برطانوي شاهي خاندان جي ننهن ڊچز آف سسيڪس ميگهن مرڪل تي شاهي خاندان جي مبصر ڪولن ڪيمبل شاهي قانون ٽوڙڻ جا الزام لڳايا آهن. ميڊيا مطابق شاهي خاندان جي مبصر ڪولن ڪيمبل جو چوڻ هو تھ ميگهن مرڪل پابندي باوجود مارڪيٽ ۾ ڪتو بيگن گڏ آڻي ڌيان ماڻهن جو ڇڪايو، جنهن سان هن ڪيٽ ميڊلٽن کان وڌيڪ شهرت ماڻڻ جي راند پڻ کيڏي آهي. هڪ ٻئي مبصر فل ڊيمپئير جو چوڻ آهي تھ ومبلڊن ٽورنامينٽ ۾ شريڪ ڪيٽ مڊلٽن تان ميڊيا جو ڌيان هٽائڻ لاءِ ميگهن مرڪل رٿابندي ڪئي هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close