پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا ڪبرا خان پاڻ بابت تازو شروع ڪيل الزام تراشين واري مهم تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي تھ اداڪار ڪرين کان ڪريل الزام لڳائڻ لاءِ سڀني کان وڌيڪ آسان هدف هوندا آهن. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڪبرا خان چيو تھ ماڻهو سوشل ميڊيا تي خاص ڪري اسان ميڊيا وارن کي چٿرن ۽ الزامن جو نشانو بڻائيندا آهن، منهنجي مٿان اڳي بھ ڪيترائي الزام لڳايا ويا جن تي خاموش رهيس، پر هاڻ لڳندڙ الزامن تي چپ نھ رهنديس. هن چيو تھ انٽرٽينمينٽ انڊسٽري وارن کي سياست ۽ سياستدانن ۾ دلچسپي ناهي، چوتھ اسين رڳو تفريح ڏيون ٿا ۽ ڪم تي ڌيان هوندو آهي. هن چيو تھ مون تي جيڪي الزام لڳايا ويا آهن، اهي پڙهي ذهني حالت خراب ٿي ويندي آهي ۽ گهروارا ڌار پريشان ٿيندا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close