ترجمو: يامين جتوئي
فيبروري 1917 جي انقلاب زار آپيشاهيءَ جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو ۽ ان جي نتيجي ۾ بورجوازيءَ جو اقتدار قائم ٿيو. مزدور طبقي کي عملي طور هيءَ فرض پورو ڪرڻو هو ته جدوجهد جي نئين مرحلي ۾، سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ، سوشلزم لاءِ جدوجهد ڪرڻ واري مرحلي ۾ داخل ٿئي. لينن پارٽيءَ کي ۽ مزدور طبقي کي سوشلسٽ انقلاب ڏانهن عبور ڪرڻ لاءِ هڪ ٺوس منصوبي سان هٿياربند ڪيو. اپريل واري مقالي ۾، اپريل جي ڪانفرنس ۽ ڇهين پارٽي ڪانگريس لاءِ تيار ڪيل پنهنجن دستاويزن ۾، پنهنجن مضمونن ۽ بيانن ۾ لينن حڪمت عملي ۽ طريقيڪار جا اهڙا نعرا پيش ڪيا جن ۾ ويڙهه جي زبردست سگهه هئي. هن ٻڌايو ته “روس ۾ موجوده صورتحال جو خاص پاسو هيءُ آهي ته ملڪ انقلاب جي پهرين مرحلي مان گذري، جنهن پرولتاريءَ جي اڻپوري طبقاتي شعور ۽ تنظيم جي ڪري اقتدار بورجوازيءَ جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو، پنهنجي ٻي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي، جنهن کي اقتدار لازمي طور پرولتاري ۽ هارين جي غريب ترين حلقن کي ڏيڻو پوندو.”
زارشاهي ۽ استحصال ڪندڙ طبقن جي مجرماڻي پاليسيءَ وسيلي ملڪ جنهن قومي تباهيءَ جي ڪناري تي اچي پهتو هو ان جو خاتمو ڪرڻ جو واضح پروگرام کڻي بولشيوڪ سوشلسٽ انقلاب جي تياري ڪري رهيا هئا. بولشيوڪ انهن ماڻهن جي پارٽيءَ جي حيثيت سان سامهون آيا جيڪي نه رڳو پراڻي سماج کي تباهه ڪري رهيا هئا پر جيڪي هڪ نئين سماج جا اڏيندڙ به هئا. “رياست ۽ انقلاب” “سر مٿان بيٺل تباهي ۽ ان جو تدارڪ ڪيئن ڪيو وڃي”، ڇا بولشيوڪ رياستي اقتدار پاڻ وٽ برقرار رکي سگهن ٿا؟” ۽ ان دور جون لينن جون ٻيون لکڻيون پارٽيءَ لاءِ سماجي سياسي ۽ معاشي تبديلين جو اثرائتو پروگرام بڻجي ويون.
پرگرام جي هدايتن جي وضاحت ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۾ مستقل مزاجي ۽ ثابت قدميءَ جي ڪري بولشيوڪن مينشيوڪن ۽ سوشلسٽ انقلابين جي ڪيترن ئي پوئلڳن کي انهن مفاهمت پسند پارٽين جي اثر کان آزاد ڪرڻ، پورهيت عوام جي اڪثريت کي پاڻ ڏانهن آڻڻ ۽ سوشلسٽ انقلاب جي هڪ سياسي فوج مرتب ڪرڻ جي اهل بڻائي ڇڏيو. سوشلزم لاءِ مزدور طبقي جي جدوجهد، امن لاءِ ملڪي سطح تي تحريڪ، زمين لاءِ هارين جي جدوجهد ۽ روس جي مظلوم قومن جي قومي آزاديءَ لاءِ جدوجهد گڏجي هڪ ئي ڌارا ۾ اچي ويون.
فيبروري ۽ 1917 جي وچولي عرصي ۾ بولشيوڪ پارٽي جنهن جو ليڊر لينن هو، طبقاتي جدوجهد جي مختلف شڪلين ۽ طريقن جي استعمال جي، موقعي محل جي مناسبت سان انهن جي بهترين امتزاج ۽ انهن مان جيڪي اثرائتا هجن انهن جي چونڊ ۽ تبديل ڪرڻ جو هڪ مثال قائم ڪيو. انقلابي صورتحال ۽ هٿياربند بغاوت بابت پنهنجي تعليم جي جامع وضاحت ذريعي لينن مارڪسي نظرئي ۾ واضح واڌارو ڪيو.
عوام جي رهمنائي ڪندي پارٽي عين ان وقت کان سرمائيداريءَ تي چڙهائي ڪرائي جڏهن گهربل خارجي ۽ داخلي حالتون پيدا ٿي ويون هيون. جڏهن سڄي ملڪ ۾ بحران عروج تي پهچي ويو هو ۽ جڏهن جدوجهد جي سڄي واٽ لکين ماڻهن جي دل دماغ، عزم ۽ جوش جذبي کي ان چڙهائي لاءِ تيار ڪري ڇڏيو هو. لينن جي هدايتن تي بولشيوڪ پارٽي ان مارڪسي مطالبي کي عملي جامو پهرايو ته بغاوت کي فن تصور ڪيو وڃي.
عظيم آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب انقلابي سماجي مسئلا حل ڪرڻ واري دنيا اڳيان هڪ مثال قائم ڪري ڇڏيو: استحصال ڪندڙن جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ پرولتاري ڊڪٽيٽرشپ قائم ڪرڻ، بورجوازي ۽ زميندارن جي نجي ملڪيت کي عوامي ملڪيت ۾ تبديل ڪرڻ، زرعي مسئلو هارين جي حق ۾ منصفاڻي نموني حل ڪرڻ، محڪوم قومن جي بيٺڪي ۽ قومي جبر کان نجات ۽ سوشلزم جي اڏاوت لاءِ سياسي ۽ معاشي ضروري حالتون پيدا ڪرڻ.
عظيم آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب عالمي سوشلسٽ انقلاب جو پهريون ڪارنامو هو. هن سڀنيءَ کان وڏين طاقتن مان هڪ جي سياسي ۽ سماجي معاشي پاسي کي بنيادي طور بدلائي ڇڏيو، بين الاقوامي آزاديءَ جي تحريڪ کي بلند سطح تي پهچائي ڇڏيو، لينن لکيو ان “سڄي دنيا لاءِ سوشلزم جي واٽ ٺاهي ڇڏي ۽ بورجوازي تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ان جي حاڪميت خاتمي جي ويجهو پهچي رهي آهي.”
)پورو ٿيو)
نوٽ: لينن جي 100هين سالگرهه جي موقعي تي سوويت يونين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جي ٿيسز مان هڪ حصي جو ترجمو ڪيو ويو.