پنجاب جي صوبائي سرڪار باربي سيريز جي نئين فلم تي پنجاب ۾ پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق باربي سيريز جي نئين فلم جي هدايتڪارا اداڪارا گريٽا گيرونگ آهي، جنهن کي سينيمائن ۾ رليز ٿيڻو هو، پر صوبائي سرڪار ان تي پابندي لڳائي ڇڏي. جڏهن تھ فلم کي دبئي ۾ هڪ ڏينهن اڳ رليز ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ پنجاب صوبي جي سرڪار فلم جي مواد تي اعتراض واري پابندي جو فيصلو ڪيو آهي. هوڏانهن فلم جي مداحن جي راءِ پابندي واري قدم تي ورهائجي وئي، جنهن ۾ ڪيترائي مداح ناراض بھ ٿيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close