ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نِگرانن جي نِگراني

Editorial-Article- Irshad Leghari

ڪجهه ئي ڏينهن ۾ موڪلائيندڙ وزيراعظم ميان شهباز شريف مُدت مڪمل ٿيڻ کان اول ئي حڪومت جي پاڻ پڄاڻي جو اعلان ڪندي نِگران سيٽ اپ لاءِ ملاقاتون شروع ڪري ڇڏيون آهن. اهڙين ملاقاتن ۾ سڀ کان اول هو اتحادين سان صلاحون ڪندو ۽ ان کان پوءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ کي پڻ اعتماد ۾ وٺڻ جو اشارو ڏنو ويو آهي. نگران سيٽ اپ ڪهڙو ٿو اچي ۽ نگران وزيراعظم جو ڪُڻو ڪنهن جو ٿو نڪري؟ اهو سڀ ڪجهه هن ملڪ جي اقتداري تاريخ جي تناظر ۾ ڪا گهڻي حيثيت نٿو رکي. ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ هيستائين جيترا به نگران ايندا رهيا آهن، تن جي به اهڙي ئي نگراني ٿيندي آهي جهڙي چونڊيلن جي. پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته ان سيٽ اپ کي رڳو نالي ماتر مڙهيو ويندو آهي. ٿيندو اهو ئي آهي جيڪو وس وارا چاهيندا آهن. ها البت ايتري ڪوشش هر ويندڙ حڪومت جي اها لازمي هوندي آهي ته جيڪي نگران اچن، سي سندن ويجها ماڻهو هجن ته ڀلو.
ٻيو ته هيلوڪن نگرانن جي باري ۾ بظاهر ته کڻي شهباز شريف ڏيکاءُ واريون ملاقاتون ڪندو رهي پر جڳ جهان کي اها خبر آهي ته نگرانن بابت دبئي ۾ سڀڪجهه طئي ٿي چڪو آهي. دبئي ۾ آصف علي زرداري ۽ ميان نواز شريف ۾ جيڪا ملاقات ٿي، تنهن ۾ گهڻو ڪجهه طئي ٿيڻ سان گڏ اهو به طئي ڪيو ويو آهي ته نگران سيٽ اپ ۾ ڪير ڪير هئڻ گهرجن. ان سموري تناظر ۾ بهرحال هڪڙي ڳالهه ڪجهه نئين ضرور سامهون آئي آهي ته سمورن اتحادين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته هيلوڪن نگرانن ۾ ڪوبه جرنيل، جج، صحافي يا بيوروڪريٽ نه هئڻ گهرجي. هنن سٽن لکڻ تائين ته اهو ئي طئي ٿيل ٻڌايو ويو آهي پر سڀاڻي جي سج جو ڪهڙو فيصلو هوندو، تنهن بابت پاڻ ڪجهه ان ڪري نٿا چئي سگهون جو هن ملڪ اندر رات جي پيٽ ۾ فيصلا تبديل ٿيڻ جي تاريخ ڪنهن کان به لڪل ڪونهي.
خير جيڪو به نگران سيٽ اپ ايندو سو ايندو ۽ پاڻ ڏسي وٺنداسين پر سوال اهو آهي ته اهو سيٽ اپ واقعي به غيرجانبدار هوندو؟ ڇا هيلوڪي نگران سيٽ اپ جي نگراني نه ڪئي ويندي؟ کين آزاد ۽ خودمختيار ڇڏيو ويندو؟ ساڳيو سوال اليڪشن ڪميشن بابت پڻ لاڳو ٿئي ٿو. ته پوءِ انهن سڀني سوالن جا جواب سچي ڳالهه اها آهي ته “نه” ۾ آهن. نه ته نگران نگراني کان آجا هوندا ۽ نه اليڪشن ڪميشن. بس اهو ئي اصل عيب آهي هن نظام جو، جنهن جي ڪري ملڪ بربادي جي ڪناري تي پهتو آهي. اليڪشن کان اول توهان هر ضلعي ۾ انتظامي عملدارن جون بدليون ۽ نيون مقرريون ناهيو ڏسندا ڇا؟ اهو سڀ ڇا هوندو آهي؟ دراصل اها ئي سا راند هوندي آهي، جيڪا اليڪشني فتح کي يقيني بڻائيندي آهي. هر ضلعي ۽ تعلقي جا اميداوار پنهنجي پنهنجي پارٽي کي آفيسرن جون لسٽون ڏيندا آهن ته فلاڻي ٿاڻي تي فلاڻو ايس ايڇ او ۽ فلاڻي ضلعي ۾ فلاڻو ايس پي گهرجي. ايئن هر ان اداري ۾ پنهنجي پسند جا عملدار مقرر ڪرايا ويندا آهن، جن ادارن جو اليڪشن ۾ سڌو اڻ سڌو ڪوئي ڪردار هوندو آهي. تنهن ڪري هن اليڪشن کان اول به هر ڪوئي پنهنجي پنهنجي ضلعي جي آفيسرشاهي کي ڏسي اهو اندازو آساني سان لڳائي سگهي ٿو ته نتيجا ڪنهن جي حق ۾ هوندا. پاڻ کي پڻ نگران سيٽ اپ لاءِ ٿيندڙ ملاقاتن بدران پنهنجي پنهنجي تڪ جي آفيسر شاهي جون فهرستون جاچڻ گهرجن ته جيئن ايندڙ نتيجن جي سُڌ پئجي سگهي.
وڌيڪ اهو ته پاڻ سڀ ڄاڻون ته ووٽ ڀل جو کڻي پولنگ تي عوام ڏيئي ايندو آهي پر نتيجا ڪنهن ٻئي هنڌ ئي طئي ٿيندا آهن ۽ هيلوڪي اليڪشن جا نتيجا ته ڄڻ اليڪشن کان اول ئي پڌرا لڳا پيا آهن، جيڪي اوهين هن وقت جي ٻن وڏين اتحادي ڌرين پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ نوازليگ جي رجحان مان سمجهي سگهو ٿا. اهي ٻئي پارٽيون ته هن وقت کان حڪومتي عهدا ئي ورهايو ويٺيون آهن. سو اهڙو دور جنهن ۾ اليڪشن نتيجن کان اول فتح ۽ شڪست پڌري پئي هجي ۽ حڪومتي عهدا به ورهائجي چڪا هجن اتي نگران هجن ته ڇا جي نه هجن ته ڇا!! اصل نگراني اڄ به پنهنجي جاءِ تي قائم دائم آهي ۽ جيستائين اها نگراني رهندي تيستائين جمهوريت جو حقيقي روپ ۾ لاڳو ٿيڻ وارو سفر ڊگهو ئي ٿيندو ويندو. تنهن ڪري اچو ته ڇڪيون پنهنجي پنڌ کي!!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button