ڪارونجهر جي نيلاميءَ واري اشتهار تي ٿيل احتجاج سبب پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت اخبارن ۾ جاري ٿيل ٽينڊرنوٽيس ته واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي پر سنڌ جي ماڻهن جي دل ان عمل تي ٿڌي نه ٿي آهي. ڇو ته سنڌ جا ماڻهو اهڙي عمل کي صرف هڪ اهڙو ردعمل سمجهن ٿا، جنهن کي ڪنهن به وقت واپس ورائي سگهجي ٿو. اهوئي سبب آهي ته هن مهل سوشل ميڊيا تي اهو شور متل آهي ته اهڙا نيلاميءَ جا اشتهار واپس وٺڻ بدران ڪارونجهر جبل کي قانوني طور تحفظ ڏيڻ جو سرڪاري فيصلو ڪيو وڃي.
سنڌ ۾ هن مهل جيڪو ماحول متل آهي، ان تي هڪ نظر وجهي اهو به سمجهي سگهجي ٿو ته پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار اهڙو فيصلو به ڪري سگهي ٿي پر اها پنهنجي اهڙي فيصلي تي قائم رهي؟ ان جي پڪ ته پاڻ پ پ به ڏئي نه ٿي سگهي. ان حوالي سان اصل مسئلو ڪارونجهر جو ناهي. اصل مسئلو ان اعتماد جو آهي، جيڪو سنڌ جو عوام حڪمران ڌر مٿان بنهه نه ٿو ڪري. اهو اعتماد ڪنهن وقت تمام گهڻو پڪو ۽ پختو هو. جڏهن ملڪ جي مٿان جنرل ضياءَ مارشل لا مڙهي هئي ۽ سنڌ ان نظام خلاف سڀ کان وڌيڪ بهادريءَ سان سينو ساهي اڳيان آئي هئي ته اهڙي عمل جي سنڌ کي تمام گهڻي سزا به ملي هئي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ڊپريسيڊ ڪرڻ ۽ انهن جي همتن کي ختم ڪرڻ لاءِ جنرل ضياءَ تمام گهڻو تشدد ڪيو هو پر سنڌ ۾ ان مهل عوام جو تمام وڏو انگ سياسي شعور گهٽ هجڻ جي باوجود به ان پيپلز پارٽيءَ سان بيٺو رهيو، جنهن جي قيادت ان وقت جلاوطن هئي. جڏهن جلاوطن قيادت کي به اهو يقين هجي ته سنڌ جو عوام انهن سان ڪڏهن به ويساهه گهاتي نه ڪندو ته پوءِ آخر اهو ڪهڙو سبب هو جو پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن جي ان اعتماد کي ڀڃي ڀوري ڇڏيو؟
ملڪ جي سياست جو اهو وقت ڪنهن کان به نه وسريو آهي، جڏهن پوري پاڪستان ۾ پيپلز پارٽي اها واحد پارٽي هئي، جنهن کي نه رڳو جمهوريت پر ملڪ جي تحفظ جي علامت به سمجهيو ويندو هو پر پوءِ اهڙو وقت به آيو جو پيپلز پارٽيءَ جو نالو ٻڌي سنڌي ماڻهن کي هڪ طرح جو عدم تحفظ محسوس ٿيڻ لڳو. سنڌ جا ماڻهو هن مهل سياسي طور ان ماحول ۾ رهن ٿا، جنهن ماحول ۾ پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ جي ماڻهن جي احساسن ۽ جذبن جي ڪا پرواهه ناهي. جيڪڏهن هجي ها ته ڇا سنڌ جي ماڻهن جي مٿان پيپلز پارٽي اهو جذباتي حملو ڪري ها، جيڪو کيس ڪجهه ڪلاڪن ۾ واپس وٺڻو پيو آهي.
ڪارونجهر جبل جي وجود خلاف ڪارروائي تمام گهڻي وقت کان وٺي نه فقط جاري آهي پر ان کي مڪمل طور سرڪار جو تحفظ به حاصل آهي. جڏهن ته ان حد ۾ ايندڙ ڪجهه ڪامورا ته ڇا پر هڪ جج به ڪارونجهر جي ڪٽائيءَ کي غيرقانوني عمل قرار ڏيڻ جو فيصلو ڏنو هو پر سندس فيصلي کي به عملي طور تسليم نه ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته پارٽي ان سلسلي ۾ “مجبور” آهي.
پيپلز پارٽيءَ جي “مجبوريءَ” کي اشارن جي ٻوليءَ ۾ بيان ڪرڻ وارن کي کپندو هو ته گهٽ ۾ گهٽ هو اهو ته ٻڌائين ها ته آخر اها ڪهڙي مجبوري هئي؟ اها ڪهڙي مجبوري هئي جيڪا ڪالهه تائين ته پيپلز پارٽيءَ کي ٻڌي ويٺي هئي پر سنڌ جي ماڻهن جي احتجاج کي ڏسي اها مجبوري هوا ٿي وئي آهي؟ اها ڪهڙي مجبوري هئي؟ جنهن جي ڪري سالن جا سال ڪارونجهر جبل جي وجود جا ڳپل لاٿا ويا؟ اها ڪهڙي مجبوري هئي، جنهن جي ڪري پيپلز پارٽي ان ماڳ جو تحفظ نه ٿي ڪيو جيڪو سنڌ جي باشعور ماڻهن لاءِ تمام گهڻو حساس ۽ ٿر جي مخصوص جاتيءَ وارن ماڻهن لاءِ انهن جي ڌرم ڪرم سان لاڳاپيل هڪ اهڙو اشو آهي، جنهن جي سلسلي ۾ هو تمام گهڻو جذباتي آهن. ڇو ته ٿر ۾ اهي ماڻهو هن مهل به موجود آهن، جيڪي مورن جي ان ماڳ کي عام جبل نه پر هن ڌرتيءَ جو هڪ اهڙو لقاءُ سمجهندا آهن، جنهن سان عقيدت هجي.
