توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته ڪجهه ماڻهو 15 ڪروڙ خرچ ڪري سمنڊ جي 3800 ميٽر گهرائي تائين فقط هڪ ٻڏل جهاز ٽائٽينڪ جو ملبو ڏسڻ لاءِ وڃن، هڪ اهڙي جهاز لاءِ جيڪو 100 سال اڳ ٻڏي چڪو هجي. اتيِ فقط تفريح لاءِ وڃي ۽ ان کانپوءِ اُن جي ڪا خبر ئي نه پئي، جي ها! آئون ڳالهه ڪري رهي آهيان، شهزاده دائود ۽ سندس پٽ سليمان دائود جي، جيڪي پاڪستان جي ڪجهه امير زادن مان هئا. يقينن جيڪڏهن ڪو ماڻهو 30 ڪروڙ خرچ ڪري فقط ٽائٽينڪ بحري جهاز جو ملبو ڏسڻ وڃي ته اهو ڪو عام ماڻهو نه هوندو. هاڻ مسئلو اهو آهي ته اِهي جنهن آبدوز ۾ موجود هئا، اِها آبدوز ئي غائب آهي. هِن آبدوز ۾ ڪل 5 ماڻهو سوار هئا، اِهي هاڻ ڪٿي آهن، ڪا خبر ناهي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته شهزاده دائود اينگرو ڪمپنيءَ جو سي اِي او به هو ۽ برطانيا ۾ هن جو هڪ وڏو ڪاروبار آهي. هي برطانيا ۾ رهائش پذير هئا. اينگرو ڪمپني ڀاڻ جي آهي ۽ هي ايڊوينچر کي الاهي پسند ڪندو هو. خلا ۾ ويندڙ جهاز ۽ نين شين کان تمام گهڻو متاثر هو، جڏهن ته هن جو پٽ اِن سفر کان ٿورو گهٻرايل هو پر هن پنهنجي پيءُ کي مايوس به نه ٿي ڪرڻ چاهيو. اهو سفر شروع ٿيو ڪئناڊا جي سينٽ جان پورٽ کان جنهن حصي کان هن کي ڊيپ ڪرڻو هو. اهو سينٽ جان پورٽ کان 700 ڪلوميٽر پري هو ۽ اتر ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ موجود هو ۽ انهيءَ جڳهه تي ٿڌي پاڻيءَ جي گهرائيءَ ۾ ٽائٽينڪ موجود هو.
17 جون 2023ع تي اهو سفر شروع ٿيو ۽ 18 جون 2023ع تي 9 لڳي 58 منٽن تي پاڻيءَ ۾ لاٿو ويو. هن کي ڊرائيو ڪرڻ کان اڳ هڪ مسئلو ڏٺو ويو پر پوءِ به ان کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ پنهنجي جان تريءَ تي رکي ان کي سمنڊ ۾ لاٿو ويو. ايڪشن ايويشن جو باني هيمش هارڊنگ هو، هِن جيف بيزوس سان خلا ۾ به سفر ڪيو ۽ ٻيو جيڪو اوشيئن گيٽ جو سي اِي او اسٽاڪٽن رش، جيڪو هن آبدوز جو ٽوئر گائيڊ پڻ هو. هي اِن ڪمپني جو ملازم هو، جيڪا ٽوئرسٽ لاءِ سب ميرين مهيا ڪندي آهي ۽ ٽيون 77 سالن جو پال هينري نارگيوليٽ، هي اهو ماڻهو هو، جيڪو پهرين به ٽائٽينڪ جو ملبو اکين سان ڏسي آيو هو ۽ هن کي ٽائٽينڪ جي ٽٽل حصن جي چڱي ڀلي ڄاڻ هئي ۽ باقي ٻه پاڪستاني پيءُ پٽ دائود ۽ سليمان هئا. دائود جي عمر 48 سال ۽ سندس پٽ 19 سالن جو هو. اِن سفر کان اڳ 17 جون تي هارس انٽرنيٽ تي آخري پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ هن لکيو ته تمام گهڻي سرد موسم سبب اسان جي ڊرائيو (Delay) ٿي وئي آهي، سڀاڻي موسم صحيح ٿيندي ته اسان نڪري وينداسين. 1912ع ۾ ٻڏي وڃڻ کانپوءِ ڪافي سالن تائين ٽائٽيِنڪ کي ڳولڻ جون ڪوششون جاري رهيون. 1985ع ۾ نيٺ ان جا آثار ملي ويا. ٽائٽينڪ ٻڏڻ کانپوءِ ڪيترائي سوال ڇڏي ويو ۽ هاڻ ڳولا جو وقت اچي ويو هو. ان لاءِ ڪافي سارن ملڪن جي درجن ماڻهن کوجنائون ۽ تحقيق ڪئي. ڪئناڊا جي فلم ڊائريڪٽر جيم ڪيمرون 1997ع ۾ هن تي فلم ٺاهي ۽ فلم کان اڳ هن اڻ ڳڻيا دورا ڪيا ۽ رهيل ڪسر هن فلم پوري ڪئي. اها فلم ايتري ته مشهور ٿي جو هن پنهنجو نالو هميشه لاءِ زنده ڪري ڇڏيو ۽ ٽائٽينڪ کي ڏسڻ ڪروڙين ماڻهن جو شوق ٿيو. چوندا آهن ته سمنڊ جي گهرائيءَ ۾ وڃڻ خلا ۾ وڃڻ کان وڌيڪ ڏکيو هو، ڇاڪاڻ ته سمنڊ ۾ اونداهي ئي اونداهي آهي ۽ اِن جو ٻيو سبب آهي پاڻيءَ جو پريشر.
ٽائٽينڪ جهاز پاڻيءَ جي سطح کان ڪئين ڪلوميٽر هيٺ آهي. ان جو اندازو دبئي جي برج خليفا کي ڏسي لڳائي سگهجي ٿو. جيئن برج خليفا زمين کان مٿي آهي. اهڙو 5 ڀيرا جو مفاصلو سمجهي سگهجي ٿو، جيترو ٽائٽينڪ هيٺ آهي، اتي پاڻيءَ جو دٻاءُ وڌيڪ آهي. ان جو اندازو ائين به لڳائي سگهجي ٿو ته شهر جي هڪ چوڪ تي پورو هاٿي بيهاري ڇڏجي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ آبدوز ۾ ڪيترو دٻاءُ برداشت ڪرڻ جي صلاحيت هوندي. 18 جون تي جيئن اهو سفر شروع ٿيو ٽائٽينڪ ۾ پهچڻ لاءِ اِن کي ڪل ٻه ڪلاڪ لڳن ها پر ان جو هڪ ڪلاڪ 45 منٽن ۾ (Mother Ship) سان رابطو ختم ٿي ويو. مٿي بيٺل ماڻهن اهو سمجهيو ته شايد سگنل نه پهچندا هجن پر چئن ڪلاڪن تائين اِن آبدوز جو ڪو پتو نه پيو. )هلندڙ)