ ڇو ڪاوڙيل آهي ۽ هن ساڻس گڏ تصوير ڪڍرائڻ کان ڇو انڪار ڪيو آهي. هوڏانهن مداح ڪيان تي تنقيد ڪري رهيا آهن تھ هن پنهنجي والدا جي توهين ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button