ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سکر جي 7 ڪئنالن جو پاڻي پوڇڙي ۾ ڪڏهن پهچندو؟

سکر شهر ۾ ڪجهه اهم اسٽوريز لا وڃڻ ٿيو. سکر شهر به عام شهرن وانگر خوبصورت تڏهن آهي جڏهن ته اتي مستقل رهائش اختيار نه ڪئي وڃي. عام شهرن وانگر هتي به اها ئي غربت، ڪسمپرسي ۽ لاقانونيت هوندي آهي. هتي ڄامشورو جي المنظر جيان لب مهراڻ جي ڪنڌي تي ميلا متل هوندا آهن. ان ئي سنڌو جي وچ ۾ ساڌ ٻيلي جو تاريخي مندر آهي. جتان سنڌو دريا، لينسڊائون پل، ايوب پل جو منظر آساني سان ڏسي سگهجي ٿو. اهو منظر وري شام جي وقت ٻيڙين ۾ ڪجي ته پو پوري دنيا جي دريا، ڍنڍن ۽ ڍورن کي هي دريا بادشاهه پوئتي ڇڏي چڪو هوندو آهي. جيتوڻيڪ ان مندر جي ڀرسان واش روم ٺاهڻ سان دريا جا ڪي خوبصورت منظر نظر به نٿا اچن. رات ٿيندي ئي ڊولفن ڦلڙيون دريا مان مٿي اچي ساهه کڻن ٿيون، مهاڻا ٻڌائين پيا ته اتي اڳ ۾ گهڻيون ڊولفن اينديون هيون. جيڪي آهستي آهستي گهٽجي رهيون آهن. هن دريا مان ست ڪئنال نڪري سنڌ جي مختلف ضلعن جو رخ ڪن ٿا. هڪ ڪئنال کيرٿر ڪئنال به آهي. جيڪو بلوچستان طرف نڪري ٿو. ان جي ڀر مان دادو ۽ رائيس ڪئنال به نڪرن ٿا. ٻئي پاسي واري روهڙي ۽ نارا سميت 4 ڪئنال نڪرن ٿا، جتي 8 کان 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي کنيو وڃي ٿو. اهو پاڻي پوڇڙي تان پهچندي پهچندي غائب ٿي ويندو آهي. ڪئنالن کي ڊزائن ڪندڙ انگريز اڄ حيات هجن ها ته آبپاشي کاتي جي نااهل ڪامورن کي توپن جي سلامي ڏين ٿا. خير دريا سکر ۽ روهڙي کي وڪوڙي بيٺل آهي. روهڙي ۾ تاريخي مندر ۽ مڇي ماني وارو پير به موجود آهي. جن جون مرادون پوريون ٿين ٿيون اهي مڇي ۽ ماني جو نذرانو ڏئي ويندا آهن. جيڪا روهڙي ۾ موجود آهي. جنهن کي لينسڊائون پل تان ڏسي سگهجي ٿو. لينس ڊائون پل جي بحالي لا ها ڪورٽ سکر بينچ فيصلو به ڏئي رکيو آهي. هن پل تي پنڌ هلندڙ ماڻهن لا ڪاٺ جو ٽريڪ به ٺهيل آهي. جيڪو زبون ٿي چڪو آهي. هن پل تان گذرندي هڪ ٻار به دريا ۾ ڪري فوت ٿي ويو هو، جنهن جو لاش ٻن ڏينهن کانپو مليو هو. جيڪا ڪاٺ جي پل 100 سالن تائين بيٺل هئي اتي جڏهن انتظاميه نئون ڪاٺ لڳايو ته ٽٽڻ شروع ٿي ويو. هي 100 سالن تائين جي هڪ تاريخ رکندڙ شاهڪار پل آهي. جيڪا ڪنهن عجوبي کان گهٽ ناهي. هن ئي پل جي سامهون ستين جو آستان آهي، جتي عاليشان نموني جون قبرون ٺهيل آهن. جتان دريا کي ڏسڻ جو نظارو به وڻندڙ هوندو آهي. سکر بئراج جي خوبصورتي ڏيکارڻ لا وري سکر بئراج جي پل وٽ ميوزم به ٺاهيو ويو آهي. جنهن ۾ ست ڪئنالن، سکر بئراج تي ايندڙ لاڳت، انگريز انجنيئرن، لارڊ ۽ ان وقت جي گورنرن جون تصويرون، سندن ڪم کي سنڀالي رکيو ويو آهي. جيتوڻيڪ هن ميوزم ۾ سکر بئراج، لوهه واري تاريخي پل ۾ ڪندڙ مزدورن جي تاريخ گم آهي. جنهن پل ۾ سندن رت ست به شامل هو. چون ٿا ته لينسڊائون پل جي تعمير وقت 6 مزدور، ان بعد 1960 ڌاري ٺاهيل ايوب پل جي تعمير وقت 40 مزدور ڪري فوت ٿي ويا هئا. هن ميوزم کي عام ماڻهن لا بند ڪيو ويو آهي. ٻاهران ايندڙ سياحن يا حڪومتي نمائندن لا کوليو ويندو آهي. سکر بئراج جي 66 دروازن ۽ ست ڪئنالن جي منهن مان هر روز ڪنهن نه ڪنهن شخص يا ٻار جو لاش ملندو آهي. اهي لاش پو نامعلوم ئي هوندا آهن، پوليس به لاوارث ڄاڻائي دفنائي ڇڏيندي آهي. لاش ڪڍندڙ ٽوٻي عبدالنبي ميراڻي سان به ڪچهري ٿي. هن ٻڌايو ته هو هينئر به 2 لاش ڪڍي اچي پيو. هن چيو ته ٻوڏ دوران کين 3 مهينن جي پگهار واري نوڪري ڏني وئي. جنهن بعد پنهنجي مدد تحت ئي لاش ڪڍي پوليس حوالي ڪندا آهيون. هي ٽوٻو 300 لاش ڪڍي چڪو آهي. هن چيو ته لاش ڳولڻ لا سيڪنڊ ۽ منٽن جو ڪم هوندو آهي. پوليس لاش کي پاڻ سان گڏ پاڻي ۾ مٿي کڻي ايندا آهيون. صبح جو جڏهن هي مليو ته مون ڏٺو هو هڪ وڏي ڄمار جي شخص جو لاش کير ٿر ڪئنال مان ڪڍي رهيو هو. لاش جڏهن هن ڪناري تي پهچايو ته اتي هڪ مهاڻو وري ڪپڙا ڌوئي رهيو هو. هن چيو ته اهو سندن روز جو ڪم آهي. ان ڪري ساڳئي وقت ڪپڙا ڌوئڻ کان وٺي مڇي مارڻ تائين جا ڪم به پيا ڪندا آهيون. ائين سکر بئراج کي هڪ تاريخي هنڌ ۾ تبديل ڪرڻ لا ها ڪورٽ سکر حڪم ڏئي رکيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button