ڪهڙُو اهڙُو بحران آهي، جنهن جو ذڪر ميڊيا ۾ نه ٿيندو هجي. ملڪ ۾ اٽي جي بحران کان وٺي گئس، توانائي ۽ دوائن جي بحران تائين ٻيا به ڪيترائي اهڙا بحران آهن، جن کي عوام وڏي وقت کان ڀوڳي رهيو آهي. پر عوام مجبوريءَ سبب انهن جو عادي ٿي ويو آهي. عام ماڻهوءَ لاءِ هاڻ زندگي بچائيندڙ دوائون ڪونه آهن. جيڪڏهن اهو ٻن ويلن جي ماني پچائڻ چاهي ٿو ته اٽو 160 رپيا ڪلو ٿو ملي ۽ مهانگائيءَ جي هاڻوڪي دور ۾ عام ماڻهوءَ لاءِ ضرورتون پوريون ڪرڻ ئي ڏکيو ٿي ويو آهي. اهڙي حالت ۾ هو ڪهڙي ريت جي رهيو آهي ۽ پنهنجي زندگيءَ جا معاملا هلائي رهيو آهي، ان کان حڪمران توڙي اشرافيا بي خبر آهي. عمران خان جي حڪومتي دور ۾ جيڪا مهانگائيءَ جي لهر آئي هئي سا اڃا تائين عوام جو پيڇو ڪونه پئي ڇڏي. ڪيترائي ملڪ ڪووڊ کان پوءِ پاڻ کي بحران مان ڪڍي ويا پر پاڪستان هر نئين ڏينهن تي نئين بحران کي ڀليڪار ڪري رهيو آهي. جڏهن ته حڪومت جي اها ذميواري هوندي آهي ته اها عوام کي اهي سڀئي سهولتون فراهم ڪري جيڪي ان لاءِ ضروري آهن. پر هتي ته صورتحال اهڙي لڳي پئي آهي جو عوام لاءِ نه اٽو آهي ۽ نه ئي مريضن لاءِ ڪا دوا آهي. هڪ ڀيرو وري 200 دوائون مهانگيون ڪرڻ جي سمري تيار آهي. جنهن کي يقينن حڪومت جلدي منظور به ڪري وٺندي.
ملڪ ۾ ضروري دوائون دستياب نه هجڻ واري معاملي تي اڳڀرائي ٿي آهي. ان سلسلي ۾ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي ٻڌايو آهي ته عدم دستياب دوائن جي اوليتي بنيادن تي رجسٽريشن ڪئي ويندي ۽ 200 دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي سمري حڪومت کي اماڻي وئي آهي. دل جي مرضن جي ماهرن موجب سڄي ملڪ ۾ هن وقت ڪيتريون ئي ضروري ۽ جان بچائيندڙ دوائون دستياب نه آهن. ملڪ ۾ هن وقت انجيو گرافيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ڊائي جي به کوٽ آهي. ماهرن موجب اصلي دوائن جي عدم موجودگي سبب جعلي ۽ اسمگلڊ دوائون سپلائي ڪيون پيون وڃن. عوام لاءِ جيڪڏهن علاج مهانگو آهي ته ان جو مطلب اهو آهي، حڪومت عوام جي صحت سان ٻڌل ناهي. ان کي ان ڳالهه جو احساس ڪونهي ته عوام ڪيتري مهانگي دوا وٺي ٿو. جڏهن ته انساني جانيون بچائيندڙ دوائون نه رڳو هر وقت دستياب هجڻ گهرجن پر اهي سستيون پڻ هجڻ گهرجن ته جيئن مريض وڏي وقت تائين جي سگهن يا بيماريءَ مان آجا ٿي سگهن.
اسين سمجهون ٿا ته پي ڊي ايم جي هاڻوڪي حڪومت عمران خان حڪومت جي پيرن تي هلندي عوام دشمن فيصلا ڪرڻ ۾ پوري آهي. جيڪڏهن هاڻوڪي حڪومت کي به اهڙا ئي فيصلا ڪرڻا هئا، جيڪي عمران خان ڪري رهيو هو ته پوءِ بهتر هو عمران خان جي حڪومت ئي قائم هجي ها، گهٽ ۾ گهٽ عوام ان دوکي ۾ نه رهي ها ته پي ٽي آءِ جي حڪومت وڃڻ کان پوءِ حالتون بهتر ٿي وينديون. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حياتي بچائيندڙ دوائون هر حال ۾ سپلائي ڪيون وڃن ته جيئن مريضن کي وقت سر دوائون ملي سگهن ۽ حڪومت کي گهرجي ته دوائون مهانگيون ڪرڻ واري سمريءَ کي ترت رد ڪري ڇڏي ته جيئن غريب ماڻهن جي زندگي ڪجهه سولي ٿي سگهي.