شوبز

طوبا انور نون پرڻيل جوڙن کي اهم مشورو ڏئي ڇڏيو

پاڪستاني اسڪالر عامر لياقت جي اڳوڻي زال اداڪارا ۽ ماڊل طوبا انور نون پرڻيل جوڙن کي اهم مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. ويب شو ۾ شرڪت دوران ميزبان جي سوالن جا جواب ڏيندي طوبا انور جو چوڻ هو تھ نوجوان پرڻيل جوڙا مسئلو ٿيڻ جي صورت ۾ ٿراپسٽ وٽ وڃي مدد وٺن. هن چيو تھ ٿراپي کي پراڻي دور ۾ خراب سمجهيو ويو، ان سان شادي ڪامياب ٿي ويندي. هن چيو تھ شادي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سدائين عورت کي سمهجوتو ڪرڻ جو چيو ويندو آهي ۽ اڪثر ماڻهو ائين ئي سمجهندا آهن، پر مان اهڙي راءِ جي حمايت ۾ ناهيان، منهنجي سوچ ڌار آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button