. هن پارٽيءَ کي اها به پڪ آهي ته ٻن ٽن مهينن کان پوءِ ووٽ حاصل ڪري اها ساڳي ڌر وري چوٿون ڀيرو لاڳيتو اقتدار سنڀاليندي، اهڙي ماحول ۾ هن لاءِ ان قسم جا فيصلا تمام گهڻي مصيبت پيدا ڪري سگهن ٿا ۽ هن پاڻ ڏٺو ته اها مصيبت پيدا ٿي. ڇو ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي مٿان سوشل ميڊيا تي جيڪا مهم هلي رهي آهي، ان جي هوندي ڪنهن کي اها همت ٿيندي جو هو ٻاهر اچي سنڌ جي عوام آڏو بيهي سگهي ۽ انهن سوالن جا جواب ڏئي، جيڪي سوال هن وقت سنڌ جي ماڻهن جي سينن ۾ وڏو مانڌاڻ مچائي بيٺا آهن. اهڙن سوالن جو حڪمران ڌر وٽ ڪو به جواب ناهي. ان ڪري حسب روايت هن ڀيري به پيپلز پارٽيءَ پنهنجي خلاف هلندڙ سخت تنقيدي طوفان دوران پنهنجو منهن اٺ پکيءَ وانگر خاموشيءَ جي واريءَ ۾ ڇپائي ڇڏيو آهي ۽ پوري دنيا کي اهو محسوس ڪرائي رهي آهي ته هن جو ان عمل سان ڪو واسطو ئي نه آهي. جيڪڏهن واسطو نه آهي ته پوءِ آخر اهو ڪهڙو سبب آهي، جنهن جي ڪري حڪومت کي پهرين ڪارونجهر جي نيلاميءَ وارو نوٽيس جاري ڪرڻو پيو ۽ ان کان پوءِ هن کي اهو نوٽيس واپس به وٺڻو پيو. پيپلز پارٽيءَ جي ان عمل هن جي ان سياسي ساک کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، جيڪا اڳواٽ ئي تمام گهڻي ڪمزور ٿي چڪي آهي. ڇو ته هن جو ڌيان فقط پنهنجي اقتدار کي هلائڻ آهي. هن وٽ اهڙي ڪا به سوچ ناهي، جنهن کي عملي طور اپنائي هوءَ تاريخ ۾ پنهنجي حيثيت حاصل ڪري سگهي. هڪ وقت اهڙو هو، جنهن وقت ۾ پيپلز پارٽيءَ کي تاريخ جي تناظر ۾ ڏٺو ويندو هو پر هاڻي پيپلز پارٽي تاريخ ساز نه تاريخ ناس ڪندڙ قوت سمجهي وڃي ٿي. پنهنجي ساک کي ان حد تائين نقصان پهچائڻ جو سبب هن پارٽيءَ جو عوامي امنگن کي نه سمجهڻ ۽ پنهنجي عوام جي قوت نه بڻجڻ واري ان فيصلي ۾ لڪل آهي، جيڪو هاڻي پيپلز پارٽيءَ جي سڃاڻ بڻجي چڪو آهي. اهڙي عمل سبب پيپلز پارٽيءَ جا سياسي بنياد ايترا ته ڪمزور ٿي ويا آهن جو اها ڪڏهن تحريڪ انصاف ته ڪڏهن نواز ليگ پاران سنڌ ۾ اچي چونڊن ۾ مقابلي ڪرڻ واري تياري ڪرڻ کان سخت خوف محسوس ڪري ٿي. جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ کي ايتري گهڻي وقت کان وٺي اقتدار حاصل آهي ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ جي سلسلي ۾ هن جي آڏو ڪا رڪاوٽ ناهي ته پوءِ هن جو اهو خدشو ڇو آهي ته هوءَ ڪنهن به سياسي مخالف جو جمهوري ميدان تي مقابلو نه ڪري سگهندي؟
پيپلز پارٽيءَ جو اهو خوف غلط ناهي. اهو حقيقي آهي. پيپلز پارٽيءَ کي معلوم آهي ته هن جي اهڙي ڪارڪردگي نه رهي آهي، جنهن جي بنياد تي هوءَ پنهنجي مقبوليت مٿان ناز به ڪري سگهي ۽ کيس اعتبار به هجي ته پاڪستان جي ڪا به پارٽي هن کي گهر واري ميدان تي مات ڪري نه ٿي سگهي. پر ڪارونجهر مخالف ۽ ٻٽي نظام وارا فيصلا ٻڌائين ٿا ته سنڌ سرڪار وٽ سياسي سمجهه جي تمام وڏي کوٽ آهي.