ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جي وزير جي ڌاڙيلن کي امن لاءِ اپيل

Editorial

ڪجهه وقت کان سنڌ ۾ بدامنيءَ جي جيڪا باهه ٻريل آهي، ان جو سيڪ سنڌ جو هر شهري محسوس ڪري رهيو آهي ۽ ان باهه سبب ڪن علائقن ۾ ماڻهو سڙِي پڻ رهيا آهن. سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ ڌاڙيلن رڻ ٻاري ڏنو آهي، جنهنڪري نه رڳو سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي پر پوليس ۽ حڪومت سنڌ جو امن خراب ڪندڙن خلاف ڪابه ڪارروائي عمل ۾ نه پيا آڻي سگهن ۽ ڌاڙيلن جو سنڌ ۾ رهندڙ هندوئن خلاف ڌمڪين جو سلسلو جاري آهي. جيڪڏهن صورتحال واقعي به اهڙي رهي ته ان سان بدامنيءَ ۾ واڌ ايندي ۽ شهري پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ غيرمحفوظ پڻ سمجهندا، تنهنڪري ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جا وزير ڌاڙيلن کي اپيلون ڪري رهيا آهن پر اهي ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪرڻ ۽ انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ کان ڪٻيائي رهيا آهن. تازو جيڪا اپيل سنڌ جي صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي ڪئي آهي سا سنڌ حڪومت جي بيوسيءَ جو کليل ثبوت آهي.

ڪالهوڪي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ بدامنيءَ جو معاملو صوبائي اسيمبليءَ ۾ پهچي ويو آهي. صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي ڌاڙيلن کي اپيل ڪئي ته اهي سنڌ ۾ اقليتي هندو برادري کي تڪليف ڏيڻ کان پاسو ڪن. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي اپوزيشن امن امان جي خراب صورتحال تي سنڌ حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي. گيانچند ايسراڻي اعتراض واري نقطي جو جواب ڏيندي چيو ته ڌاڙيلن پاران اهو چيو ويو آهي ته اهي هندن جي مندرن تي حملا ڪندا، ڌاڙِيل به هن ملڪ جا رهواسي آهن، کين سوچڻ گهرجي ته ملڪ کي بدنام ڪرڻ وارو ڪم نه ڪن. جيڪڏهن هندن جو نقصان ٿيندو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي بدنامي ٿيندي. سنڌ ۾ هندو هڪ هزار سال کان رهن ٿا پاڙيسري ملڪ تاڙ ۾ رهي ٿو ته هندن جي خلاف ڪجهه ٿئي ته پاڪستان کي بدنام ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي مسلمان ڀائرن هميشه اقليتي سان محبت ۽ ڀائپي جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ کين تحفظ فراهم ڪيو آهي. هن چيو ته اسان جو جيئڻ مرڻ پاڪستان سان آهي هن فورم ذريعي ڌاڙيلن کي به اپيل آهي ته اهي هندو برادريءَ کي نقصان نه ڏين جيڪڏهن ڪو واقعو ٿيو آهي ته هندن جو ڪو قصور نه آهي. هن چيو ته مون کي اميد آهي ته ڪوبه مسلمان اسان جي هندو ڀائرن جو نقصان نه ٿيڻ ڏيندو. اسپيڪر سراج دراني چيو ته سنڌين جو حق آهي ته هتان جو ڊوميسائيل حاصل ڪن، ڪنهن ٻئي جو حق نه آهي ته هتان جو ڊوميسائيل وٺي.
ڇا سنڌ حڪومت وٽ وسيلن جي کوٽ آهي جو اها ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري سگهي. ٻي ڳالهه ته ڌاڙيل سڌي ريت سنڌ حڪومت جي رٽ کي چيلينج ڪري رهيا آهن ۽ سنڌ حڪومت جا وزير انهن کي اپيلون ڪري رهيا آهن. ڇا اهي انهن اپيلن سان ماٺ ڪري ويهي رهندا ۽ سنڌ ۾ آباد هندوئن خلاف ڪارروايون ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندا. سنڌ حڪومت کي نه رڳو قانوني رستو اختيار ڪرڻ گهرجي پر پنهنجي رٽ کي قائم ڪرڻ لاءِ به هر قسم جو اپاءُ وٺي، هي لکين ماڻهن جي تحفظ جو مسئلو آهي. تنهنڪري سنڌ حڪومت پوليس اهو حڪم ڏئي ته جيڪو به سنڌ ۾ رهندڙ شهرين کي ڌمڪيون ڏئي تنگ ڪندو، ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button