پاڪستاني اداڪارا ۽ ميزبان جگن ڪاظم سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ چٿرن بابت ڳالهائيندي ڪاوڙ واري انداز ۾ چيو آهي تھ مون مٿان خاص ڪري اميد واري دوران ٿولهه سبب چٿرون ڪيون ويون. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو دوران جگن ڪاظم ٻڌايو تھ ڏکڻ ايشيا جي ماحول ۾ اسين ننڍپڻ کان ئي چٿرون برداشت ڪندي وڏا ٿيون ٿا، تنهنڪري وڏي عمر ۾ اهڙين ڳالهين تي گهٽ ڏک ٿيندو آهي. هن چيو تھ اسان اداڪار تي جيڪڏهن وزن وڌي تھ تنقيد ٿيندي آهي، پر سنهڙا ٿيون ٿا تھ چٿرون ڪيون وينديون آهن. جگن ڪاظم چيو تھ ڳالهيون ٺاهڻ ماڻهن جو ڪم آهي، اسين پنهنجي ذات ۾ خوش آهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close