ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مِنا ٻور کارائيِس!؟

Editorial-Article- Irshad Leghari


جڏهن جڏهن به ساوڻ رُت موٽي ايندي آهي تڏهن تڏهن هُو پاڻ کي عمر جي ڪوٽ ۾ محسوس ڪرڻ لڳندو آهي ۽ بادلن ڏانهن جيڪا به نگاهه کڄيس ٿي، تنهن ۾ مارئي سمائجيو وڃي. ان سان گڏ سندس ڌيان ۾ ايندي آهي مرشد لطيف جي اها وائي، جنهن ۾ ٿر ڄائي مارئي جڏهن قيد دوران ڪوٽ مٿان کنوڻ کِجندي پَسي ٿي تڏهن کيس ياد ايندا آهن اهي وانجهار، جن کان هُوءَ وقت جي حاڪم پاران جبري وڇوڙي وئي. ايئن هو جهنگ چَري وٿاڻين موٽندڙ ڌڻن جي موٽ ۾ سمائجي محسوس ڪرڻ لڳندو آهي انهن ماڳن کي، جتي سندس گذريل جنم جون ڪئين ڪهاڻيون پِنهان آهن. هِن کي ياد اچڻ لڳندي آهي اها ڀِٽ، جنهن جي ڪڇ ۾ ويهي هن پهريون ڀيرو ڀِنل خُماريل رات ۾، آسمان مان تارا لاهي پنهنجي گودڙي ۾ وڌا هئا. ۽ پوءِ اٽي لپ واري سير ۾ ڳوٺ ڳوٺ جهاڳيندي اهي تارا غريبن گهراڻن جي انهن ٻارن ۾ ورهائيندو ويو، جن جي زندگي طبقاتي سماج اونداهي ۾ جڪڙي رکي آهي.
ها اهي ٻار، جن جا وار اڻڀا ۽ جهوليون ڦاٽل هونديون آهن. هو انهن ٻارن جو پاڻ کي انهي ڪري به قرضي محسوس ڪندو آهي جو ٿر جي هڪ ٻار جو مٿس وڏو احسان رهيو آهي. اهو ٻار جيڪو کيس ٿر جي هڪ ڍاڻي ۾ ميلو هو. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن وٽس زماني جي ظاهري ڪِرت جي حوالي سان ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪونه هو. بس رولاڪيون ۽ رولاڪيون ئي سندس سمورو جهان هيون. ٿر ۾ تن ڏينهين ڳاڙهن ٻيرن جي رُت هئي ۽ انهي رُت ۾ ٿر جون ڀِٽيون، ڀيڻيون ۽ ڍاڻيون ڀيٽيندي کيس هڪ ٻار ميلو هو. هن ٻار جي اکين ۾ نهاريو ته کيس ايئن محسوس ٿيو ته ان ٻالڪ جي نيڻن مان روپلو ڪولهي ڏانهَس نهاري رهيو هجي. هي ٻه وکون کڻي انهي ٻار جي ويجهو ٿيو جيڪو جهولي ۾ ٻير ميڙيو پئي ويو. هن ساڻس ڳالهائڻ جو بهانو ڳوليندي کيس چيو…
“مِنا ٻور کارائيِس؟” مطلب ته مون کي ٻير کارائيندين؟ تڏهن روپلي جي سروپ واري انهي ٻالڪ سموري جهولي کڻي هن جي اڳيان وڇائي هئي. هِن هڪ ٻير کڻي، ٻار جي پيشاني کي چمندي چيو هو… شال تنهنجو مارو ديس سدا سائو ستابو رهي. بس اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن، هي انهي ٻار کي ڳوليندي اهو سوچيندو ٿو رهي ته هاڻ اهو ٻالڪ خير سان وڏو ٿي چڪو هوندو. اڳيان وري اهو سوال ته اهو هاڻ ڇا ڪندو هوندو ڀلا؟ جيتوڻيڪ هي انهي ٻار جي حياتي پنهنجي مرضي سان ته نٿو طئي ڪري سگهي يا اهو ته جوان ٿي ويل ان ٻار جي ڪم يا سوچ هيئن هجي يا هونئن هجي پر پوءِ به الائي ڇو جڏهن ساوڻ ايندو آهي تڏهن هي انهي ٻار بابت سوچيندي سوچيندي اداس ٿيو وڃي ۽ سوچڻ لڳندو آهي ته ٿر جا اهي ڪالهه جي سٻاجها ٻالڪ ۽ اڄ جا جوڌا جوان انهي ڪاري قيد جهڙي ڪوٽ کي ڊاهڻ لاءِ ڇو نٿا ميدان ۾ لهن، جنهن ڪوٽ سندن مارو ديس جي سموري ساهه کي گُهٽي ڇڏيو آهي. ٿر جي مسڪين جاتي وارن ٻارن جون ورهين کان جهوليون ڦاٽل ۽ وار اڻڀا لوساٽيل ڇو آهن؟ اهي ٻار جيڪي پنهنجين اباڻين ڀِٽن تان لڏايا ويا، سي اڄ جڏهن ڏامر وارين وسندين ۾ رهندي آسمان ۾ کنوڻ ڏسندا آهن ته روئي ڏيندا آهن. ڇاڪاڻ جو هاڻ هو باندي بڻايا ويا آهن ۽ اباڻين ڀِٽن مٿان پنهنجي مرضي سان نٿا کيڏي سگهن.
ايئن هو سوچيندي سوچيندي تصور ۾ انهي راڻي ڀيل سان رهاڻيون ڪرڻ ٿو لڳي، جيڪو هِن ٻالڪپڻ ۾ پنهنجي ناناڻڪي شهر سرهاڙي جي هڪ ڳوٺ ۾ ڏٺو هو. اهو راڻو ڀيل جنهن جي ڪنن ۾ سونيون ڪيوٽيون پيل هيون ۽ اکين ۾ اهڙا شعلا ٿي ٻريس، جنهن کان ڊِنگ به پري ڀڄن. بهرحال هن کي اڃان به اها اميد آهي ته هي ديس راڻي ڀيل جي روپ ۾ سگهوئي ڇال ڏيئي اٿندو ۽ اهي سمورا ڪوٽ ڪک پن ٿي ويندا، جن وسيلي محبوب ٿر کي گهيريو ويو آ. ها اها رُت هاڻ گهڻو پري ناهي، جنهن ۾ اهو ٻالڪ کيس هڪ ڀيرو ٻيهر جواني جي روپ ۾ ملڻو آهي، جنهن کي هي ڳوليندو ٿو وتي. ۽ جنهن ڏينهن اهو ٻار کيس مليو تنهن ڏينهن مارو ديس مٿان ڪاهي آيل سمورا سرمائيدار ڦورو طبقا ڪک پن ٿي ويندا ۽ جبر جي سڀئي ڪارا ڪوٽ ڊهي پٽ پوندا. چوڏسائن ۾ مارئي جو روح قراري ٿيندو ۽ گوجندا مندائتا سهرا، جنهن ۾ ٿر جون امڙيون ۽ ڀينرون ٻڌيون موڙ انهن مٿيرن کي، جن مٿيرن لاءِ اياز چئي ويو آهي ته…
ڪڏهن سِنڌ جي سِينڌ ميري نه ٿئي
ڪڏهن موڙ تنهنجا نه مرجهائجن!!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button