پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا سنيتا مارشل چيو آهي تھ مان حسن آن اسڪرين جهيڙا ڪرڻ وارن ڪردارن ۾ نظر اچي رهيا آهيون، پر اسان جي ذاتي زندگي ان کان صفا ڌار آهي. خانگي ٽي وي جي شو ۾ ميزبان جي سوالن جا جواب ڏيندي سنيتا مارشل ٻڌايو تھ مان ۽ حسن حقيقي زندگي ۾ وڙهندا ناهيون، تنهنڪري اسان جي زندگي خوشگوار گذري رهي آهي. هن چيو تھ ڊرامن ۾ جهيڙن وارن ڪردارن جو اثر اسان جي گهريلو زندگي تي نھ پوندو آهي، ڇاڪاڻ تھ اسين گهر اچڻ بعد ڪردارن کي سيٽ تي ڇڏي ايندا آهيون. هن چيو تھ ڊرامي بي بي باجي ۾ مڙس سان ٻيو ڀيرو آن اسڪرين آئي آهيان، سندس ڪردار ۾ رڳو جهيڙا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close