ملڪ ۾ توانائي بحران جي ڪري جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي، اها نه رڳو ملڪي معيشت تي اثرانداز ٿي آهي پر عام ماڻهوءَ جي زندگي به ان سخت متاثر ڪئي آهي. ملڪ ۾ بجلي چوريءَ کان وٺي گئس جي چوري عام جام آهي. بجلي ۽ گئس جي چوريءَ ۾ وڏا وڏا صنعتڪار ملوث آهن پر انهن خلاف حڪومت ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هوندي آهي. وڏا وڏا ٽيڪس لاڳو ڪري غريبن جو رت چوسيو ويندو آهي. تازو ئي بجلي مهانگي ڪئي وئي آهي پر بجلي چوري ڪندڙ غريب غربو ڪونهي. ان جي چوري به وڏا وڏا صنعتڪار ڪن ٿا. تنهنڪري بجلي چوري روڪي ان کي سستو ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ اسان وٽ حڪومت زباني ڪلامي ته گهڻو ڳالهائيندي آهي پر حقيقت ۾ اها عملي طور ڪو به اپاءُ وٺڻ لاءِ تيار ڪونه هوندي آهي. تنهنڪري جيڪي ڪجهه اسين ڏسي رهيا آهيون، ان سبب سڀ کان وڌيڪ غريب عوام ڀوڳي رهيو آهي. اهو ئي عوام جيڪو صنعتڪارن کان وڌيڪ ٽيڪس ڀري ٿو. اهو هر اسم تي ٽيڪس ڀري ٿو ۽ پنهنجي پگهار مان گهر هلائي ٿو يا مزدوري ڪري ٿو پر وڏا وڏا صنعتڪار ۽ اشرافيا ٽيڪس ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه هوندا آهن.
ٻه ڏينهن اڳ وزيراعطم شهباز شريف چيو ته اڳوڻي حڪومت 3 ارب ڊالر 4 سيڪڙو جي شرح سان وڏن وڏن ڪاروباري ماڻهن کي ڏئي ڇڏيا، انهن ٻارڙن ننڍن آبادگارن ۽ ننڍن ڪاروبار ڪندڙن جو خيال ڇو نه رکيو وڃي. ملڪ جي تيز رفتار ترقيءَ لاءِِ اسان کي ان طرف ڌيان ڏيڻو پوندو. وزراعظم چيو ته هن تقريب ۾ اسان کي قومي ٻڌي جو ڀرپور اظهار نظر اچي رهيو آهي، اها ڳالهه تمام سٺي آهي، ملڪ کي ترقي ڏيارڻ لاءِ اسان کي گڏجي ڪوشش ڪرڻي پوندي. پاڪستان ڊيفالٽ جي خطري مان نڪري چڪو آهي، هاڻي اسان کي معاشي ترقي لاءِ سڌارا ڪرڻا آهن ۽ معيشت کي بهتر بنائڻو آهي، معاشي ترقي لاءِ اسان کي بنيادي سڌارا آڻڻا آهن، ملڪ جي ترقي لاءِ ڪرپشن، بجلي ۽ گئس چوري ختم ڪرڻي پوندي، تڏهن پاڪستان هڪ عظيم ملڪ بڻجندو. عرب نيوز ۾ هڪ آرٽيڪل ۾ پڙهيو آهي جنهن ۾ لکيو ويو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي کان پوءِ پاڪستان ۾ اهڙيون حالتون پيدا ٿي رهيون آهن، ملڪ ترقيءَ جي دڳ تي هلڻ وارو آهي. پاڪستاني نوجوان جٽادار وسيلن ۾ به بهترين خدمتون نڀائي رهيا آهن. نوجوانن کي سهولتون ڏئي ئي ملڪ جي ترقي ممڪن آهي، ايس آءِ ايف سي پاڪستان کي ترقيءَ جي منزل تائين وٺي ويندو.
اسين سمجهون ٿا ته رڳو نشاندهي ڪرڻ سان مسئلو حل ڪونه ٿي ويندو پر ان لاءِ ڪارروائي ڪرڻ ضروري آهي. جنهن لاءِ سڀ کان پهرين بجليءَ جي چوريءَ کي روڪڻ ضروري آهي. بجليءَ جي چوريءَ سبب سڄي ملڪ جو ڪاروهنوار متاثر لڳو پيو آهي. جڏهن ته ملڪي ترقيءَ جو چرخو بجليءَ جي لاڳيتي هجڻ کان سواءِ نٿو هلي سگهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪي به ماڻهو بجلي ۽ گئس جي چوريءَ ۾ ملوث آهن، انهن خلاف ترت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن عوام کي بجلي ۽ گئس ملي سگهي ۽ ان کي وڌيڪ پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو نه پوي ۽ نه ئي ڳرا ڳرا بل ڀرڻا پون.