پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا سونيا حسين انڪشاف ڪيو آهي تھ سندس فلم ٽچ بٽن جا منظر ڊليٽ ڪرڻ سبب سٺي نھ رهي، ڇاڪاڻ تھ ان جي ڪهاڻي تمام گهڻي متاثر ٿي هئي. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت دوران سوالن جا جواب ڏيندي سونيا حسين ٻڌايو تھ فلم دير جو شڪار ٿيڻ بعد ان جا منظر ختم ڪيا ويا، ان هوندي بھ سٺو ڪمايو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سونيا حسين جو چوڻ هو تھ مان پريانڪا چوپڙا جي هم شڪل آهيان، تنهنڪري سندس جاڙي ڀيڻ جو ڪردار ڪري سگهان ٿي، اهڙي آڇ ٿي تھ ضرور قبول ڪنديس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close