ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جمهوريت جي ارتقا ۽ رڪاوٽون

ارتقا جو قانون ۽ انهيءَ جا اصول رڳو زمين جي گولي تي تمام شين تي لاڳو نٿا ٿين پر ارتقا جو قانون ڪائنات جي تمام دريافت ٿيل چيزن ۽ پرتن ۾ هڪ اٽل حقيقت جي طور تي تسليم ٿي چڪو آهي. اهو قانون رڳو غير حياتياتي مادي شين سان لاڳاپيل ناهي پر تمام حياتياتي پرتن يعني حيوانات ۽ نباتات ٻنهي ۾ وجود رکي ٿو اهڙي طرح ئي قانون سماجي نظرين، فلسفن سان گڏوگڏ تهذيبن جي اجزات ۾ هڪ بنيادي جوهر جي طاقت رکي ٿو.
ارتقا جو اهو قانون هر ماحول ۾ پنهنجي ارتقا جو عمل اتي موجود اجزات ۽ مرڪبات جي بنيادن تي اڳتي ٿو وڌي يعني ڪهڙي ماحول ڪهڙي آب هوا آهي ڪهڙي قسم جون غذائون آهن ڪهڙا روحاني عقيده آهن ۽ ڪهڙن ڪهڙن سياسي سماجي نظرين مان معاشري اڳتي قدم وڌايو آهي ۽ گڏوگڏ طاقتور حقيقت هي به آهي ته ان ارتقا جي لاءِ ماحول جي سازگاري سان گڏوگڏ انهيءَ ۾ رڪاوٽون به پيدا ڪيون ويون آهن يا سازگار ماحول کي وڌيڪ بهتري سان اڳتي وڌڻ جا موقعا مليا آهن. تنهن ڪري اسان جڏهن سماجي نظرين ۽ قانونن کي آڏو ٿا رکون ته اسان کي هر سماج جي اندر هڪ جهڙا نظريا الڳ الڳ صورتن ۽ ارتقائي منزلن ۾ نظر ايندا. اها صورت اسان کي نظرين جي انهن پرتن ۾ به نظر اچي ٿي جنهن کي اسان روحانيت يا مذهبيت جي فريم ۾ ڏسون ٿا هڪ ئي مذهب جا پوئلڳ الڳ الڳ ملڪن ۾ پنهنجي ماحول ۽ تهذيبي ارتقائن سان ڪجهھ نه ڪجھه هڪٻئي کان مختلف نظر ايندا پر نظرين ۾ هڪ بنيادي حقيقت يا هڪ اهم نقطو هر وقت هي طاقتور صورت ۾ نظر اچي ٿو ته نظرين تي طبقاتي جبر ۽ گروهي مفادن جو اثر وڌ کان وڌ رهيو آهي.
جڏهن بادشاهت يا گروهي آمريت ۽ ٻين صورتن ۾ آمريتن جن ۾ ٿيوڪريسي به شامل آهي انهن سماج جي معاشي حالتن سان گڏوگڏ اخلاقي ۽ فڪري حالتن کي بدتر ڪري ڇڏيو تڏهن انهن آمريتن جي ٽوڙ جي لاءِ جمهوريت جو نظام حڪومت رڳو زير بحث نه آيو پر ان جمهوريت سماج کي مستحڪم ڪرڻ جو بهترين ڪردار به ادا ڪيو پر جيئن ته جمهوريت جو بنيادي روح عوام جي حق حاڪميت آهي ۽ ان وقت تائين اها جمهوريت ڪمزور ۽ نٻل رهندي جيستائين اها مڪمل طور تي عوام جي حق حاڪميت جي منزل تي نٿي پهچي اسان کي باآساني سمجھه ۾ اچي ٿو اهو استحصالي طبقو جنهن جو بنيادي مقصد انساني محنت جي ڦرمار ڪرڻ آهي اهو ڪنهن به صورت ۾ جمهوريت کي پنهنجي اعليٰ منزل تي پهچائڻ جي لاءِ ڪو ڪردار ته ادا نه ڪندو پر الٽو انهيءَ جي راھه ۾ رڪاوٽون وجھڻ جي ڪوشش به ڪندو تنهن ڪري استحصالي طبقي اهو سرمائيدار هجي يا جاگيردار يا بيورڪريسي جو اهو پرت جنهن جي دماغ ۾ پنهنجي حڪمراني ڪرڻ هجي انهن تمام جو تمام استحصالي گروهن جمهوريت جي سياسي روح کي ڪمزور ڪندي صرف ۽ صرف فرد جي آزادي جي نقطي کي اهڙي انداز ۾ اڳتي وڌايو جو اها آزادي سياست کان وڌيڪ تفريح ۽ آواره گردي، جنهن کي بي راھه روي چئجي ٿو، ۾ ڀٽڪائي ڇڏيو ۽ هي پيغام ڏنو ته عوام سڌي طرح پاڻ سياست ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجا سياسي ۽ حڪومتي اختيارات ووٽ جي شڪل ۾ حاڪم طبقي جي ليڊرشپ کي ڏي جيڪو هن کي مراعتون، سهولتون ۽ گڏوگڏ پر لطف آزاديون ڏيندو، اهوئي سبب هيو جو هن جمهوريت کي صرف ووٽ جي پرچي جو جهنڊو بڻائي ڇڏيو ۽ سياست جو حقيقي روح پنهنجي قبضي ۾ ڪري جمهوريت جي ارتقا کي پنهنجي حق ۾ موڙي ڇڏيو انهيءَ ڪري هن بورجوا آزادي جو هڪ اهڙو ميلو رچائي ڇڏيو جنهن ۾ رنگ به رنگي تلسم جا کيل نظر اچڻ لڳن مضبوط بااختيار ۽ بااخلاق سياست عوام کان پري ڪئي وئي ۽ ٻي حرڪت هنن اها ڪئي ته ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ تعصب جا ٽڪراءَ قائم رهن اهي ڪڏهن نسلي صورت ۾ ته ڪڏهن مذهبي ٽڪرائن جي صورت ۾ ته وري ڪڏهن نام نهاد استحصالي حب الوطني جي صورت ۾، جمهوريت جي ارتقائي سفر کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ روڪڻ جي ڪوشش ۾ هر جاءِ تي مصروف آهي ۽ ارتقا جي رڪاوٽن جو اهو اتحاد اسان کي ترقي يافته سرمائيدارانه سامراجيت کان غير ترقي يافته ملڪن جي حڪمران ٽولن ۾ هڪ مقدس لڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان سهڪاري ۽ اتحادي صورت ۾ نظر اچي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button