سنڌ ۾ هن وقت ڪجهه ضلعا اهڙا آهن، جتي اغوائن جي وارداتن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ اچي رهي آهي. ان سان هڪ پاسي ته عوام کي عدم تحفظ جو احساس ٿي رهيو آهي، ٻئي پاسي ڏوهاري سرگرميون هجڻ سبب معمول واري زندگي سخت متاثر پڻ ٿي رهي آهي. ڪنڌڪوٽ ۾ هن وقت تائين 30 ڄڻا اغوا ڄاڻايا ويا آهن، جن جي زندگي نه رڳو اڃا تائين داءُ تي لڳل آهي پر اهي ان ڳالهه تي به پريشان آهن ته اهي پنهنجن مٽن مائٽن ڏانهن واپس به وڃي سگهندا يا نه. سنڌ ۾ اغوا هڪ صنعت جو درجو اختيار ڪري وئي آهي. عام ماڻهو جيڪو سک ۽ امن سان رهڻ چاهي ٿو، اهو ڌاڙيلن وٽ قيد لڳو پيو آهي. پوليس نه رڳو ڌاڙيلن خلاف ڪارروايون ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي پر اها انهن آڏو بيوس پڻ نظر اچي ٿي. ڪالهه جيڪا رپورٽ ڪنڌڪوٽ جي حوالي سان شايع ٿي آهي، ان رپورٽ مان ائين لڳي رهيو آهي ته ڪنڌڪوٽ جا ماڻهو ڌاڙيلن جي نشاني تي آهن. انهن جي زندگي ڪهڙي ريت گذري رهي هوندي، ان جو اندازو روز اغوائن جون وارداتون ٿيڻ کان پوءِ لڳائي سگهجي ٿو. تنهنڪري هي معاملو رڳو ڪنڌڪوٽ جو ڪونهي پر سڄي سنڌ ۾ صورتحال بنهه گهڻي خراب ٿي چڪي آهي. سنڌ ۾ وڌندڙ بدامنيءَ مان ائين ٿو لڳي ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هتي موجود ئي نه هجن ۽ نه ئي انهن جي سنڌ ۾ ڪا هلندي آهي. جيڪڏهن پوليس به شهرين کي ڌاڙيلن کان تحفظ فراهم نٿي ڪري سگهي ته پوءِ شهري ڪنهن ڏانهن دانهن کڻي ويندا.
ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل ست معصوم ٻارڙن سميت 30 کان وڌيڪ مغوي ڏوھارين وٽ قيد هجڻ باوجود پوليس ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي. ڪنڌڪوٽ اغوا انڊسٽري بڻيل آهي، بازيابي ۽ اغوا جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي. گذريل ڏينهن راجن پور واسي پورھيت ٿاڌل وڪرو ڪندڙ محمد اقبال کي زخمي ڪري معصوم 12 ورھين جي پٽ عرفان علي کي اغوا ڪري سر عام انڊس ھاءِ وي تي واردات ڪري ھليا ويا پر پوليس ڪجهه نه ڪري سگهي. پوليس ڄڻ ضلعو ڏوھارين جي حوالي ڪري ڇڏيو. ڏوھاري مغوين جي وارثن سان رابطو ڪري مختلف طريقي سان ڌمڪيون ڏيئي ڀنگ وصول ڪن ٿا، ڀنگ ڀرڻ کان پوءِ بازياب ٿيلن سان پوليس فقط فوٽو سيشن تائين محدود آهي. مکي جڳديش ڪمار ۽ جئديپ ڪمار جي واقعي تي ڀرپور آواز اٿاريو ويو پر وس وارن ڪو ڌيان نه ڏنو آهي، جنهن ڪري ضلعي ۾ رھندڙ اقليتي برادريءَ ۾ خوف حراس پکڙيل آهي ۽ وڏي پئماني تي هندن جو ضلعي ۽ ڌرتيءَ مان لڏپلاڻ جون تياريون شروع ٿي ويون. جيڪڏهن ڪوبه خاندان سنڌ مان ان ڪري لڏپلاڻ ڪري وڃي ته کيس ڪو تحفظ حاصل ڪونهي ته پوءِ پوليس کاتي کي ختم ٿيڻ گهرجي. جيڪو آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڌاڙيلن کي قابو ڪرڻ لائق ڪونهي. سنڌ حڪومت کي ان اهم مسئلي ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي ته ڇا ان جي رٽ کي ڌاڙيل چيلينج نه ڪري رهيا آهن. ائين ٿو لڳي سنڌ حڪومت جي ڪا رٽ سنڌ ۾ موجود ڪونهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي امن امان کي تباهه ڪندڙ ۽ سنڌ جي شهرين کي بندوق جي زور تي اغوا ڪندڙ ڌاڙيلن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ جو امن بحال ٿي سگهي.